24 منگل , اپریل 2018

نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ اجلاس، ٻڌڻي هيٺ ڪيس جلد اُڪلائڻ جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب جي ڪارڪردگي بابت جائزي وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف ريجنل بيورو ۾ 499 انڪوائريون ۽ 279 انويسٽي گيشن بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران نيب چيئرمين کي ٻڌايو ته هن وقت 1138 بدعنواني جا ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهن، نيب لاهور ۾ 247، نيب ڪراچي 275، خيبرپختونخواهه ۾ 185، بلوچستان ۾ 97، راولپنڊي ۾ 171، ملتان 34 ۽ سکر ۾ 29 ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهن. نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب ريجنل بيوروز ۾ ڪيتريون انڪوائريون ۽ جاچ جاري آهي، ٻڌايو وڃي ته انڪوائريون ۽ جاچ مقرر وقت ۾ ڇو ناهن اُڪلائي وئي؟ نيب چيئرمين هدايت ڪئي ته ڪيسن جي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواستون داخل ڪيون وڃن ۽ بدعنوان عنصرن کي جلد منطقي انجام تائين پهچايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

مريد ڪي(ويب ڊيسڪ) مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے