19 آچر , آگسٽ 2018

نواز شريف ”مائنس ون“ تي راضي ٿي ويو؟

امتياز عالم

سياست جو آسمان به اهڙا اهڙا رنگ ٿو مٽائي جو تجزيا نگار دنگ رهجي ٿا وڃن. شهباز شريف کي ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن جي وزيراعظم جي اميدوار طور اڳيان آڻڻ نواز شريف پنهنجي سياسي مستقبل بابت پاڻ ئي وڏو سوال کڙو ڪري ڇڏيو. ڇا نواز شريف پنهنجي نااهليءَ تي قناعت ڪري چڪو ۽ ”مائنس ون“ فارمولا تي راضي ٿي ويو؟ جي اهڙو ڪجهه ڪنهن ڊيل جي نتيجي ۾ ٿيو آهي ته ڇا باقي سڀ ٽوپي ڊرامو آهي؟ سڀ کان وڏو سوال هي آهي ته هي ڪهڙو ٺاهه آهي، جنهن تي مسلم ليگ جو ٽوڊي گروپ بغل وڄائي رهيو آهي ۽ نواز شريف جي رت جا پياسا وري دهل دماما وڄائي نواز شريف جي سياست مان موڪلاڻيءَ جا ٻول ٻولي رهيا آهن. نواز شريف ته پنهنجي عدالتي برطرفيءَ تي ڪاوڙيل هو ۽ مقتدر حلقن کي چيلينج ڪندي حقيقي اقتدار اعليٰ عوام جي چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪرڻ جي مهم هلائڻ نڪتو هو ۽ شهباز شريف وري ٽڪراءَ جي ان پاليسيءَ جي سرعام مخالفت ڪري رهيو هو. مسلم ليگ ن جا جڳاڙي پنهنجي رهبر جي ان نابريءَ تي ڏڪڻيءَ ۾ هئا پر نواز شريف پنهنجو ڪيس عوام جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ جي ٽي روڊ تي نڪري پيو، اهڙي عوامي پزيرائي ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪنهن اقتدار مان ڪڍيل اڳواڻ کي ملندي آهي، جهڙي نااهل ڪيل وزيراعظم کي ملي. هڪ ڀيرو اڳ به جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جي ڪابينا کان علحدگي اختيار ڪري ”تاشقند معاهدي“ خلاف عوام سان رابطي جي مهم شروع ڪئي هئي ته دنيا ان جي پذيرائيءَ تي دنگ رهجي وئي هئي. تاشقند ڪهاڻي ته ڀٽو صاحب ڪڏهن بيان نه ڪئي پر آمريت ۽ استحصالي نظام خلاف عوامي حڪمرانيءَ لاءِ اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو ڏئي وقتي عوامي حمايت کي زبردست عوامي بنيادن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. نواز شريف به ”مون کي ڇو ڪڍيو ويو“ جي ڪهاڻي پيش ڪئي ۽ ان جي تڪ سندن خلاف ڪيل سازش تي شديد ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو. مسلم ليگ جي روايتي جگاڙين جون ننڊون ته حرام ٿيون پر اهي پنهنجي قائد جي مقبوليت کي ڏسي ٻڏتر ۾ رهجي ويا ته جان جوکم ۾ وجهون يا وري ڪنهن غيبي اشاري جو انتظار ڪريون. ٿوري گهڻي اميد جيڪا 45 ڏينهن کان پوءِ شهباز شريف کي وزارت عظميٰ سونپڻ سان پيدا ٿي به ته راس نه آئي. مسلم ليگ جيڪي ڪڏهن به اهڙي ڪڙي امتحان ۾ بيهڻ وارا نه هئا، سي نواز واري لهر اڳيان بيوس ٿي ويا. پارٽي به نه ٽٽي ۽ نواز شريف کي پارٽي صدارت کان فارغ ڪرڻ جي سازش به ناڪام ٿي.

شهباز شريف ۽ چوڌري نثار جي ٺاهه جي لائين پٽجي وئي ۽ نواز شريف حڪومت ۽ پارٽيءَ تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪري ورتي. هو ايندڙ چونڊن ۾ هڪ پرزور مهم هلائڻ لاءِ سندرا ساهي رهيو هو ته عوام جي عدالت مان فيصلو وٺي ته صورتحال جو پاسو ئي تبديل ڪري ڇڏجي پر ڇا اوچتو هن شهباز شريف کي ايندڙ چونڊن لاءِ مسلم ليگ ن جو وزيراعظم نامزد ڪري ”مائنس ون“ فارمولا تي عمل ناهي ڪيو؟ هاڻي هڪ طرف نواز شريف جي مزاحمتي لائين ۽ ٻئي طرف ٺاهه جي پيامبر شهباز شريف جي وزارت عظميٰ لاءِ نامزدگي ته اهڙو متضاد بيانيو ڪيئن هلي سگهندو؟ گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اهم واقعا رونما ٿيا آهن، هي بلاول ڀٽو ئي هو جنهن جي پرزور موقف سبب پيپلز پارٽيءَ 24هين آئيني ترميم جو بل منظور ڪرائي ايندڙ چونڊن ۽ مارچ ۾ سينيٽ جي چونڊن جي راهه هموار ڪئي ۽ وري ساڳي ڏينهن سينيٽ جي سڄي ايوان جي ڪميٽي اڳيان جنرل قمر جاويد باجوا چئن ڪلاڪن  تائين قومي سلامتي ۽ سول ملٽري لاڳاپن جي ناتي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف جتي پارليامينٽ جي بالادستي، آئين ۽ جمهوريت جي احترام ۽ سلامتي جي معاملن تي پارليامينٽ جي اڳواڻيءَ تي اصرار ڪيو اتي سعودي ايراني امڪاني ٽڪراءَ جو حصو نه ٿيڻ، ڀارت سان ڳالهه ٻولهه جي راهه اختيار ڪرڻ، افغانستان ۾ امن جي قيام ۽ صدر ٽرمپ جي پاڪستان بابت سخت گير پاليسي تي به سينيٽ کي اعتماد ۾ ورتو. هي سڀ ڪجهه ان وقت ٿيو جڏهن هڪ طرف هر پاسي سلامتي لاءِ خطرا لامارا ڏئي رهيا هئا ۽ سول ملٽري لاڳاپن بابت بدگمانين به گهٽ ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿي ورتو. جنرل باجوا جي سينيٽ کي خطاب سان ٻه نياپا ويا. هڪ هي ته چونڊيل ادارا احترام لائق آهن ۽ جمهوري تسلسل جاري رهندو ۽ ٻيو هي ته قومي سلامتي جي معاملن تي سول ۽ فوجي قيادت هڪ صفحي تي اچڻ لاءِ تيار آهن ۽ متحد ٿي موجوده ۽ ايندڙ للڪارن جو مقابلو ڪنديون. ڪاش! ائين هجي ۽ اسان هڪ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ سلامتيءَ جو هڪ اهڙي فارمولي مان ٻاهر نڪري پنهنجي اصل هدف يعني ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ٻه واٽي جي معاشي قوت بڻجي سگهون ۽ خطي ۾  جٽادار امن ڏئي سگهون. اسان مسئلو نه بڻجون پر مسئلو حل ڪيون. اها ئي سوچ نواز شريف جي هئي جنهن کي هلڻ نه ڏنو ويو ۽ ان کان اڳ آصف علي زرداريءَ جي به اها ئي ڪوشش هئي ته پاڙيسرين سان معاملا بگاڙڻ بدران حل ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ جي حديبيا پيپر ملز ۾ فيصلي سان جتي نواز شريف خاندان جي سر تان وڏي بلا ٽري وئي ۽ اسحاق ڊار جي واپسي جا امڪان وڌي ويا آهن، پر عمران خان ۽ نواز شريف جي ڪيسن ۾ مختلف فيصلن جي ڪري انصاف جي افق تان ڌنڌ ختم ئي نه ٿي ٿئي ۽ بابي رحمتي جي ڪهاڻيءَ تي خوب ڪهاڻي ڪڇيون ٿيون وڃن. هاڻي آئين جي شقن 62 ۽ 63 ۽ سپريم ڪورٽ جي آئين جي شق (3) 184 جي بابت ڪجهه ٿئي يا سپريم ڪورٽ جي فل بينچ تشريح ڪري يا وري پارليامينٽ ڪو آئيني رستو ڪڍي هن معاملي جو حل ڪڍي. لڳي ايئن پيو ته حالتون ٿوريون گهڻيون بهتر ٿيون آهن پر خطري جا گهرا ڪڪر اڃا به لامارا ڏئي رهيا آهن ۽ گهڻي پري جي ڳالهه ناهي جو آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ ڪو وڏو بگاڙ اچي جنهن کان نه رڳو پنهنجا پلوَ بچائڻ جي ضرورت آهي پر ملڪ ۾ جاري ڇڪتاڻ به گهٽائڻ گهرجي. اهڙي صورتحال ۾ طاهر القادري صاحب جي هڪ ڀيرو وري آسمان ڦاڙڻ جون ڌمڪيون بي وقتو راڳ لڳي ٿو. فيض آباد واري شرمناڪ ٺاهه کان پوءِ شايد هاڻي ڪنهن ٻئي کي اهڙي مهم جوئي اجازت نه ڏني وڃي جنهن سان مملڪت جو ڪاروبار ئي ٺپ ٿي وڃي.

هاڻي جڏهن چونڊن جي وقت سر ٿيڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي وقت کان اڳ چونڊن ۽ ڊگهي عرصي لاءِ عبوري ٽيڪنوڪريٽ حڪومت واري سازش جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي ته سياي جماعتن جي چونڊ مهم ۾ لهڻ جا دهل به وڄي چڪا آهن.اهڙي صورتحال ۾ نواز شريف جي عوام جي مينڊيٽ سان واپس اچڻ واري عزم تان هٿ کڻڻ مسلم ليگ ن لاءِ هڪ وڏي ڪاپاري ڌڪ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.توڙي جو شهباز شريف کي اڳتي ڪري صلح جو پيغام ڏنو ويو آهي پر جيڪا مهم نواز شريف اقتدار اعليٰ تي چونڊيل وزيراعظم جي حق لاءِ اڳتي وڌائي هئي تنهن جو اينٽي ڪلائيميڪس ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ نواز شريف ئي ته عمران خان جو اصل توڙ هو، شهباز شريف نه. وزار اعظميٰ وٺندي وٺندي پنجاب به مسلم ليگ ن جي هٿن مان نڪري سگهي ٿو، جي ايئن ٿيو ته پنجاب ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ به نه ويندو ۽ هڪ معلق پارليامينٽ ۾ شهباز شريف ۽ نه ئي عمران خان ڪنهن گڏيل حڪومت جا روح روان ٿي سگهندا. مقدر جو سڪندر نه ڄاڻ ڪهڙي پاسي جهڪندو، بهرحال هڪ طاقتور ۽ مقبول وزيراعظم جي چونڊ جي اچڻ جو امڪان ڪافي عرصي تائين ماٺو ٿيندي نظر اچي ٿو. مائنس ون جو اهو ئي نتيجو نڪرڻو هو ته جيڪو مسلم ليگ ن صادر به ڪري ڇڏيو آهي ڇو جو  ان کان علاوه ان کان ٻي ڪا روايت به ناهي، جنهن کان هٽجڻ جي نواز شريف جرئت ڪئي، سو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا واقعي به نواز شريف به مائنس ون تي راضي ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيدن جي شهر جي تباهي جو ذميوار ڪير

 ڪامران چانڊيو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پنهنجو سينو تاڻين وڙهندڙ خيرپورناٿن شاهه جي نوجوانن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے