18 جمعرات , جنوری 2018

سنڌ جي استادن جا مطالبا مڃيا وڃن

مهوش عباسي

استاد جي پيشي کي مقدس ۽ پيغمبري جو پيشو سمجهيو وڃي ٿو، استاد جيڪو قوم ۽ نسل جو معمار آهي، جيڪو پنهنجي رات ڏينهن جي ننڊ ۽ آرام به ملڪ ۽ قوم جي نسلن تي قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي، اسان کي تاريخ ۾ سقراط جهڙي استادن جا مثال ملن ٿا جن پنهنجي قوم کي شعور ڏنو ۽ ملڪ کي ترقي ڏني، پر پاڪستان جي تاريخ ۾ ان معزز طبقي سان جيڪي ناانصافيون ٿيون آهن اهي وقت جو ڪارو باب آهن، جمهوريت ۾ به استادن سان آمريت جهڙو ورتاءُ ٿيندو رهيو آهي.

گذريل ڏينهن جڏهن پاڪستان سميت سموري دنيا ڪرسمس جو خوشيون ملهائي رهي هئي جڏهن پاڪستان جو عوام ۽ سياسي اڳواڻ پنهنجي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم ڏينهن جوش ۽ خروش سان ملهائيندي قوم جي اتحاد، برابري، تعليم ترقي ۽ حقن جون ڳالهيون ڪري رهيا هيا ان وقت ڪراچي ۾ پر امن احتجاج ڪندڙ استادن تي وقت جي حڪمرانن آرڊر جاري ڪري مٿن لٺيون وسايون ويون، جنهن ۾ ڪيترائي استاد زخمي ٿيا. جمهوريت جا دعويدار جيڪي اڄ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ ڏينهن جون تياريون ڪري رهيا آهن جيڪي پاڻ کي سندس پوئلڳ ۽ جمهوريت جا رکوالا سمجھن ٿا انهن کان شايد جمهوريت جو حقيقي مطلب وسري ويو آهي، ڇو ته استادن تي ٿيل تشدد ۽ ساڻن ٿيندڙ بي رحم رويو ڪنهن جمهوري ملڪ جي نشاني نه آهي بلڪه هي سڀ آمريت جي ياد ڏياري رهيو آهي. دنيا جي ترقي يافته توڙي ترقي پذير ملڪن ۾ استادن جو مان مرتبو سڀني طبقن کان مٿانهون هوندو آهي. آمريڪا ۾ تعليمي ادارن جي وڏي اهميت آهي، جو اهي اليڪشن واري ڏينهن به بند نه ٿيندا آهن ۽ تعليمي ادارن سان لاڳاپيل استادن کي وڏو پروٽوڪول ڏنو ويندو آهي. استاد برادريءَ جي سواري ان ملڪ ۾ جتان به لنگهندي آهي روڊ جي ٽريفڪ بيهاري به ان کي رستو ڏنو ويندو آهي. استاد کي گهربل بنيادي سهولت کان به وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون آهن ته جيئن هو تعليم ۽ تحقيق ۾ نت نوان رستا اختيار ڪري پر اسان وٽ استاد پنهنجا بنيادي حق به حاصل نه ڪري سگھيا آهن، استادن سان نا انصافي وارو سلسلو سالن کان جاري آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ ڪا به اهڙي تعليمي پاليسي نه جوڙي ويئي جيڪا استادن جي بهتر مستقبل جي ضامن ان جي سوچ ۽ معيار مطابق هجي. سنڌ جو استاد معاشي ڌٻڻ ۾ غرق هجڻ سبب ڪا چڱي ڪارڪردگي نه ٿو ڏيکاري، ويتر کيس اعلانيل سهولتن کان محروم ڪيو ٿو وڃي. جڏهن هو پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ٿو ڪري ته تعليم دشمن سڏيو ٿو وڃي جڏهن ته تعليم دشمني هاڻي سرڪار جي سرپرستي ۾ ٿيڻ لڳي آهي جو استاد جو معيار بلند ڪرڻ بجاءِ کيس بنيادي حق نه ٿا ڏنا وڃن ته پوءِ ان مان بهترين تدريس جي اميد ڪيئن ٿي ڪئي وڃي.

سنڌ جو تعليمي نظام جيڪو اڳ ۾ ئي مڪمل تباهي جي ور چڙهيل آهي، اسڪولن ۾ ڪي به سهولتون موجود ناهن، ڪٿي اسڪول جي بلڊنگ جو مسئلو موجود آهي ته ڪٿي اسڪول ۾ استادن جي اسٽاف جي کوٽ به اهم مسئلو رهيو آهي اهڙي صورتحال ۾ مٿان وري ميرٽ تي ڀرتي ٿيل اين ٽي ايس پاس استادن کي سنڌ حڪومت طرفان پڪو ڪرڻ بجاءِ مختلف هيلا بهانا هلائي نوڪرين مان ڪڍڻ جا سانباها ڪري رهي آهي جيئن ميرٽ تي آيل نوجوانن مان جان آجي ڪرائي ايندڙ اليڪشن ۾ وڏيرن جا ڇاڙتا ڀرتي ڪري تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي اقتدار حاصل ڪري سگھي، جيڪو عمل يقينن سنڌ جي تعليم لاءِ هڪ وڏو ڌچڪو ثابت ٿيندو ان کان علاوه ڪيترن ئي گهرن جا چلها به وسامي ويندا ۽ هزارين استاد بيروزگار ٿي ويندا، گذريل سال سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جوڙيل ڪميشن آڏو پيش ٿيل رپورٽ موجب سنڌ اندر مجموعي طور تي پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ 42 لک ٻار پڙهن ٿا، 18 هزار 39 اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت موجود نه آهي. رپورٽ ۾ اها به خبر پئي ٿي ته ڪيترا ئي اسڪول مال جا واڙا بڻيل آهن. هڪ اخباري رپورٽ مطابق فقط هڪ عمرڪوٽ ضلعي ۾ 21  سئو اسڪولن مان 217 اسڪول هميشه لاءِ بند پيل آهن، 469 استاد غير حاضر جنهن ۾ 20 استاد مستقل طور تي اسڪول کان غائب رهن ٿا، 258 استاد موڪلن تي آهن ۽ هن ضلعي جي 1314 اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت نه آهي، 1409 اسڪولن کي چوديواري ڏنل نه آهي، 1778 اسڪولن کي بجلي جي سهولت فراهم ٿيل نه آهي. جڏهن ته 1325 اسڪول اهڙا آهن جنهن ۾ واش روم به ٺهيل نه آهن، جڏهن ته اسڪولن اندر وائٽ ڪالر ماڻهن کي سوئيپر طور ڀرتي ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ شرمناڪ عمل آهي. جيڪو معاشرو بدبودار هوندو ان مان بهتري جي ڪهڙي اميد رکي سگھجي ٿي، جڏهن ته رپورٽ موجب 616 اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي، تقريبن 99 سيڪڙو اسڪولن ۾ نه لائبرريون آهن نه وري راند جا ميدان آهن. ڪجهه وقت اڳ اسڪولن کي ملندڙ اسٽيشنري، راندين جو سامان ۽ ٻيون شيون پڻ ڪرپشن جي ور چڙهي ويون آهن، جنهن ۾ هر ضلعي اندر من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏنا ويا جن چند روپين جون ڪاپيون بال پينون ۽ ٿڪل بيٽون استادن حوالي ڪري لکين رپين جي وائوچرن تي صحيون ورتيون ويون آهن.

گزريل سال سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعتراف ڪيو هو ته سنڌ ۾ لڳايل ”تعليمي ايمرجنسي“ جو ڪوبه فائدو نه پيو آهي ۽ 3 هزار اسڪول اڃا تائين بند آهن. اهو به ٻڌايو ويو ته سنڌ جي اسڪولن جون 6 هزار عمارتون خطرناڪ آهن ۽ 55 سيڪڙو ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. ٻارن جي داخلا ۾ ٻه سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ تعليم جي شرح 60 سيڪڙو هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. سنڌ جي اسڪولن جي اهڙي خطرناڪ صورتحال جي ڄاڻ هجڻ باوجود اڄ به سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن جو ماحول بهتر ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي، گذريل هفتي شايع ٿيل رپورٽ ۾ واضع ڪيو ويو ته سنڌ جو تعليمي نظام ملڪ جي سڀني صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي جڏهن ته اسڪولن جي حالت به سنڌ ۾ بد تر ٻڌائي وئي ٻئي پاسي خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي سرڪاري اسڪولن ۽ سرڪاري تعليمي نظام کي بهتر قرار ڏنو ويو آهي. گذريل سال کان سنڌ ۾ استادن لاءِ بايو مئٽرڪ سسٽم به لاڳو ڪندي سندس حاضري کي يقيني بنائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن پر حقيقت ۾ تعليمي نظام صرف استادن جي حاضري سان بهتر نه ٿيندو ان لاءِ اسڪولن توڙي استادن لاءِ هر بنيادي ۽ جائز سهولتون هجڻ تمام ضروري آهي، سموريون سهولتون ۽ استادن کي پنهنجا حق حاصل نه هجڻ جي ڪري اڄ سنڌ جو سرڪاري تعليمي نظام سڀ کان پوئتي آهي.

سنڌ جي استادن مختلف وقتن ۾ پنهنجن حقن خاطر جاکوڙ ڪئي آهي ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، اها جاکوڙ ۽ ان تي ٿيندڙ تشدد ٻين ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ هڪ افسوس جوڳو عمل آهي ڇاڪاڻ ته سڌريل ملڪن ۾ هميشه تعليمي نطام کي بهتر رکڻ حڪومت جي اولين ترجيع هوندي آهي ڇو ته تعليم هر ملڪ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جو مقام رکي ٿي ۽ جنهن ملڪ جو تعليمي نظام سُٺو هوندو اهو ملڪ ترقي ۽ خوشحالي ۾ هميشه اڳڀرو هوندو، ان لاءِ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ ۾ تعليم جي سرشتي کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر رُخ سان ان جي بهتري لاءِ سُٺو عمل جوڙيو وڃي، استادن جا جائز مطالبا مڃيا وڃن کين پنهنجا حق ۽ سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن هو هر پريشاني کان آجا ٿي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ سٺا ليڊر، استاد، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر پيدا ڪري سگھن. حڪومت کي گھرجي ته سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي ڪراچي ۾ گرفتار ڪيل اڳواڻن کي با عزت طور آزاد ڪري سندن مطالبا تسليم ڪيا وڃن جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي تعليم جي بهتري سمايل آهي، ٻي صورت ۾ جنوري 2018 ۾ شروع ٿيندڙ تدريسي عمل سخت متاثر ٿيڻ جا خدشا موجود آهن ۽ رهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج واري سياست آخرڪيستائين..؟

مصطفيٰ  جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے