26 اربع , سيپٽمبر 2018

پاڪستان جي خيرسگالي ۽ ڪلڀوشن

پاڪستان طرفان لڳ ڀڳ ٻه سال اڳ يعني 3 مارچ 2016 تي بلوچستان جي علائقي ماشخيل جي علائقي مان دهشت گرديءَ خلاف ڪارروائيءَ دوران گرفتار ڪيل ڀارتي جاسوس، ڀارتي سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو سان ڪالهه سندس وني ۽ امڙ جي ملاقات ڪرائي وئي.

اها ملاقات اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ۾ ٿي. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ملاقات بابت ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هيءَ ملاقات پاڪستان طرفان نج انساني همدردي ۽ خيرسگاليءَ واري جذبي تحت ڪرائي وئي.هيءَ ملاقات ڪلڀوشن سان سندس وني چيتنيا ۽ سندس امڙ آونتيءَ جي هئي پر ان ۾ ڀارتي سفارتڪار به موجود هيو.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کي ستر سال گذري ويا آهن ۽ انهن ستر سالن ۾ ڏکڻ ايشيا جو امن ان ڪري ٽياس تي ٽنگيل رهيو آهي جو پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا ڪڏهن به معمول موجب ناهن رهيا. ڪنهن جي ڪنهن سان کينس آهي، ڪير ڪنهن جي معاملن ۾ مداخلت ڪري ٿو سو ته پاڪستان جي هٿن مان ڪلڀوشن جي گرفتاري ۽ ان جي ان اعتراف ته هو ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ جو ايجنٽ آهي ۽ کيس پاڪستان ۾ جاسوسي ۽ دهشت گرديءَ جي ڪارروائين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موڪليو ويو هو، جي بيان مان ئي ظاهر ٿي وڃي ٿو.

ننڍي کنڊ ۾ ڏيڍ ارب انسان رهن ٿا ۽ هن خطي ۾ سارڪ جي نالي علائقائي ملڪن جو هڪ فورم به آهي جيڪو فورم هن خطي ۾ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ جي نه هجي ته ايئن ئي اثرائتو ۽ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو جيئن يورپين يونين، پر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ دشمنا پاڙڻ واري پاليسيءَ جي ڪري ڪيتو ٻئي ڪنهن کي نه پر عوام کي ئي ڀوڳڻو پوي ٿو، دنيا ۾ امن سان اڳتي وڌي سگهجي ٿو، ترقي ۽ خوشحالي به امن سان ئي پلئه پئجي سگهي ٿي. جاسوس موڪلي ڪنهن ملڪ ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ دهشت گرديءَ کي هٿي وٺرائڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. امن ترقيءَ ڏانهن وٺي ويندو ۽ دهشت گردي، هڪ ٻئي جي معاملن ۾ مداخلت سواءِ تباهي جي ٻيو ڪجهه به نه ڏيندي.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هونئن ته ڪيئي معاملا حل ٿيڻا آهن پر ٻنهي جي وچ ۾ تڪرار جو بنياد ڪشمير مسئلو آهي، پاڪستان ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ چاهي ٿو ته هيءُ معاملو پاڪستان ۽ ڀارت ۽ ڪشميري ويهي حل ڪن. جڏهن ته ڀارت هن معاملي کي پاڪ-ڀارت ٻه طرفو معاملو سڏي ٿو ۽ ڪشميرين کي، جن جي ڪشمير ڌرتي آهي، تن کي ڀارت ڌر مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي. سو ٻنهي پاسي پنهنجي پنهنجي موقف تي بيٺو رهڻ ۽ ڪا به لچڪ نه ڏيکارڻ جي ڪري ستر سالن کان ڪشمير مسئلو نه ته حل طرف اڳتي وڌيو آهي نه ئي وري پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾ ڪا مثبت بهتري آئي آهي.

ڪلڀوشن جو اعترافي بيان ڀارت لاءِ ۽ دنيا جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هجڻ کپي. جڏهن ته هيءَ هيڏي بي واجبي ٿيڻ ۽ هڪ ملڪ جي ڌرتيءَ تي پنهنجو جاسوس موڪلڻ باوجود به ڀارت وڏي نڪ جي پڪائيءَ سان عالمي عدالت ۾ هيءُ معاملو کڻي ويو.

عالمي برادريءَ کي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ معاملن کي معمول تي آڻڻ ۽ ننڍي کنڊ کي ٽڪراءَ کان بچائڻ لاءِ حقيقتن کي نظر ۾ رکندي تڪرارن جي نبيري لاءِ اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. وچ اوڀر ۾ فلسطين جو معاملو حل نه ٿيڻ ۽ ان ڏانهن دنيا جي لٺ سردار يعني آمريڪا جو ٻٽي معيار وارو رويو، ۽ ساڳي قسم جو رويو ڏکڻ ايشيا ۾ ڪشمير تڪرار ڏانهن هئڻ ڪري هن خطي ۾ دائمي امن جو خواب اڃا سانڀيان ٿي نه سگهيو آهي.ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌڻ جي ڪري نه ته ٻنهي ملڪن ۾ عوام جي سطح تي، نه ئي پارليامينٽيرين جي سطح تي ۽ نه ئي وري رانديگرن جي سطح تي يا فنڪارن ۽ اداڪارن جي سطح تي ڪي لاڳاپا قائم ٿي ۽ اڳتي وڌي سگهيا آهن.

پاڪستان اڄ نه پر ستر جي ڏهاڪي کان وٺي هندستان سان دوستاڻن لاڳاپان جو خواهان آهي پر جڏهن به ان دوستيءَ جو هٿ وڌايو آهي ته ان کي ان جي ڪمزوري سمجهندي ڪا مثبت موٽ ناهي ڏني وئي، ان جي ابتڙ ڀارت جيڪي قدم کنيا آهن تن جو جيئرو جاڳندو ثبوت ڪلڀوشن کي پاڪستان موڪلڻ آهي.اڃا به وقت ناهي ويو ننڍي کنڊ ۾ امن لاءِ ٻنهي ملڪن خاص ڪري ڀارت کي هٺ ۽ ضد وارو رويو ترڪ ڪري حقيقت پسند ٿيڻو پوندو. ٻنهي ملڪن  جي ڏيڍ ارب انسانن مان چاليهه سيڪڙو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گهارين ٿا، ٻنهي ملڪن ۾ ڪيئي علائقا اهڙا آهن جتي جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي اڄ جي جديد دور ۾ به ميسر ناهي، نه ته گهربل سهولتون اٿن، نه ئي صحت ۽ تعليم جون سهولتون، هندستان جي وڏي آبادي ته گهرن کان ۽ حاجت جي هنڌن کان به محروم آهي، ٻئي ملڪ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل هئڻ ڪري بجيٽ جو وڏو حصو دفاع جي مضبوطيءَ تي خرچ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ٻنهي ملڪن ۾ امن جي صورت ۾ غربت جي خاتمي لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو، سو ننڍو کنڊ غربت جي گڏيل دشمن خلاف جامع حڪمت عمليءَ جي ذريعي ئي جٽادار امن ڏانهن وکون وڌائي سگهندو، نه ڪي جاسوس موڪلي کينس ڪرڻ ۽ امن ۾ خلل وجهڻ سان.

اڱارو 26 ڊسمبر 2017ع، 7 ربيع الثاني1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪربلا جو واقعو ۽ حق جي فتح

ڪربلا جو واقعو سموري اسلامي تاريخ ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ عظيم تاريخي واقعي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے