21 اتوار , جنوری 2018

پراڻا آءِ فون ڄاڻي واڻي سست ڪرڻ تي اپيل صارفن جا عدالتن سان رابطا

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) تازو ئي ايپل ڪمپني تصديق ڪئي هئي ته  هن نئين آپريٽنگ سسٽم جي ذريعي پراڻا آءِ فون ڄاڻي واڻي سست ڪيا هئا. ايپل موجب سندس مقصد پراڻن آءِ فونن جي بيٽري جي زندگي طويل ڪرڻ هو تنهن هوندي هاڻ ايپل ڪمپني ڪيسن کي منهن ڏيڻو پيو پوي. آءِ فون بڻائيندڙ ڪمپني ايپل جي صارفن ۽ ٽيڪنالاجي جا ماهر ڪافي عرصي کان ان شڪ جو اظهار ڪري رهيا هئا  ته آءِ فون جا نوان ماڊل جاري ڪرڻ کان پوءِ پراڻا فون سست ڪيا ويا آهن. ان شڪ جو اظهار به ڪيو پيو وڃي ته ايپل جي نون موبائيل فون جي وڪري ۾ واڌ لاءِ ايپل ڪمپني ڄاڻي واڻي پراڻا فون سست ڪري ڇڏيا آهن. ايپل تازو ئي انهن خبرن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته نئين آپريٽنگ سسٽم جي مدد سان ڄاڻي واڻي آءِ فون جا پراڻا ماڊل سست ڪيا ويندا آهن تنهن هوندي ڪمپني پنهنجن انهن قدمن جو جواب ڏيندي اهو به چيو ته ان جو مقصد پراڻن فونن جي بيٽري جي زندگي وڌائڻ آهي. فون ۾ استعمال ڪندڙ ليٿيم آئن بيٽرين جي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي. ايپل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جو مقصد پنهنجي صارفن لاءِ بهترين تجربو ڏيڻ آهي جنهن ۾ ڊيوائسز جي گڏيل ڪارڪردگي ۽ بيٽري جي مدت وڌائڻ به شامل آهي. اپيل جي وضاحت جي باوجود به صارف اهو قبولڻ لاءِ تيار ناهن ۽ ڪيترين ئي آمريڪي رياستن ۾ آءِ فون صارفن ايپل خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ عدالتن سان رابطا ڪيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

موبائيل ايپ اسٽور جي 60 ايپس ۾ فحش تصويرون ڏيکاريندڙ وائرس جو انڪشاف

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سافٽ ويئر ماهرن 60 کان وڌيڪ اهڙين موبائيل ايپس جو انڪشاف ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے