18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سينيٽ جي چيئرمين جو پارٽي ۾ وڏو مقام آ، سڀ عالمي ايشوز تي محتاط رهن: پ پ ترجمان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان چوڌري منظور چيو آهي ته سينيٽ جي چيئرمين جو پارٽي ۾ وڏو مقام آهي، مختلف ايشوز تي هر شخص جو پنهنجو موقف هوندو آهي، تنهن هوندي سڀني کي عالمي ايشوز تي متحاط هئڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان ڀارت سان ڳالهيون چاهيون ٿا، اسان کي ڀارت، اسرائيل ۽ آمريڪا سان الڳ الڳ ڊيل ڪرڻي آهي.  واضع رهي ته گذريل ڏينهن سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني ڇهه ملڪي اسپيڪرن واري ڪانفرنس ۾ خطاب دوران چيو هو ته پاڪستان ڪنهن کان نوٽس نه وٺندو. جنهن کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميڊيا سيل پنهنجو سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي  سندس بيان کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها سندس ذاتي راءِ آهي، هو جڏهن پارٽي جو چيئرمين بڻيو هو تڏهن ئي هن پارٽي ڇڏي ڏني هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلوچستان ۾ 265 فراري هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ 265 فراري هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿي …