24 منگل , اپریل 2018

بي بي جو قاتل پرويز مشرف آهي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته جڏهن به ملڪ ۾ بحران ايندو آهي ته شهيد بينظير ياد ايندي آهي، جن ماڻهن بي بي ڪيس ڪيا، اهي اڄ کيس ياد ڪن ٿا. صحافين سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيي چيو ته جنرل پرويز مشرف جو سياست ۾ ڪو ڪردار ناهي، مان پرويز مشرف کي بي بي جو قاتل سمجهان ٿو، مشرف صاحب توهان ڀڄي ويا آهيو، هاڻ جتي ويٺا آهيو اتي ئي ٺيڪ آهيو. سندس چوڻ هو ته 70 ورهين جي تاريخ ۾ ڪنهن به نوجوانن جي قيادت نه ڪئي، پاڪستان جي حقيقي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري آهي، اسان سنڌ ۾ هر شعبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته نواز شريف کي ادارن سان ويڙهه ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، ڪاش ميان صاحب پاڻ کان هٽي ملڪ ڏانهن ڏسي ها، هاڻ ميان صاحب جي سياست ختم ٿي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

مريد ڪي(ويب ڊيسڪ) مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے