21 اتوار , جنوری 2018

نيوز| سڪرنڊ ۾ راڳي فقير حاڪم جلباڻي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

سڪرنڊ ۾ صوفي راڳي فقير حاڪم جلباڻي زمين تي قبضي خلاف ڇهن ٻارن سميت احتجاج ڪيو ڳوٺ ماڙي جلباڻي جي پورهيت راڳي حاڪم علي جلباڻي پريس ڪلب ۾ ڇهن ٻارن چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين سميت پريس ڪانفرنس ڪندي  دانهيو،  پورهيت جو چوڻ هو ته سندس  جي ڪچي ۾  350 ايڪڙ زمين آهي، جن تي  راڻي خان جلباڻي ۽ امام الدين جلباڻي مقاطعو پورو ٿيڻ بعد قبضو ڪيو آهي،   هن چيو چڱن مٺن ۽ پوليس وٽ دانهڻ باوجود ڪو داد فرياد ناهي ٿيو، دانهڻ تي موت مار جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن   پورهيت حاڪم جلباڻي چيو ته احتجاج ڪرڻ بعد مٿئين ڌر محرم، اربيلو، مهرو ۽ لکانو سان گڏجي منهنجي گهرتي چڙهائي ڪري ٻچڙن کي ٻاهر ڪڍي گهر تي پڻ قبضو ڪري ورتو آهي جنهن بعد آئون دربدر آھيان. پورهيت راڳي  روئندي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند ٻاريهن وڳي وارو نيوز بليٽن 2018-01-21

نقيب الله محسود ڪيس:سموري پوليس ٽيم معطل، رائو انوار جو  نالو اي سي ايل ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے