21 اتوار , جنوری 2018

دنيا جو سڀ کان ننڍڙو ڪرسمس ڪارڊ تيار

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي ماهرن دنيا جو سڀ کان ننڍڙو ڪرسمس ڪارڊ بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، هڪ عام ڊاڪ ٽڪيٽ تي اهڙ  20 ڪروڙ ڪارڊ رکي سگهجن ٿا. ان کي برطانيا جي نيشنل فزيڪل ليبارٽري ( اين پي ايل ) جي ڊاڪٽر ڊيوڊ ڪوڪس سليڪان نائٽريٽ سان بڻايو آهي جنهن تي پلاٽينم جي سنهڙي کل چاڙهي وئي آهي. ان ڪارڊ تي برطاني ماڻهو کي ڏسي سگهجي ٿو جنهن جي هيٺان ” سيزنز گريٽنگز “  لکيو ويو آهي جڏهن ته اهو ڪارڊ کلندو به آهي ۽ ان جي اندر به واڌاين وارو پيغام لکيل آهي. ڊاڪٽر ڊيوڊ ڪوڪس جي ساٿي ڊاڪٽر ڪن مينگارڊ به ان تي ڪم ڪيو اهي ۽ اها ٽيڪنالاجي ٻين به ڪيترن ئي ڪمن لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي. ڊاڪٽر مينگارڊ چيو ته اسان اهڙا اوزار استعمال ڪيا آهن، جيڪي ننڍڙين شين جي ڊگهائي ۽ ويڪر وغيره ماپڻ جي ڪم ايندا آهن. ان ٽيڪنالاجي سان اسان نيون بيٽريون ۽ سيمي ڪنڊڪٽر اوزار بڻائي سگهون ٿا. ان کان سواءِ دنيا جي سڀ کان ننڍڙي ڪرسمس ڪارڊ جي ويڪر 200 مائيڪرو ميٽر ۽ ڊگهائي 209 مائيڪرو ميٽر هئي پر اهو ڪارڊ هن کان به 100 سيڪڙو ننڍڙو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

موبائيل ايپ اسٽور جي 60 ايپس ۾ فحش تصويرون ڏيکاريندڙ وائرس جو انڪشاف

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سافٽ ويئر ماهرن 60 کان وڌيڪ اهڙين موبائيل ايپس جو انڪشاف ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے