16 اڱارو , جنوري 2018

نيوز| پارليامينٽ مضبوط ناھي، ڀٽي کي عالمي سازش تحت شهيد ڪيو ويو: رضا رباني

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آھي ته سينيٽ ۽ پارلياميٽ مضبوط ناھن  جڏھن ادارا آئين تحت ڪم ڪندا ته سينيٽ ۽ پارليامينٽ مضبوط ٿيندو. رضا رباني جو چوڻ هو ته شھيد ڀٽن سان انصاف ڪڏھن ٿيو آھي، مشرف مٿان آئين ٽوڙڻ جو ھلي رھيو ھو، جنهن کي حڪومت ٻاهر موڪلي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته 27 ڊسمبر ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينھن آھي، جنھن ڏينھن تي محترمه کي شهيد ڪيو ويو هو. سينيٽ چيئرمين جو چوڻ هو ته محترمه ملڪ ۾ جمهوريت جي علامت هئي، جنهن آمرن سان مهاڏو اٽڪائي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته شهيد ڀٽي جو قتل عدالتي قتل هو، جنهن جو اڃا تائين کين انصاف نه ملي سگهيو آهي. هن چيو ته ڀٽي خاندان کي عالمي سازش تحت شهيد ڪري ملڪ کي پٺتي ڌڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائيرڊ صفدر سان گڏاحتساب عدالت ۾ پيش

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن ريٽائرڊ صفدر سان گڏ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے