25 سومر , جون 2018

ڪلڀوشن کي همدردي طور ڪٽنب سان ملرايو، ان جاءِ تي ڀارت اسان سان اها رعايت به نه ڪري ها: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت کي ڪلڀوشن ياديو تائين قونصلر تائين پهچ ڏني آهي جيڪڏهن ڀارت اسان جي جاءِ تي هجي ها ته اسان سان اها رعايت به نه ڪري ها. هڪ انٽرويو ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو ڪيس انصاف واري عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۾ هلي رهيو آهي، اسان نٿا چاهيون ته ملاقات جي معاملي ۾ اسان جي ڪيس ۾ ڪا ڪمزور اچي، ڪلڀوشن جي معاملي ۾ رڳو رحم کي رحم سمجهي فيصلو نٿا ڪري سگهون، ڪلڀوشن جي رحم جي اپيل تي پنهنجي مفاد ۽ سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪنداسين. خواجا آصف چيو ته ڪلڀوشن کي پنهنجي گهرواري ۽ ماءُ سان ملاقات جي اجازت رڳو انساني همدردي جي بنياد تي ڏني، ڀارت کي ڪلڀوشن ياديو تائين قونصلر تائين پهچ ڏني وئي تنهن هوندي اسان جي جاءِ تي هو پاڻ هجن ها ته اها رعايت به نه ڪن ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Details of Talal Chaudhry's details are not available, personalized and carved

طلال چوڌري جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا، ذاتي گهر ۽ گاڏي ناهي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ طلال چوڌري جي اثاثن جا تفصيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے