21 پیر , مئی 2018

مشرف، ڪياني ۽ راحيل سٺو ڪم ڪيو، جنرل باجوه بهترين سپهه سالار آهي: عشرت العباد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد چيو آهي ته ڊگهي عرصي تائين سنجيدگي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪيو. اصول بڻائي سياست کي پنهنجي لاءِ نو گو ايريا بڻايو آهي. بلديا ٽائون سانحي ۾ باهه لڳي نه هئي پر لڳائي وئي هئي. منهنجي دور ۾ جيترا آرمي چيف، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جا سربراهه هئا انهن سڀني پنهنجي وقت ۾ سٺو ڪم ڪيو. پرويز مشرف پنهنجي فيصلن ۾ 70 سيڪڙو ڄاڻ ۽ 30 سيڪڙو رسڪ وٺندو آهي. جنرل ڪياني مڪمل سوچ ويچار کان پوءِ ڪو به حتمي فيصلو ڪندا آهن جڏهن ته جنرل راحيل شريف جي دور ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ شروع ڪئي وئي جنهن ۾ کيس بروقت فيصلا ڪرڻ پيا. موجوده آرمي چيف جنرل باجوه سٺو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته آرمي چيف سينيٽ ۾ وڃي بريفنگ به ڏني ۽ هو آئين ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪندو آهي جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ جڏهن رينجرز آپريشن شروع ٿيو ته سمورو ڌيان دهشتگردي تي هو پر بعد ۾ اهي چهرا به سامهون آيا جيڪي سياست جو لباس پائي ڏوهن ۾ ملوث هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The PML-N today responded to the 100-day TTP's post

مسلم ليگ(ن) اڄ پي ٽي آءِ جي 100 ڏينهن واري ايجنڊي جو جواب ڏيندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) اڄ تحريڪ انصاف جي طرفان پيش ڪيل 100 ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے