25 سومر , جون 2018

نيوز: ڇاڇرو: فصلن جوبهتر ملهه نه ملڻ خلاف احتجاج

ڇاڇري ۾ آبادگارن  ۽ هارين پاران فصلن جو مناسب ملهه نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڇاڇري جي مختلف ڳوٺن مٿارو، نيٻاڙو، رتن تڙ، مهڪي جو تڙ، تڙ دوس ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين ممتاز راهمون، بادل سميجو، مهرالدين سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڪڙمين ۽ آبادگارن ميڊيا کي ٻڌايو ته کين واپاري فصلن جو مناسب ملهه نه ڏئي رهيا آهن

 هنن چيو ته کين واپاري ٻج تمام مهانگو ڏين ٿا پر جڏهن گوار، ٻاجهر، موٺ، تر، ۽ ٻين فصل مارڪيٽ ۾ اچن ٿا ته کين مناسب ملهه نٿو ملي.

هنن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته کين فصلن جو مناسب ملهه ڏنو وڃي ته جيئن هو خوشحال ٿي سگهن…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Badah: My motive is to serve poor after winning elections: Asma Abro

منجهند ٻه وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-06-25

*ادارن ۾ رابطن جو فقدان آهي، وزيراعظم بجلي ۽ پاڻي جي مسئلن کي پاڻ ڏسي:چيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے