21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

ٻارن کي روزانو آنو کارائڻ سان انهن جي دماغي نشونما ۾ اضافو ٿيندو آهي:ماهر

واشنٽگن(ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن ته توهان چاهيو ٿا ته توهان جو ٻار دماغي صلاحيت ۾ اڳتي هجي ته ان کي گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن تائين روزانو هڪ آنو ضرور کارايو ڇو ته آني ۾ اهي تمام ضروري جزا موجود هوندا آهن جيڪي ٻار جي دماغي نشونما وڌائڻ ۾ مددگار ثابت هوندا آهن.هن ڳالهه جو انڪشاف واشنگٽن جي ماهرن ڪيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته ٻارن کي روزانو  آنو کارايو وڃي ته ان سان ڪولائن ۽ ڊي ايچ اي جيهڙا اهم غذائي جزن جي ضرورت پوري ٿي ويندي آهي. ۽ ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته  جيڪڏهن ٻارن کي روزانو هڪ آنو کارائو  وڃي ته ان سان ننڍي قد جو رحجان گهٽ ٿي ويندو آهي . ڇو ته آني ۾ فيٽي ايسڊز، پروٽين،ڪولائن،وٽامن،اي ۽ بي  12، سيلينيئم ۽ ٻيا اهم جزا هوندا آهن جيڪي بار جي دماغ تي سٺا اثر   پوندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The disease with the use of vegetables and fruits can be minimized

سبزين ۽ ميون جي استعمال سان سهڪي جي بيماري کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو

پئرس(ويب ڊيسڪ ) جيڪڏهن ڪو شخص ميون ۽ سبزين جو گهڻو استعمال ڪندو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے