23 سومر , جولاءِ 2018

آمريت جي ياد ڏياريندڙ، استادن تي ٿيل تشدد

امير ڀنڀرو

پوري دنيا جي گولي تي سنڌ اها سرزمين آهي،  جتي نياڻين جي عزت  ۽ احترام جو پوري دنيا ۾ مثال ڏنو وڃي ٿو، پوري دنيا ۾ سنڌ اها ڌرتي آهي جنهن ڪن حالتن ۾ ڀلي پنهنجو سڀ ڪجهه وڃايو هجي پر عزت احترام ۽ نياڻين جي لڄ  جا ا هي سڀ ليڪا لتاڙجڻ کان محفوظ ڪندي اهو مثال قائم ڪيو آهي ته جيسيتائين سنڌ جو وجود هوندو انهي وجود سان نياڻين جي لڄ جو وجود به محفوظ ۽ مقبول هوندو پر انهي سنڌ ۾ شايد انهي ڏينهن سنڌ جي انهي تعارف جو به ڪنڌ شرم سان هيٺ ٿي ويو هوندو جڏهن انهن نياڻين مٿان ڪراچيءَ ۾ پنهنجي حق وٺڻ لاءِ ڪيل مظاهري جي ڏوهه ۾ ڏوهارين جهڙو سلوڪ ڪيو ويو، حيرت جي ڳالهه ته اهي نياڻيون اهڙي ئي مهان پيشي ”استاد“ سان لاڳاپيل هيون، جنهن پيشي جو به نياڻين جهڙو مٿاهون مقام آهي،

هڪ سنڌ جي نياڻي هجي ٻيو انهي جو تعارف استاديءَ واري پيشي سان لاڳاپيل هجي منهجي خيال ۾ انهن آڏو ڪو ڏوهاري ذهن به سامهون اچي ويندو ته معافي وٺي واپس هليو ويندو پر ڪراچي پوليس انهن جي تعارف تي به ڪارو ليڪو پائي ڇڏيو، جڏهن ڪراچيءَ ۾ 2014ع کان اين ٽي ايس پاس ماسترياڻين پڪو ڪرڻ ۽ پگهارون ڏيڻ لاءِ احتجاج ڪندي سنڌ سيڪريٽريت ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،  انهي وقت پوليس وحشت جا سڀ ليڪا لتاڙيندي انهن استاد نياڻين کي روڊ تي گهليو هو، انهن کي وارن کان جهلي تشدد جو نشانو بڻايو هو، انهن مٿان ڏنڍا وسايا هئا، انهن جي تذليل ڪئي وئي، جڏهن ته انهن نياڻين کي پوليس جي مرد اهلڪارن روڊن تي گهليو ۽ 80 کان مٿي عورت استادن کي گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪيو ويو هو، هي استادي پيشي سان انهن نياڻين جي ڏک جو داستان آهي، جيڪي حڪومت جي دلاسن جو چار سال انتظار ڪيو کين پڪو نه ڪيو ويو پر حيرت جي اها ڳالهه ته هنن کي پڪي ڪرڻ بجاءِ انهن جو پگهارون به بند ڪيون ويون، هي ماسترياڻيون آهن جن 2014ع  ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪئي هئي ۽ هنن کي ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو هو پر ياد رهي ته انهن استادن سان گڏوگڏ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به استادن کان اين ٽي ايس ٽيسٽيون ورتيون ويون هيون ۽ انهن ٻنهي صوبن  جي استادن کي ڪافي وقت اڳ پڪو به ڪيو ويو آهي پر هي اسان جي سنڌ واحد صوبو آهي  جتي استاد پيشي سان وابسطه انهن استادن جا مسئلا گهٽ ڪرڻ بجاءِ انهن کي ڏينهون ڏينهن مسئلن ۾ ڦاسايو پيو وڃي ٿو،  پوري دنيا ۾ اها راءِ آهي ته جنهن ملڪ يا صوبي جي تعليم بهتر هوندي انهي ملڪ ۽ صوبي جي ترقي سڀ کان تيز ۽ جاندار هوندي پر جنهن صوبي يا ملڪ ۾ استاد مسئلن ۾ ڦاٿل هوندا انهن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ انهن جا مسئلا وڌايا وڃن، انهن جي مسئلن کي غور سان ٻڌڻ ۽ اوليت جي بنيادن تي حل ڪرڻ بجاءِ انهن مٿان لٺين جا وار ڪيا وڃن، انهن استادن کي روڊن تي گهليو وڃي، انهن استادن کي مان ڏيڻ بجاءِ انهن کي جيل ۾ بند ڪيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي تعليم اڳتي ڪيئن ايندي اسان جي تعليم جو ڪريل معيار ڪيئن سڌاري طرف ويندو، جڏهن ته سالن کان سنڌ جو تعليمي حال ڳڻتيءَ جوڳو آهي، سنڌ ۾ تعليمي ايمرجسني هوندي به ايئن پيو لڳي ته ڄڻ تعليم کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي،

تعليم بابت حيرت ڪندڙ حقيقتن جو ٻه ڏينهن اڳ انڪشاف ٿيو هو ته سنڌ جي تعليم بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کان به پوئتي آهي، تازو آيل هڪ ٻي حيران ڪندڙ  رپورٽ ۾ هي به سامهون آيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل 9 سالن دوران تعليم جي بهتري ۽ سڌاري لاءِ 74 ارب خرچ ٿيڻ جي باوجود به سنڌ جا 16517 پرائمري اسڪول بجليءَ جي سهولت کان محروم آهن، 14364 پرائمري اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت نه آهي، 12839 پرائمري اسڪولن ۾ باٿ رومن جي سهولت نه آهي، 12338  پرائمري اسڪول چوديواريءَ کان بغير آهن، هي سنڌ جي صرف پرائمري اسڪولن جو اهو خوف ناڪ آئينو آهي، جنهن ۾ جهاتي پائڻ سان محسوس ٿيندو ته سنڌ جي تعليم جو حال ڪهڙو آهي ۽ سنڌ جي تعليم ڪيتري  پوئتي ٿيندي پئي وڃي، اسان روز حڪمرانن تعليم جي وزير سميت تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کان وٺي ننڍن وڏن آفيسرن جون اهي دعوائون ۽ اهي ڪوششون روز ٻڌون ٿا ته هو تعليم جي واڌاري لاءِ ڪوششن ۾ رات ڏينهن مصروف آهن پر جڏهن اسان تعليم جا انگ اکر ۽ تعليم جي ترقيءَ تي نظر وجهنداسين ته اسان کي نتيجو حيران ڪندڙ نظر ايندو، تعليم ترقيءَ بجاءِ تيزيءَ سان تباهي طرف ويندي نظر ايندي ، جتي صوبي جي تعليم جو اهڙو حال هجي ۽ حڪمران رڳو دعوائن جي نشي ۾ گم هجن، اتي سنڌ جي تعليم جي ايندڙ مستقبل جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جو آئيندو ڪيئن هوندو،  يقينن انهي صوبي ۽ ملڪ جو آئيندو خوف ناڪ ۽ خطرناڪ هوندو، جنهن ۾ تعليم جي ترقيءَ جو ڪو سنجيده عمل نه هوندو، اتي تعليم جي ترقيءَ جو خواب ساڀيان ڪيئن ٿو ٿي سگهي،

جتي استادن لاءِ لٺيون، جيل ۽ تذليل هجي،  شاگردن لاءِ اسڪولن ۾ اهڙو ماحول هجي جتي نه باٿ روم هجي نه چوڌيواري نه استاد هجي نه ڪو اهڙو حڪومتي ماحول جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ته سنڌ جو تعليمي ماحول  بهتر ٿيندو، سنڌ جي تعليمي ماحول جي بهتر هجڻ وارو خواب ڪيئن ساڀيان ٿي سگهندو، جتي تعليم جي بنيادي گهرج استاد ئي سوين مسئلن ۾ ڦاٿل هجن، اهڙي صورتحال ۾ هن ملڪ جو عوام سوچي ٿو ته آخرڪار هن ملڪ جي رياستي ٻٽي معيار جو سفر ڪڏهن پڄاڻيءَ تي پهچندو، جتي ڪراچيءَ ۾ استادي پيشي جهڙي عظيم پيشي سان لاڳاپيل استادن مٿان لٺيون، جيل ۽ تذليل جڏهن ته اسلام آباد ۾ امن سان کيڏندڙ انتهاپسندن  لاءِ حڪومتن جو هٿ جوڙيون اسلام آباد ۾ جڏهن انتهاپسند قوتن مذهبي جنونيت جو مظاهرو ڪندي پوري گاديءَ واري شهر کي 23 ڏينهن بدامنيءَ جي باهه ۾ ساڙيو هو، امن سان کيڏيو هو، سرڪاري ادارن تي حملا ڪيا هئا پر حيرت جي ڳالهه ته حڪمرانن انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ انهن آڏو پاڻ جهڪائي انهن کان معافيون ورتيون هيون، انهن جي سڀني مطالبن کي اکيون بند ڪري تسليم ڪيو هو پر حيرت جي ڳالهه ته ڪراچيءَ ۾ امن پسند استادن جڏهن پنهجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پر امن احتجاج ڪيو ته انهن مٿان لٺيون وسائي انهن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو هو، جتي  رياستن جا اهڙا معيار ۽ ٻٽا قانون هجن اتي امن ۽ انصاف جو ملڻ وارو خواب ساڀيان لاءِ وڏي جدوجهد، جاکوڙ ۽ قربانيون وٺندو آهي، جيڪا اسان جي معاشري جي مهان استادن کي ڏيڻي پوندي جئين اسان جو ايندڙ نسل اهڙن رياستي ٻٽن معيارن کان هميشه لاءِ محفوظ رهي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عام چونڊون ۽ امڪاني نتيجن تي اثرانداز ٿيندڙ ڌريون…!

مراد  پندراڻي 80ع ۽ 90ع واري ڏهاڪي اندر ملڪ اندر عام چونڊون ڪڏهن به آئين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے