22 آچر , جولاءِ 2018

عظيم اڳواڻ قائد اعظم محمد علي جناح !

جاويد احمد چانڊيو

 25 ڊسمبر تاريخ سازيادگار قومي ڏينهن آهي، باني پاڪستان محسن ملت دنيا جي عظيم جاکوڙي اڳواڻ محترم قائد اعظم محمد علي جناح جن جي يوم پيدائش ۽ سالگرهه جو ڏينهن آهي، هر سال معمول مطابق 25 ڊسمبروڏي جوش جذبي عقيدت احترام سان قومي يادگارڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي،25 ڊسمبر1876 ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جو سنڌ ۾ جنم ٿيو، سندس والد جو نالو جناح پوجاهو، جناح پوجا ڪامياب ڪارو باري پيشي سان لاڳاپيل هو،25 ڊسمبرتي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل۽ سرڪاري توڙي نجي طرح هن ڏينهن کي قومي ياگار طور ملهايو ويندو آهي،

ملڪ۾  قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم ڏينهن سرڪاري طور ملهائڻ جو مقصد قائد اعظم محمد علي جناح جي قومي خدمتن جي اعتراف طور کين خراج تحسين پيش ڪرڻ به هوندو آهي، سڄي ملڪ ۾ ان حوالي سان خاص تقريبن جوآغاز شروع ٿيندوآهي،ملڪ جون سياسي سماجي ڌريون ان قومي يادگار ڏينهن تي پنهنجي شيڊول مطابق پروگرام ڪنديون آهن، محترم قائد اعظم محمد علي جناح دنيا جي عظيم اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو، 25 ڊسمبر تي قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي سندس قومي خدمتن جو اعتراف پوري قوم ڪري ٿي، قائد اعظم محمد علي جناح دنيا جو مڃيل عظيم جاکوڙي اڳواڻ آهي، ننڍي کنڊ مسلمانن جي وڏي خوشنصيبي هئي جو قائد اعظم محمد علي جناح جهڙو سچو، هڏ ڏوکي ۽ بهادر عظيم جاکوڙي اڳواڻ کين مليو، جنهن تي قوم کي فخر ۽ وڏو اعزازآهي،

قائد اعظم محمد علي جناح آزاد وطن جي قيام خاطروڏي اڻ ٿڪ جدوجهد ڪئي، وطن جي آزادي ۾ تاريخ ساز شاندارڪردار تاريخ جو سونهري باب آهي،وطن آزادي جي تاريخ ساز جدوجهد تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي،وادي مهراڻ سنڌ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته دنيا جي عظيم اڳواڻ قائد اعظم محمد علي جناح جن جو تعلق به سنڌ سان آهي،۽ سنڌ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته سنڌ ۾ بيشمار وڏن جاکوڙي ڪردارن جو جنم ٿيو، انهن عظيم ڪردارن قومي خدمتن کي فرض سمجهيو ۽ بنافرق جي قوم سان وفا سچائي جو رشتو خوب نڀايو، محسن ملت قائد اعظم محمد علي جناح هڪ ئي وقت ڪيترن خوبين جو مالڪ هو،عالم،ڏاهو، برک دانشور،اديب نالي وارو قانوندان،صحافي،سچوهڏڏوکي مضبوط ارادن جو مالڪ، قول، فعل جوسچو،انصاف، اصول پسند عملي طرح جاکوڙيندڙارڏو نه جهڪڻ نه وڪامڻ واروعوامي ليڊرهو،تاريخ جي گهري مطالعي سان۽ انصاف جي نظر سان ڏسبوته قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي زندگي قوم لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي،بنا فرق جي عوامي خدمت کي زندگي جو حصو بڻائي ورتو هو، بنا ڪنهن لالچ بنا ڪنهن ذاتي مفاد خاطرجدوجهد جاري رکي،قائد اعظم محمد علي جناح قوم تي وڏي احسان مندي آهي،ننڍي کنڊ مسلمانن جون معاشي سياسي سماجي حالتون بهتر نه هيون، انگريز ۽ هندو وڌيڪ طاقت ۾ هئا،برصغير جا مسلمان انهن جي رحم ڪرم تي هئا،ڪنهن به قوم جي غلامي بربادي زوال جي علامت هوندي آهي،آزادي خداجي وڏي نعمت آهي،آزادي وڏين قربانين جي عيوض ملندي آهي،غلامي جي زنجيرن ۾ قيد  ننڍي کنڊ جا مسلمان هئا،

قائد اعظم محمد علي جناح غلامي کي پسند نه ٿي ڪيو، بي سهارا قوم کي سهارو ڏيڻ لاءِ هڪ عظيم ۽ منظم تاريخ ساز جدوجهد جاري رکي نئين تاريخ رقم ڪئي هئي،ِ آزادي،امن،برابري، انصاف ترقي خوشحالي جو نظريوڏيئي ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ نئون سياسي روح ڦوڪيو، وکريل قوم کي ايڪي اتحاد هڪ سياسي پليٽ فارم تي گڏ ڪيو،تاريخ سازجدوجهد ۾ محسن ملت قائد اعظم محمد علي جناح جي بيشمارسچائي ۽ وفادارفدائي ساٿين حق سچ جي قافلي ۾ شموليت ڪري قائد اعظم محمد علي جناح جا هٿ مضبوط ڪيا، ان عظيم جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ نڀايو،انهن بهادر وفادار ساٿين جي قربانين کي به ڪڏهن به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي،ان سچ۽ حقيقت جو ڪڏهن به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان جو بنياد سنڌ کان شروع ٿيندڙ تاريخ ساز جدوجهد قربانين جو ثمر آهي،محسن ملت قائد اعظم محمد علي جناح جن جي سچائي قوم لاءِ تڙپ ۽ تاريخ ساز جدوجهد ۽ جيڪا تاريخ جي سونهري ورقن ۾ محفوظ بڻيل آهي،بر صغير جي مسلمانن جي الڳ وطن جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو، اهڙو عظيم ڪارنامو محسن ملت قائد اعظم محمد علي جناح جو آهي،

وطن جي آزادي جي خواب کي پورو ڪيو، دنيا۾ تسليم ڪيو ويو ته ننڍي کنڊ جي مسلمان عظيم اڳواڻ قائد اعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي ۾ پنهنجي عظيم مقصد حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا،قائد اعظم محمد علي جناح تحريڪ پاڪستان کي عروج ڏياريو،قائد اعظم محمد علي جناح قوم لاءِ درد ۽ تڙپ رکندڙانسان هو،هن پنهنجي ساري زندگي قوم جي بهتري لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، جواني کان پيري تائين ۽ زندگي جي آخري لمحن تائين قوم سان وفا جو ناتو نڀايو، ملڪ ۽ قوم خاطر جدوجهد جاري رکي، ڏينهن رات ۽ مسلسل جدوجهدسان وکريل قوم کي ايڪي ۽ اتحاد ۾ آندو، قائد اعظم محمد علي جناح کي بابا ۽ قوم به سڏيو ويندو آهي، انڊين نيشنل ڪانگريس سان مختلف معاملن تي اختلافن کان پوءِ آل انڊين مسلم ليگ جو بنيادوڌو،آل انڊين مسلم ليگ جو پيغام شهرن ٻهراڙين توڙي جهرجهنگ ۾ پهچايو ويو،محترم قائد اعظم محمد علي جناح جي آواز کي نوجوانن،بذرگن، عورتن شاگردن،هارين ،مزدورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن مان ڏنو،ڏسندي ئي ڏسندي انڊين مسلم ليگ هڪ عوامي طاقت بڻجي هئي،انڊين مسلم ليگ جي شاگرد ونگ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن( ايم، ايس ايف )پاڻ ملهايو، مسلم ليگ عورتن ۾ سياسي شعورڏيڻ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح ڀرپور تاريخي ڪردار ادا ڪيو،قائد اعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ عورتن جو سياسي ڪردار به بي مثال رهيو، مسلم ليگ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هو پاڪستان جي خالق جماعت آهي،قائد اعظم محمد علي جناح ايشياجي بر صغير مسلمانن جو اهواڳواڻ آهي، جنهن قرباني جي شروعات پنهنجي ذات کان ڪئي.

قائد اعظم محمد علي جناح سياسي طرح گهڻو سرگرم رهيو،قائد اعظم محمد علي جناح نوجوانن کي اهو اهم پيغام ڏنو ته هو وڌ ۾ وڌ تعليم ڏانهن لاڙو رکن۽ڇوته تعليم کان سواءِ دنيا ۾ ڪنهن شعبي ترقي جو تصور به ناممڪن نه آهي،جهالت کي ختم ڪرڻ لاءِ ترقي ۾ نوجوانن جو ڪردار اهم هوندو آهي،قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي اربين جي سموري ملڪيت قوم لاءِ وقف ڪري ڇڏي،ذاتي دولت جو وڏو حصو نوجوانن جي تعليم لاءِ وقف ڪرڻ جو مقصد جيئن ترقي خوشحالي جو راهون کلن،نوجوان تعليم جي شعبي ۾ ترقي ڪري ملڪ ۽قوم جي خدمت ڪري سگهن، قائد اعظم محمد علي جناح جو نظريوملڪ۽ عوام جي ترقي خوشحالي جي ضمانت آهي،بدقسمتي سان پاڪستان جي آزادي کان پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح گهڻو وقت زندهه رهي نه سگهيو،هن جي وڇوڙي سان وڏوخال ٿيو جيڪو هن وقت تائين ڀرجي نه سگهيو،قائد اعظم محمد علي جناح جون قومي خدمتون هڪ سچ حقيقت ۽ روشن باب آهن،پوري قوم قائد اعظم محمد علي جناح کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿي،قائد اعظم محمد علي جناح جو ڇڏيل نظريي تي عمل ڪرڻ سان امن، انصاف، ترقي خوشحالي جو باب کلڻ جي ضمانت آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

ووٽ ذريعي تبديلي آڻڻ جو وقت اچي ويو

حيات  تنيو تمام گھڻن وهمن، وسوسن ۽ خدشن جي باوجود اهو چئي سگھجي ٿو ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے