18 جمعرات , جنوری 2018

نيوز : ن ليگ عدليا خلاف سازش ڪري ادارن ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ چاهي ٿي: خورشيد شاهه

مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته مريم نواز ڪڏهن به پنجاب جي وزيراعليٰ نٿي بڻجي سگهي.

خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ن ليگ جي ڪجهه ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي استعيفائين سان ڪو به فرق نٿو پوي.

سندس چوڻ هو ته سياست وڏي ظالم آهي، انڪري ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي.

سيد خورشيد جا چوڻ هو ته ماضي ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري پ پ جو مخالف هو تڏهن نواز شريف ساڻس گڏل بيٺل هو، جڏهن اسان طاهر القادري جو ساٿ ڏئي رهيا آهيون ته ميان صاحب مخالفت ڪري رهيو آهي.

هن جو چوڻ هو ته هو ڪراچي ۾ استادن تي پوليس تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.

خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت اين ٽي ايس پاس استان جا مطالبا تسليم ڪري کين مستقل ڪرڻ جو اعلان ڪري.

مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته نيب جو سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڌار ڌار قانون آهي، جنهن سبب سندس ڪردار تي آڱر کڄي رهي آهي.

هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي قانون تحت احتساب ڪري ذميوارن کي سزا ڏني وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

بريڪنگ نيوز : کارادر ۾ دستي بم حملو، هڪ ڄڻو فوت، پنج ڄڻا زخمي

کارادر ۾ دستي بم حملو، هڪ ڄڻو فوت، پنج ڄڻا زخمي دستي بم حملي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے