18 جمعرات , جنوری 2018

نيوز : گهارو: تيز رفتار ويگو گاڏي ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 5 ڄڻا زخمي

گهاري ڀرسان تيز رفتار ويگن ٽائر برسٽ ٿيڻ ڊررائيور جي ضابطي مان نڪري ڪلٽي ٿي وئي، جنهن جي نتجي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 5 زخمي ٿي پيا.

حادثي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال پهچايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار ويگو ڳاڙهي کان ڪرائي پان جو پتو کڻي وڃي رهي هئي، ساڪري روڊ تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب حادثو جو شڪار ٿي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي نتيجي ۾ حق نواز ٿڏي تي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته زخمين ۾ غلام دين، حسن شاهه ، ڪامران رند ۽ ٻيا شامل.

اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته حادثي جي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب ڪراچي جي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-01-17

*شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ميرپور خاص: …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے