22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز : شگر ملز مالڪ امڪاني طور شگر ملون بند ڪرڻ جي شازش ڪري رهيا آهن: آبادگار اڳواڻ

 سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي اڳواڻ نبي بخش سٺيو چيو آهي ته عدالتي حڪم باوجود شوگر ملز مالڪ آبادگارن کي ڪمند جي ڪٽائي بند ڪرڻ ۽ امڪاني طور شوگر ملون بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن.

ٽنڊو محمد خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نبي بخش سٺيو چيو ته عدالت شوگر ملن ۽ آبادگارن وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو فيصلو انصاف تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪيو ويو آهي.

 سندس چوڻ هو ته عدالتي فيصلي باوجود  ٽنڊي محمد خان جي ٽنهي شگر ملن جا مالڪ ٻيهر ملون بند ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.

هن جو چوڻ هو ته عدالت پاران ڏنل مختصر فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شوگر ملز مالڪن عدالتي فيصلو نه مڃيو ته سنڌ جي هر ضلعي جا آبادگار شوگر ملز انتظاميه خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اداري ايم آءِ ٽي ون ۽ ايم آءِ ٽي ٽو ۾ شڪايت ڪندا.

هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته 172 روپين کان گهٽ اگهه ڏيندڙ شوگر ملز مالڪ خلاف به لاڳپيل ضلعي جو سيشن جج قانوني ڪاروائي ڪري 6 مهينن تائين سزا ڏئي سگهي ٿو

هي به ڏسي سگهو ٿا

News: Drib Mehar Shah: Imam Hussain accepted the refusal but did not follow the wrongdoer: Sahel Shah

ڊرٻ ميهر شاهه: امام حسين موٽ قبول ڪيو پر هو ظالم آڏو نھ جهڪيو:بچل شاهه

پي پي اڳواڻ سيد بچل شاهه چيو آهي تھ  ڪربلا جي ميدان ۾ اسلام جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے