21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

ووٽ جو تقدس پائمال ٿيڻ نه ڏبو، 2018ع ۾ اسان ئي ڪامياب ٿينداسين: نواز شريف

لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ ن جو مشن ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻڻ آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز رائيونڊ ۾ مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نواز شريف چيو ته اسان پهريون ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو هاڻي معاشي طور مضبوط ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عوامي ڀلائي جو سفر جاري رکيو ويندو. اسان جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي. هن چيو ته عوام جي مقدس ووٽ جو تقدس پائمال ٿيڻ نه ڏينداسين. ن ليگ اڄ به 2013ع جيان مقبول آهي، 2013ع ۾ شروع ڪيل سڀ ڪم 2018ع ۾ مڪمل ٿي رهيا آهن ۽ 2018ع ۾ به عوام ڪارڪردگي جي بنياد تي اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو. هن چيو ته نواز شريف دلين جي ڌڙڪن ۽ نظريي جو نالو آهي، جيڪو ختم نه ٿو ٿي سگهي. ڪجهه ماڻهو نااهل ڪرائي سمجهن ٿا. ته آئون سياست مان آئوٽ ٿي ويس مخالفن کي غلط فهمي آهي. هن چيو ته شهباز شريف کي وزيراعظم نامزد ڪرڻ تي مطمئن آهيان، ڇاڪاڻ ته اسان جو ويزن هڪ ئي آهي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽنگيل پارليامينٽ بدقسمتي هوندي، پ پ سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو:عمران خان

اسلام آباد/ملتان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٽنگيل پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے