23 آچر , سيپٽمبر 2018

سنڌ پروگريسو ڪاميٽي پاران گنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو گنڀي گم ڪيل سياسي، ڪارڪنن ۽ صحافين جي آزادي لاءِ علامتي بک هڙتال، سنڌ پروگريسيو پارٽي جي اتحادي ڌرين عوامي ورڪرز پارٽي، جئي سنڌ محاذ، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻن بخشل ٿلهو، امان الله شيخ، خالق جوڻيجو، ڪامريڊ اقبال ۽ ڊاڪٽر نثار شاهه شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڄاڻايو ويو ته سياسي ورڪرن کي گم ڪرڻ جو سلسلو هاڻي سنڌ سان گڏو گڏ ملڪ جي ٻين وفاقي وحدتن پنجاب بلوچستان، ۽ خيبر پختون خواهه ۾ به پکڙجي رهيو آهي، ان ڪري اسان نه رڳو سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين جي آزادي جو مطالبو ڪيون ٿا  پر سموري ملڪ گم ڪيل ڪارڪنن ۽ صحافين جي آزادي جو مطالبو ڪيون ٿا، جيڪڏهن ڪوبه سياسي ڪارڪن ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث آهي، ته ان کي ڪورٽن ۾ پيش ڪيو اسان سمجهو ٿا ته هن طرز جو رياستي ڏهڪاءُ ۽ جبر ملڪ ۾ جهموريت ۽ جهموري اصولن جي هلندڙ جدوجهد کي نقصان رسائڻ سان گڏو گڏ انتهاپسندي کي مضبوط ڪندو، اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان اقوامتحده جي انساني حقن بابت پڌرنامي تي صحيح ڪرڻ کان پوءِ ان عمل تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، پر ان جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، انڪري عالمي ادارن کي اپيل ٿا ڪيون ته پاڪستان ۾ اهڙي غير آئيني ۽ غير قانوني صورتحال کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان سرڪار مٿان دٻاءُ وجهن رياست جو فرض هوند آهي ته پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري پر جيڪڏهن انتظاميه به ناڪام ٿيئ ٿي ته عدالتن جو فرض آهي ته شهرين کي ترت انصاف ۾ مدد ڪن اسان هن جدوجهد ۾ شهرين سول سوسائٽي جي ميمبر ۽ ٻين پارٽين جا ٿورائتا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabad

ملڪ ۾ پاڻي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پاڪستان دشمنن جون سازشون ناڪام ٿينديون: چيف جسٽس

چترال (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے