21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

ڪراچي ۾ قبضا مافيا خلاف ڪارروائي تي متحده جو احتجاجي مظاهرو

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙن کي معاوضو ڏيارڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. فاروق ستار چيو آهي ته جن جا گهر ڊاٺا ويا آهن انهن جو ڪهڙو قصور آهي، گهرن جي تعمير ۽ زمين جو پورو معاوضو ڏنو وڃي. ان حوالي سان ڪالهه ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سڏ تي ڪي ڊي اي، لوڪل گورنمينٽ ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سرڪاري زمينن تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ شروع ڪيل آپريشن ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي حق ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي متحده پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار، ميئر وسيم اختر ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ۾ عورتن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي فاروق ستار چيو ته اسان ايترا به ڪمزور ناهيون جيڪڏهن توهان جو ڪو بلڊوزر آيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪائونسلر، ڪارڪن، ايم اين اي ۽ ايم پي اي سڀ توهان سان گڏ بيٺا هوندا.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڪيلو پارليامينٽ وڃي ڇا ڪندس، عوام ٻيا پ پ اميدوار به ڪامياب ڪري: بلاول

چنيوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شاهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے