19 خميس , جولاءِ 2018

ڇاڇري ۾تحريڪ انصاف جو سياسي طاقت جو مظاهرو، ٿر مان ظلم جو خاتمو آڻبو:شاهه محمود قريشي

مٺي/ڇاڇرو (بيورو+ن ع آ) پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين ۽ غوثيه جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم شاهه محمود قريشيءَ چيو آهي ته 2013ع ۾ ملڪ 15 هزار ارب رپين جو قرضي هو اڄ 27 هزار ارب رپين جو قرضي ٿي چڪو آهي، پ پ وارن 8 سئو ارب رپين جي آر او پلانٽن ۾ ڪرپشن ڪئي، پ پ حڪومت جي نااهليءَ سبب ٿر ۾ ٻار مري  رهيا آهن، ملڪ ۾بيروزگاري وڌي 9 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آھي.اهڙو اظهار هن ڇاڇري ۾اسپورٽس گرئونڊ تي ڪوٺايل جلسي کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته هي ٿر جو تاريخي جلسو آھي، جنھن ۾ نه سرڪار آھي نه سرڪاري وسيلا استعمال ٿيا آھن، ٿر سان محبت ۽ عقيدت جو رشتو آھي. جيڪو ڪير به ختم نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پ پ وارا چون ٿا ته منهنجو ٿر سان ڪو به تعلق ناهي، جيڪڏهن منهنجو ٿر سان رشتو نه هو ته پوءِ 2013ع جي اليڪشن ۾ سڄي سنڌ حڪومت خوفزه ٿي مون کي هارائڻ لا حڪومتي مشينري ذريعي پولنگون ڇو ساڙيون؟ مون ايم اين اي جي سيٽ لا ٿر ناهي وسايو پر ٿري عوام جي حقن لا ٿر جو رخ ڪيو.هن چيو ته جيستائين ٿر تي ناانصافين جا پهاڙ ۽ ڪرپشن جو راڄ ختم نه ٿو ٿئي تيستائين ٿر جي عوام لا باربار ايندو رهندس. هن چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي 9 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آھي. جيڪا چار سال اڳ 2 سيڪڙو هئي.هن چيو ته ٿر ۾ ايمبولينس سروس بند آھي. لاش کڻڻ لاءِ ڪرايو ڀرڻو پوي ٿو. هن چيو ته ملڪ هن وقت 27 ارب ڊالرن جو قرضي آھي، ادارا هر سال ھڪ هزار ھڪ سئو ارب جو ملڪ کي نقصان ڏئي رهيا آھن . هن چيو ته اڄ نه ته سڀاڻي سنڌ جو عوام اسان جي انصاف واري ڳالهه ضرور ٻڌندو. اهو وقت ضرور اچڻو آھي، تبديلي اڻٽر آھي جنهن کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. هن چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ تبديلي ايندي، ناانصافي ۽ جبر جو راڄ ھميشه ختم ڪري ھڪ نئون پاڪستان ٺاهينداسين. جلسي کي حليم عادل شيخ. ارباب انور جبار. پير تاج جيلاني. عبدالرزاق راهمون. لال مالهي. ايوب شر. دلاور مالڪاڻي. حاجي قمرالدين راهمون. نزهت پٺاڻ. جئه پرڪاش آڪراڻي. نظام دين راھمون ۽ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڀيل. ڪولهي ۽ ميگهواڙ برادرين جي چڱن مڙسن برادرين سميت پي ٽي آءُ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو05

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزارت عظميٰ لاءِ ماڻهو ماريندڙ شخص ملڪ جو، خير خواهه ناهي: اسفند يار ولي

پشاور(م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر اسفنديار ولي چيو آهي ته جيڪو شخص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے