25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب ۾ڪرپشن ۾ گرفتار جنرل تشدد ڪري قتل، شهزادي طلال کي آزادي جي آڇ

واشنگٽن (م ڊ) سعودي عرب جي اختيارين ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار دنيا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل شهزادي طلال بن وليد کي 6 ارب ڊالر عيوض آزادي جي آڇ ڪئي آهي. آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهزادي طلال بن وليد جي رٿائن جي ماليت 19 ارب ڊالر آهي. هن کي 5 نومبر تي گرفتار ڪيو ويو. شهزادي طلال سميت گرفتار شهزادن ۽ ٻين اهم شخصيتن تي ڪرپشن جا الزام آهن. ٻئي طرف سعودي عرب جي عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ڪيل ميجر جنرل علي بن عبدالله القحطاني کي تشدد ڪري ماريو ويو آهي. قحطاني رائل گارڊ جو عملدار هو، کيس بجلي جو ڪرنٽ هڻي ماريو ويو، لاش جي سڃاڻپ به وارثن کي ڏکي لڳي رهي هئي. اولهه جي ميڊيا موجب سعودي عملدار گرفتار شهزادن تي به تشدد ڪري رهيا آهن.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ۾ وڌيڪ 334 ڄڻا ۽ 210 ڪمپنيون ملوث، انور مجيد جيل اماڻڻ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) ڪوڙن بينڪ اڪائونٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ ڪميٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے