20 خميس , سيپٽمبر 2018

آپي مان نڪتل آمريڪا ۽ پاڪستان جون پاليسيون

آمريڪا جي نائب صدر مائيڪ پينس چتاءُ ڏنو آهي ته پاڪستان دهشتگردن ۽ ڏوهاري عنصرن جي پٺڀرائي جاري رکي ته هو گهڻو ڪجهه پنهنجي هٿان وڃائي سگهي ٿو، ڇو جو ٽرمپ سرڪار آمريڪي فوج کي دهشت گردن ۽ انهن جي ٿاڪن کي ڪٿي به نشانو بڻائڻ جو اختيار ڏئي چڏيو آهي، پوءِ ڀلي اهي ڪٿي به لڪيل ڇو نه هجن.

جمعي ڏهاڙي افغانستان جي پنهنجي اڻ اعلانيا دوري جي موقعي تي بگرام ايئربيس تي آمريڪي فوجين کي خطاب ڪندي هن الزام هنيو ته پاڪستان ڳچ عرصي کان وٺي طالبان ۽ دهشت گردن تنظيمن کي محفوظ پناهه گاهون فراهم ڪندو رهيو آهي، پر هاڻي دهشت گردن کي پناهه ڏيڻ جا ڏينهن گذري ويا. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان کي اڳ ئي نوٽيس ڏئي چڪو آهي ته ان کي دهشت گردن جون محفوظ پناهه گاهون ختم ڪرڻيون پونديون.ان چيو ته جي پاڪستان آمريڪا سان تعاون ڪندو ته کيس گهڻو ڪجهه حاصل ٿيندو پر جي دهشت گردن جي پٺڀرائي جاري رکي ٿو ته ان کي گهڻو ڪجهه پنهنجي هٿن مان وڃائڻو پوندو.

هوڏانهن پاڪستان به آمريڪي نائب صدر جي الزامن ۽ هن جنهن انداز ۾ ڳالهايو آهي تنهن تي سخت رد عمل ۾ اظهار ڪيو آهي ۽ آمريڪا کي واضح ڪيو آهي ته اتحادي ملڪ هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ناهن ڏيندا ۽ نوٽيس انهن کي ڏنو وڃي جيڪي سرحد پار داعش کي پير کوڙڻ جو موقعو فراهم ڪري رهيا آهن.

پاڪستان پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ۽ پاڪستان جي فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي يعني آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور ۽ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوها الڳ الڳ بيانن ۾ توڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آمريڪا الزام تراشيون بند ڪري، الزامن ۾ پوڻ سان نقصان ٿيندو، پاڪستان نه ته وڪري لاءِ موجو د ملڪ آهي نه ئي وري دهشت گردي خلاف جنگ پئسن لاءِ وڙهي رهيو آهي. آمريڪا پاڪستان جي خدشن تي به ڌيان ڌري ۽ پاڪستان توڙي ڀارت ٻنهي سان برابري وارو سلوڪ ڪري.

چوندا آهن ته ”پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب“ سو آمريڪا پاڪستان لاءِ جيڪو لب و لهجو استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن قسم جا حڪم صادر ڪري رهيو آهي تنهن جي جرئت ان کي ان ڪري به پيدا ٿي آهي جو اسان جي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي چٽي نه هئڻ ڪري دنيا جي ملڪن سان سفارتي لاڳاپا جي قائم آهن ته انهن ۾ قطعي به اهو محسوس نه ٿو ٿئي ته اهي خودمختيار برابري جي بنياد تي قائم آهن.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي به لڳ ڀڳ 70 سال پورا ٿيڻ وارا آهن 1949ع ۾ پاڪستان جي تڏهوڪي وزيراعظم لياقت علي خان کي تنهن دور ۾ دنيا اندر سوشل بلاڪ جي سرواڻ يعني سوويت يونين طرفان حڪومتي سربراهه جي حيثيت ۾ ماسڪو جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي هئي پر پاڪستان اها دعوت قبول ڪندي سوويت يونين کي مان ڏيڻ بدران سفارتي چينل استعمال ڪري آمريڪا بهادر کان وزيراعظم لاءِ دوري جي دعوت گهرائي هئي. چوڻ جو مطلب ته هڪ ڌر جيڪا اسان جي خطي ۾ هئي اوڀر ۾ هئي، علائقي جي مهندار هئي، هڪ بلاڪ جي سرواڻ هئي، سا عزت ۽ مان ڏيندي دعوت موڪلي رهي هئي ۽ ٻئي پاسي آمريڪا بهادر هو جيڪو اسان جي خطي کان ڪوهين ڏور به هو ۽ اهو سرمائيدارن جو ۽ جنگجوئن جو لٺ سردار به هو، استحصالي قوتن جو اڳواڻ به هو تنهن کان پاڻ دعوت گهرائي دورو ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو پاڪستان کي اڄ تائين آمريڪا ڪڏهن به پنهنجي برابر نه سمجهو آهي.

دنيا جي گولي تي جيڪي به ملڪ الڳ ۽ آزاد حيثيت ۾ قائم آهن تن جي دنيا سا لاڳاپا رکڻ جي پنهنجي هڪ پاليسي هجي ٿي ۽ ان پاليسي آخر ئي محسوس ٿئي ٿو ته اهي ملڪ واقعي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهن ۽ اهي دنيا جي باقي ملڪن سان به لاڳاپا پنهنجي خودمختياري برقرار رکندي رکن ٿا ته جيئن مٿن نه ته ڪير جرح ڪري سگهي ۽ نه ئي چڙهائي.

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي پر ان وقت جڏهن پاڪستان تي جنرل مشرف جي سربراهي ۾ آمريت قائم هئي ۽ پاڪستان افغان جنگ ۾ آمريڪي جو ساٿ ڏنو هو تنهن وقت به آمريڪي نائب صدر ڊڪ چيني پاڪستان لاءِ چيو هو ته ”پاڪستاني اها قوم آهن جيڪي ڊالرن عيوض پنهنجي ماءُ وڪڻڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا آهن“. سو آمريڪا پاڪستان کي ان ڪري اهڙن توهين آميز لقبن سان نوازيندو ۽ ڌمڪائيندو رهيو آهي جو پاڪستان ان کان امداد وٺندو ۽ ان امداد عيوض انهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ آمريڪا وري ڪم لٿو ڊکڻ وسريو وانگر مفاد پورا ٿيڻ کان پوءِ سڀني الزامن جا ۽ پنهنجي بندوقن جا منهن پاڪستان ڏانهن ئي ڪندو رهيو آهي.

پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي قوت رکندڙ ملڪ آهي، هن ملڪ کي دنيا جي سپر پاور سان يا باقي ملڪن سان لاڳاپا ڪيئن ۽ ڪهري سطح تي قائم رکڻ کپن تنهن لاءِ هڪ آزاد پرڏيهي پاليسيءَ جي ضرورت آهي. اها پرڏيهي پاليسي عوام جي راءِ سان ئي ٺهڻ کپي ۽ عوام جي ته پنهنجي راءِ پنهنجا نمائندا چونڊي اسيمبلين ۾ موڪلي ٿو تنهن ڪري پارليامينٽ عوام جو نمائندا ادارو سڏجي ٿي ۽ عوام جي ان نمائندا اداري کي اختيار هئڻ کپن ته اهو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جا نوان رخ ۽ زاويا به طئي ڪري ۽ ملڪ جي سلامتيءَ جي پاليسي کي به نئون دڳ ڏئي.آمريڪا جيئن ته افغانستان اندر هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ اچي ڦاٿو آهي جو اتان نڪرڻ ان لاءِ محال آهي تنهن ڪري اهو هتان ويندي ويندي هن خطي جي امن کي به ايئن ئي تيلي لڳائي تاراج ڪرڻ گهري ٿو جيئن ان عراق، شام، يمن، مصر، تيونس مطلب ته سڄي وچ اوڀر ۽ ڏور اوڀر کي ڪيو آهي.پاڪستان لاءِ بهتر ٿيندو ته اهو آمريڪي ڀڀڪين ۾ اچڻ بدران پنهنجي گهر اندر نظام سڌارڻ کي ڌيان ڏئي، سٺي ۽ خراب جي چڪر ۾ پوڻ بدران دهشت گرد کي دهشت گرد ۽ قاتل کي انسانيت جو قاتل سمجهندي ان خلاف بنا ڪنهن رک رکاءَ جي هڪ جهڙي ڪارروائي ڪري، ڇو جو دهشت گردي جو خاتمو خود پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، رهي آمريڪا جي ڳالهه ته ان جي چنگل مان به نڪرڻ جي ضرورت آهي.

آچر 24 ڊسمبر 2017ع، 5 ربيع الثاني  1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سرڪار جو ساراهه جوڳو قدم…

سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن کي عمر جي حوالي سان رعايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے