22 پیر , جنوری 2018

نيوز | ملڪ ۾ نئين تڪبندين سان نه ر سمورين جماعتن کي فائدو ٿيندو: فريال ٽالپر

پيپلز پارٽي جي ايم اين اي چيو آھي ته ملڪ ۾ نئين تڪبندين سان نه صرف پيپلزپارٽي کي پر سمورين سياسي جماعتن کي فائدو ٿيندو .

  رتوديرو ۾ اڳوڻي تعلقي ناظم ڊاڪٽر شفقت حسين سومرو ،ايم پي اي سيمي سومرو سان سندس امڙ اڳوڻي ايم اين اي مرحومه آپا رقيا خانم سومرو جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو.

ھن چيو ته ماضي ۾ به سنڌ اندر پ پ خلاف اتحاد ٺھيا ھئا پر انھن کي شڪست نصيب ٿي  ۽ سنڌ جي عوام انھن کي رد ڪري ڇڏيو،

فريال ٽالپر چيو ته پيپلزپارٽي ھر وقت تيار آھي ڀلي سڀاڻي اليڪشن ٿئي اسان تيار آھيون ،سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي ماڻينداسين .

پي پي ايم اين اي  چيو ته سنڌ حڪومت ماڻھن جي خدمت ڪري رھي آھي ،خاص طور عورتن جي حوالي سان سنڌ اندر منصوبا ھلي رھيا آھن

ان موقعي تي پ پ اڳواڻ علي ڪاڪيپوٽو . نديم سومرو .سيد ميھر شاھ . سيد عابد شاھ عبدالخالق عارباڻي،طفيل ساريو جن پڻ موجود ھئا

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن 2018-01-21

*نواز شريف عدالتن خلاف تحريڪ هلائي ججن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي: عمران خان *ايس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے