25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

تنهائي توهان کي شوگر جو مريض ڪري سگهي ٿي: جاچ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ماهرن انڪشاف ڪيو آهي جيڪي ماڻهو تنهائي پسند هوندا آهن وڌيڪ وقت اڪيلي ۾ گذاريندا آهن انهن ۾ ٽائيپ 2 شوگر ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي. جڏهن ته ان کان پهريان جاچ مان خبر پئي هئي ته تنهائي پسند ماڻهو نفسياتي اثرن جو شڪار ٿيندا آهن پر هاڻي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته تنهائي پسند ماڻهن ۾شوگر ۾ سماجي ڪيفت کان واصغ تعلق سامهون آيو آهي. جڏهن ته مختلف سوالنامون جي ذريعي ان ڪيترن ماڻهن جو جائزو ورتو ويو جيڪي سماجي رابطن سميت ملڻ جلڻ  کان محروم هوندا آهن. ان مان اهو ثابت ٿيو ته اهي ماڻهون جن دوستن جو انگ وڌيڪ هو ۽ جيڪي ميل ملاپ جي مقابلي ۾ اڪثر اڪيلا رهندا هئا.انهن ۾ شگر ٽائيپ 2 ۾ مبتلا ٿيڻ جي شرح به وڌيڪ هئي.تنهائي پسند يا اڪيلا پن احساس ۾ مبتلا مردن کي تقريبن 29 سيڪڙو ٽائيپ 2 شگر  ريڪارد ڪئي وئي.ويو جڏهن ته انهن ۾ عورتون جو انگ سڀني کان وڌيڪ نظر ۾ آيو يعني 49 سيڪڙو  عورتون  ٽائيپ 2  جو شڪار ڏٺيو ويون. ڇو ته عورتون جذباتي ۽ سماجي تعلقاتن جي نسبت ۾ مردن کان وڌيڪ حسان هونديون آهن. ۽ اهي جلدي حساس تنهائي جو شڪار ٿي وينديون آهن ان لاءِ هو ٽائيپ 2 شگر ۾ وڌيڪ مبتلا هونديون آهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

شراب پيئڻ سبب هر سال 30 لک ماڻهو مرڻ جو انڪشاف

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے