20 جمعو , جولاءِ 2018

سي پيڪ ملڪ کي بدلائي ڇڏيندو، مراد شاهه هر معاملي تي سهڪار ڪيو: وزيراعظم

ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪ ۾ توانائي جو منظرنامو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ عرب پائيپ لائين ڪمپني لميٽيڊ وائٽ آئل موٽر گيسولين پائيپ لائين پراجيڪٽ نه رڳو تزويراتي اهميت رکندڙ آهي پر پاڪستان جي توانائي جي سلامتي ۾ به ان جو وڏو عمل دخل هوندو، منصوبي سان صارفين کي تمام گهٽ وقت ۾ پيٽروليم مصنوعات جي محفوظ دستيابي ممڪن ٿيندي، منصوبي سان ٽرانسپورٽرن کي ڪنهن قسم جي فڪر جي ضرورت ناهي، ٽرانسپورٽرز اڄ ۽ ايندڙ وقت ۾ به توانائي جي پهچ ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پورٽ قاسم تي پاڪ– عرب پائيپ لائين ڪمپني لميٽيڊ وائٽ آئل موٽر گيسولين پائيپ لائين پراجيڪٽ منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هي منصوبو پارڪو، پس ايس او ۽ شيل جوائنٽ وينچر جي تحت مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي تحت 26 انچ قطر جي 786 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين جي ذريعي ڪراچي جي ويجهو پورٽ قاسم کان مظفرڳڙهه جي ويجهو محمود ڪوٽ تائين پيٽروليم مصنوعات جي پهچ ڪئي ويندي. پائيپ لائين جي رستي ۾ ٽي پمپنگ اسٽيشنز ۽ پورٽ قاسم، شڪارپور ۽ محمود ڪوٽ ۾ ٽرمينل اسٽيشن ٺاهيا ويندا، ان پائيپ لائين جي پهچ واري صلاحيت 80 لک ٽن ساليانو آهي جنهن کي ان کانپوءِ ضرورت موجب هڪ ڪروڙ 20 لک ٽن تائين وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته هڪ اهڙو منصوبو جنهن جي پاڪستان کي ضرورت هئي، جو نه رڳو افتتاح ٿي رهيو آهي پر ان جي ڪم جو آغاز به ٿي چڪو آهي، مون کي پوري اميد آهي ته هي منصوبو 2019ع جي وچ ڌاري مڪمل ٿي ويندو. ان لاءِ ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش آهيون جن تي ضابطو آندو ويو ۽ هاڻي هي منصوبو انشاءُ الله 15 ارب رپين جي لاڳت سان 20 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري ملڪي ترقي جو اهم منصوبو آهي، موجوده حڪومت ترقي جي ثمرن مان فائدو کڻڻ لاءِ توانائي جي منصوبن کي ترجيح ڏني ۽ 10 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي قومي نظام ۾ شامل ڪئي وئي، ان سان گڏوگڏ بجلي جي پهچ ۽ ورڇ جي نظام ۾ به بهتري آندي وئي آهي، هن چيو ته پاڪستان فرنس آئل درآمد نه ڪندو جنهن سان اربين ڊالر جي بچت ٿيندي، هن چيو ته اميد آهي ته قومي ترقي جو هي منصوبو مقرر مدي ۾ مڪمل ٿيندو. وزير اعظم جمعي ڏينهن اسٽيٽ بينڪ جي مرڪزي آفيس ڪراچي ۾ ايس ايم اي فنانس کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي پاليسي جو پڻ افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايس ايم اي فنانس کي هٿي وٺرائڻ جي اها پاليسي پاڪستان ۾ هڪ متحرڪ ايس ايم اي سيڪٽر جي جوڙجڪ ۽ ترقي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي. اسٽيٽ بينڪ جي جاري ڪيل پريس رليز موجب وزيراعظم چيو ته ايس ايم اي فنانس جي ڊي پي اوسر، روزگار جا موقعا وڌائڻ ۽ زندگي جي معيار کي بهتر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ايس ايم اي فنانسنگ کي زور وٺرائڻ جي پاليسي ملڪي روانگي واپار وسيلي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ڪندي معيشت تي به گهرا اثر مرتب ڪندي.  ان کان اڳ آجياڻي واري تقرير ۾ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر طارق باجوه ايس ايم اي فنانسنگ کي زور وٺرائڻ جي پاليسي جي افتتاح لاءِ اسٽيٽ بينڪ آمد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي پڻ ساراهه ڪئي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سان سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پرهن سدائين معاملن تي سهڪار ڪيو آهي.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڪيلو پارليامينٽ وڃي ڇا ڪندس، عوام ٻيا پ پ اميدوار به ڪامياب ڪري: بلاول

چنيوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شاهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے