21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

دنيا جي اڪثريت پاران اسرائيلي پاليسين جي مخالفت

دنيا جي 193 ملڪن تي ٻڌل عالمي فورم ”گڏيل قومن“ جي جنرل اسيمبلي ٽرمپ جون ڌمڪيون نظرانداز ڪندي يروشلم کي اسرائيلي گادي مڃڻ ۽ سفارتخانو کولڻ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. جنرل اسيمبلي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي خلاف 128 ۽ مخالفت ۾ 9 ووٽ پيا، جڏهن ته 35 ميمبر ايوان مان غير حاضر رهيا. جڏهن ته اڪثر ملڪن جنرل اسيمبلي ۾ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ٽرمپ جون ڌمڪيون رد ڪري ڇڏيون.

گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي مليحه لوڌي چيو ته پاڪستان چيو آهي ته ڌمڪين کان ڊڄي فلسطينين جو ساٿ نه ڇڏينداسين. پاڪستان نه پئسن جو بکيو آهي نه آمريڪي ڌمڪين کان ڊڄي ٿو، القدس جي حيثيت ۾ تبديلي برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته آمريڪا مفت ۾ امداد نه ٿو ڏئي. سندس مفاد هوندا آهن. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني هئي ته جنرل اسيمبلي ۾ آمريڪي فيصلي خلاف ووٽنگ ڪندڙن جي امداد ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي.

ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ آمريڪا خلاف ووٽ ڏيندڙ ملڪن جي امداد روڪي ويندي. ٽرمپ گڏيل قومن ۾ مقرر پنهنجي سفير نڪي هيلي کي هدايت ڪئي ته انهن ملڪن جا نالا گڏ ڪيا وڃن جيڪي مخالفت ۾ ووٽ ڏين. ووٽنگ کان پوءِ ٺهراءَ بحال ٿيڻ تي تبصرو ڪندي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي آمريڪي سفير چيو ته بيت المقدس فيصلي خلاف ٺهراءُ سان ڪو فرق نه ٿو پوي.

فلسطين گڏيل قومن ۾ آمريڪي فيصلي خلاف قرارداد جي منظوري کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي انتظاميا کي فيصلي خلاف گڏيل قومن ۾ قرارداد جي حق ۾ ووٽ وجهندڙ ملڪن جي امداد ۾ ڪٽوتي جي ڌمڪي ڏني هئي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاھ چيو آھي ته گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پاڪستان سميت 135 ملڪن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي خلاف ووٽ ڪري فلسطين جي حمايت ڪئي آھي ته اھا ھڪ وڏي فتح آھي ۽ تبديلي آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ پاران امداد بند ڪرڻ واري ڌمڪي جي پرواھ ناھي  نه ئي ڪا ضرورت آھي. پر فلسطين جي حمايت واري فيصلي تان دستبردار نه ٿينداسين. ھن چيو ته پاڪستان اندر آمريڪي سهڪار سان ھلندڙ رٿائن تي ڪو فرق نٿو پئجي سگھي. ڊونلڊ ٽرمپ جي غلط فيصلي آمريڪا تي پڻ اثر ڇڏيا آھن. ٽرمپ جون پاليسيون ۽ طريقا آمريڪا کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري رهيا آهن.

آميريڪي صدر ”مائيڪ پينس“ افغانستان جي اڻ اعلانيل دوري جي موقعي تي بگرام هوائي اڏي تي پاڪستان جي باري ۾ بيان جاري ڪيو آهي، جنهن تي پاڪستان سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. آميريڪي عملدار چيو آهي ته اهي ڏينهن ويا جڏهن پاڪستان کي ڇوٽ ڏني ويندي هئي ۽ اهي دهشتگردن جون پناهون آباد ڪندا هيا. هن چيوته اسان ان جنگ کي پنهنجي شرطن تي کٽڻ چاهيون ٿا، اسان افگھانستان ۾ اچي عوام جي آزاديءَ تائين هتي ئي رهنداسين. اسان دهشتگردن خلاف جاري جنگ کي توڙ تائين پهچائڻ جو پڪو پههُ ڪيو آهي. هن چيو ته هاڻي پاڪستان ٻواٽي تي بيٺل آهي. يا ته اهي اسان سان گڏ بيهن ۽ گهڻو ڪجهه حاصل ڪن يا وري دهشتگردن ۽ ڏوهارين جا ٿاڪ آباد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گهڻو ڪجهه وڃائين. هن صدر ٽرمپ جي اها ڌمڪي پڻ ورجائي ، جنهن ۾ هن چيو هو ته هاڻي آميريڪا پاڪستان ۾ محفوظ ٿاڪن تي ماٺ ڪري نه ويهندو.

آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس جي پاڪستان بابت بيان تي پرڏيهي کاتي جي ترجمان سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اتحادي ملڪ هڪ ٻئي کي چتاءَ نه ڏيندا آهن. پر ساڻ هلندا آهن. ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته اتحادي ملڪ هڪ ٻئي کي چتاءَ ناهن ڏيندا، ڇوته، چتاءَ انهن ملڪن کي ڏبا آهن. جن ملڪن تي منشيات جي پيداوار ۽ ڪرپشن ۾ واڌ جا الزام هوندا آهن. هن چيو ته اهڙا بيان داعش کي ورسائڻ جي برابر آهن. هن چيو ته اصل گهرج امن ۽ مفاهمت تي ڏيان ڏيڻ جي آهي. هن چيو ته آميريڪا جي ”قومي سلامتي پاليسي“ ۾ پاڪستان تي اڻ تصديق ٿيل ڳالهيون چيون ويون آهن. اهي ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف ڪوششن ۽ قربانين جي نفي ڪرڻ جي برابر آهي.

ڏکڻ ايشيا جي اهم ملڪ پاڪستان جي اهميت ان جي جاگرافيءَ جي ڪري به آهي ته ان ۾ موجود وسيلن جي ڪري پڻ. پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ آهي جن سرد جنگ ۽ ان کان پوءِ جا 25 ورهيه آميريڪا جي اتحادي جيئان گذاريا آهن، جنهن کي آميريڪا ڪڏهن به دوست ملڪ جي حيثيت نه ڏني آهي. ايستائين جو ”نائين اليون“ جي واقعي کان پوءِ آميريڪا پاڪستان کان مدد ته سڀني ملڪن کان گهڻي ورتي پر پنهنجي دوستي جي قالب ۾ پاڪستان کي نه رکيو. ويندي ”ناٽو“ فورس ۾ پاڪستان کي ميمبرن جهڙو اتحادي سڏيندو رهيو پر ان کي ڪڏهن به ”ناٽو اتحادي ملڪ“ جو رتبو نه ڏنو.

آميريڪا 1951ع کان وٺي اڄ تائين پاڪستان کان جيڪا به مدد ۽ جيڪو به سهڪار حاصل ڪيو، ان جو بنيادي ٽارگيٽ سوشلسٽ نظام ۽ دنيا جو پهريون سوشلسٽ ملڪ سوويت يونين هيو، جنهن 1989ع ۾ پنهنجو آخري ساهه کنيو.

اها ڳالهه هينئن به سمجهي سگهجي ٿي ته، 1951ع کان 2008ع تائين جا سڄا سارا 57 ورهيه پاڪ آميريڪا دوستي جو هڪ ڊگهو سفر رهيو. ان ۾ پاڪستان کي سماجي ۽ فوجي بنيادن تي ڪيئي مددون ۽ سهڪار ملندو رهيو. آميريڪا دنيا جي انهن ملڪن ۾ موجود رهيو جن پاڪستان جي سمورن ملڪن کان وڌيڪ مدد ڪئي، جنهن جا اثر سماج تي ۽ خاص ڪري ملڪ جي مٿئين طبقي ۽ اسرندڙ مڊل ڪلاس تي پيا. هاڻي ٻئي ملڪ وٿيرڪا ٿي رهيا آهن.

پاڪستان وٽ هڪڙو رويو آهي ”روايتي دوستي“ جو جنهن کي آميريڪي شرطن تي پورو ڪري سگهجي ٿو ۽ ٻيون رستو آهي آميريڪا جي جذباتي مخالفت جو، جنهن ۾ ڪنهن به ”سلطان راهي“ جهڙي ڪردار ادا ڪرڻ جي هروقت گنجائش موجود آهي. هڪڙو ٽيون رستو اهو عالمي رستو به آهي، جيڪو دنيا جا مختلف ملڪ سفارتي طور باقي ملڪن سان جاري رکن ٿا. اهو آهي برابري جي بنياد تي گڏيل احترام وارو رستو. احترام جي ان نگر ۾ پاڪستان کي پڻ اهي عالمي گهرجون پوريون ڪرڻيون پونديون ته جيئن دنيا ۾ پاڪستان جو احترام اڳي کان به وڌيڪ ٿي سگهي.

ڇنڇر 23 ڊسمبر 2017ع، 4 ربيع الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾

جنهن ڪيفيت نصرپور جي هندو نينگر ڪمار کي مايوسي ۽ نراسائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي …