19 اربع , سيپٽمبر 2018

ٽيون رخ | سنڌ ۾ هزارين گهوسٽ مدرسن جو انڪشاف ۽ ڪردار

”عوامي آواز ٽي وي“ جو پروگرام:”ٽيون رخ“. ميزبان: اسد چانڊيو.مهمان: مولانا عزيزالله ٻوهيو: سنڌ ساگر پارٽي اڳواڻ* وارث رضا: سينئر صحافي*ڇا سنڌ ۾ گهوسٽ اسڪولن جيان گهوسٽ مدرسا به ڪرپشن جو وڏو اسڪينڊل آهن؟*ڇا سنڌ ۾ مدرسن جو ڪردار سنڌي سماج کي تباهيءَ طرف وٺي ويندڙ آهي؟*ڇا هاڻي مدرسا پنهنجي تصور جي ابتڙ تعليم ۽ تحقيق بجاءِ جهالت پيا پکيڙين؟*ڇا تصوف جاگيردارن جو پنهنجن مفادن جي بچاءَ لاءِ آندل نظريو هو؟*ڇا صوفي ازم سماجي، سياسي ۽ طبقاتي جدوجهدن جي رستا روڪ آهي؟*ڇا آءِ ايم ايف مدرسن جو نصاب جديد بڻائڻ بجاءِ جيئن جو تيئن رکڻ جو شرط رکيو هو؟*ڇا ٿر ۾ مدرسن جو ڄار وڇائڻ پويان افغان جنگ وارو تصور موجود آهي؟*هر شهر ۾ جديد علم ڏيندڙ ادارا موجود هوندي مدرسن جي ڪا ضرورت رهي ٿي؟

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ۾ رڳو گهوسٽ اسڪول نه پر 10 هزار گوسٽ مدرسا به آهن.ٿر ۾ مذهبي انتهاپسندي انتهائي تيزي سان وڌي رهي آهي.ايپيڪس ڪاميٽي 2015 ۾ سنڌ ۾ 48 مدرسن جو تعلق دهشتگر تنظيمن سان ظاهر ڪيو هو پهرين مدرسن ۾ انسانيت جو درس ڏنو ويندو هو جيڪي هاڻي انسانيت جي خلاف مورچو ثابت ٿيا آهن مدرسن جو بنيادي مقصد مذهبي تعليم ڏيڻ ۽ تحقيق ڪرڻ هو، هاڻي اهي دهشتگردن جي نرسررين طور هلي رهيا آهن. تصوف شروع کان وٺي انسانيت لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيو آهي تصوف بنيادي طور تي انقلاب دشمن نظريو آهي جيڪو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي پيداوار آهي مدرسا اڳي غريب ماڻهو لاءِ يونيورسٽي جو درجو رکندا هئا،پر هاڻي اهي انسان دشمن ۽ جهالت وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن مذهبي انتهاپسندي جي ڪري سنڌ جو سيڪولر سماج تباهي طرف وڃي رهيو آهي اهڙو اظهار سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ ۽ مذهبي عالم عزيزالله ٻوهيو ۽ سينئر صحافي وارث رضا عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ٽيون رخ ۾ ڪيو.عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام ٽيون رخ ۾ سنڌ جي ناليواري مذهبي اڳواڻ مولانا عزيزالله ٻوهيو ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي دور ۾ مدرسن جي تعليم انتهاپسندي جي رستي تي هلي رهي آهي،پهرين مدرسن ۾ رواجي تعليم ڏني ويندي هئي،انسانيت جو درس ڏنو ويندو هو،غريب ماڻهو لاءِ مدرسا يونيورسٽي جو درجو رکندا هئا،پر هاڻي اهي ساڳيا مدرسا انسان دشمن ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.عالمي قوتن کان ڊالرز وٺڻ لاءِ سنڌ ۾ مدرسن جو وڇايل ڄار وڇايو ويو آهي.تصوف شروع کان وٺي انسانيت لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيو آهي تصوف بنيادي طور تي انقلاب دشمن نظريو آهي جيڪو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي پيداوار آهي،سينيئر صحافي وارث رضا چيو ته پهرين مدرسن ۾ تحقيق ٿيندي هئي،پر هاڻي اهو تدريسي عمل ناهي رهيو.جنهن جو سبب پاڪستان جي قيام کانپوءِ رياست تدريسي عمل ۾ تبديلي آندي آهي.جئين ته مدرسن جو بنياد عقيدي تي آهي،جيڪو تدريسي عمل عقيدت تي ٻڌل هوندو اهو نقصان ڪار ثابت ٿيندو، موجوده دور ۾ تعليمي ادارا عقيدي جي بنياد تي نٿا هلي سگهن.سائنسي ايجادن سبب معاشري ۾ تبديلي آئي آهي،جڏهن ته مدرسن جي تعليم غير سائنسي آهي.جيسيتائين سنڌ جو نوجوان تحقيق نه ڪندو تيستائين سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.ايپيڪس ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ به ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويو هو ته سنڌ ۾ 48 مدرسن جو دهشتگر تنظيمن سان رابطو آهي.جنهن جي ڪري سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي جا واقعا ٿين ٿا.مدرسن جو بنيادي مقصد مذهبي تعليم ڏيڻ ۽ تحقيق ڪرڻ هو، پر هاڻي اهي دهشتگردن جي نرسررين طور هلي رهيا آهن.مدرسن اندر جيڪا تعليم ڏني وڃي ٿي اها غير مسلمانن خلاف استعمال ٿي رهي آهي.مدرسن ۾ ڪچن ذهنن کي مذهبي انتشار پکيڙڻ خلاف استعمال ڪيو وڃي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے