23 ڇنڇر , جون 2018

ٻار منهنجا سڀ کان وڏا استاد آهن: ڪاجول

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪاجول چيو آهي ته منهنجا ٻار منهنجا سڀ کان وڏا استاد آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ڪاجول چيو آهي ته جڏهن مان ماءُ بڻجڻ واري هئس تڏهن کان پنهنجي ٻارن کان گھڻو ڪجهه سکي رهي آهيان جنهن سبب ٻار منهنجا سڀ کان وڏا استاد آهن. ان چيو ته سڀ کان اهم شئي جيڪا ٻارن کان سکي آهي اهو صبر آهي. سانوري رنگ جي اداڪارا فلم ”بيخودي“ کان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان سان گڏ فلم ”دل والي دلهنيا لي جائينگي“ جهڙي هٽ فلم ڏئي ۽ شهرت جي بلندين تي پهچي وئي. ان کانپوءِ ڪاجول بالي ووڊ کي ڪيتريون ئي هٽ فلمون ڏنيون، ڪاجول آخري ڀيرو 2015ع ۾ شاهه رخ خان، ورون ڌون ۽ عاليا ڀٽ سان گڏ فلم ”دل والي“ ۾ ڪم ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The tribe of Amjad Siddiqui was defeated for two years

قوال امجد صابري کي وڇڙي ٻه ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور قوال امجد صابري کي مداحن کان وڇڙي 2 ورهه وهامي ويا. امجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے