19 جمعہ , جنوری 2018

افغانستان جي جنگ هاڻ آمريڪا ۽ سندس اتحادي وڙهن، افغان مهاجرن جي واپسي سان حالتون بهتر ٿينديون: آصف غفور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته اسان تي افغانستان جي جنگ مڙهي وئي اسان هميشه افغانستان سان سهڪار ڪيو هاڻ اتي موجود دهشتگردن جا ٿاڪ ختم ڪرڻا پوندا. نائن اليون کان پوءِ پاڪستان آمريڪا سان ڀرپور سهڪار ڪيو، هاڻ اسان جو نه پر آمريڪي ۽ سندس اتحادين جو وارو آهي هاڻ انهن کي افغانستان جي جنگ وڙهڻي آهي. افغانستان ۾ ٽي ٽي پي قيادت جو خاتمو ضروري آهي. آصف غفور چيو ته افغان مهاجرن جي واپسي سان اسان جون حالتون بهتر ٿينديون. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته ان ڪيمرا سيشن ۾ جيڪا به ڳالهه ٿي ان تي عمل ٿيندو، هڪ اداري جي طور تي پاليسي سازي تي پنهنجو موقف ڏيندا آهيون. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ تحريڪ آزادي ۾ تيزي آئي آهي، ڀارت آزادي جي تحريڪ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. 2017ع ۾ ڀارت سڀ کان وڌيڪ سيز فائر واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڀارت آزاد ڪشمير ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، ايل او سي جي ٻئي پاسي وارا به ڪشميري اسان جا ڀائر آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان مان ڪو دهشتگرد ڪيئن هزاري ميل پري ڪابل تي حملو ڪري سگهي ٿو؟ پاڪستان مان ڪابل تي حملي جي سهولتڪاري ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ پرڏيهي قوتن جي اچڻ سان افغانستان جو حالتون خراب ٿين ٿيون ته معاملن ۾ افغانستان جي فوج وٽ گهربل سياست ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے