21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

ن ليگ مان مان سنڌين کي سٺي اميد ناهي، ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي  اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته آرمي چيف جي سينيٽ کي بريفنگ تمام سٺي  ڳالهه آهي، حيدر آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيي چيو ته نواز ليگ وارن  مان سنڌ جي ماڻهن کي سٺي اميد ناهي. پ پ اڳواڻ چيو ته ميان صاحب نااهل ٿي چڪو آهي، پر پوءِ به چوي ٿو ته آئون مسلم ليگ جو قائد آهيان. مولا بخش چانڊيو چيو ته سينيٽ  ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي آيل سينيٽ جي چيئرمين جي دعوت تي پاڪ فوج جو سپه سالار آيو. مولا بخش چانڊيي وڌيڪ چيو ته ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، اسلام آباد جا ڪيترائي علائقا اهڙا آهن، جتي صاف پاڻي به ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي شهباز شريف سميت 31 ليگي اڳواڻن کي نوٽيس

فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ ضابطا اخلاق جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے