25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ شگر ملز مالڪن کي ڪمند جو اگهه في مڻ 172 رپيا  ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادگارن جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي شگر ملز مالڪن کي ڪمند جو اگهه في مڻ 172 رپيا  ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بنيچ درخواست تي ٻڌڻي ڪندي شگر ملز مالڪن کي حڪم ڏنو آهي ته سرڪاري اگهه تي عمل ڪيو وڃي.  عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سنڌ جي شوگر ملز جا مالڪ ڪمند جي آباد گارن کي سرڪار پارن مقرر ڪيل اگهه 172  رپيا مڻ جي حساب سان رقم اداڪئي وڃي . عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته شوگر ملز مالڪ 10 رپيا في مڻ سيڪيورٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر وٺ جمع ڪرائيندا . عدالت چيو آهي ته فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ شوگر مل مالڪن کي ست ڏينهن اندر حلف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے