18 جمعرات , جنوری 2018

10هين عالمي اردو ڪانفرنس

ڪالهه آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ 10هين عالمي اردو ڪانفرنس شروع ٿي، جيڪا 25 ڊسمبر تي ملڪ جي باني قائداعظم جي جنم ڏينهن جي ڪيڪ ڪٽڻ سان پوري ٿيندي.

ڪانفرنس ۾ ڀارت، آميريڪا، چين ، جاپان، روس، ڪئناڊا، جرمني، مصر، ترڪي جي ناميارن دانشورن سميت پاڪستان جي سمورن علائقن ۽ صوبن مان ڪئين اديب، شاعر ۽ دانشور شريڪ ٿي رهيا آهن.

ڪانفرنس ۾ اديبن، دانشورن ۽ شاعرن ملڪ ۾ جنونيت جي واڌ ۽ ان ۾ اديبن جي ماٺ تي خاص طور ڳالهيون ڪيون ويو. نامياري دانشور ڪشور ناهيد چيو ته اڳي اديب ۽ دانشور سماج خلاف ڪنهن به سرشتي خلاف مزاحمت جو جهنڊو کڻندا هيا، لکندا هيا ۽ لکڻين وسيلي مزاحمت ڪري ملڪ جي ظالم حڪمرانن کي چئيلنج ڪندا هيا.

سنڌ جي ثقافت واري وزير سردار علي شاهه چيو ته جتي سماج ۾ وٿيون پيدا ٿينديون آهن، اتي رڳو تخليق ئي ڪم ڪري سگهندي آهي. سماج ۾ جيڪا جنونيت وڌي آهي، ان ۾ اسان کي ڳڻتي ڪندي پنهنجي تخليقي رهبرن شاهه، سچل ، بُلي شاهه، امير خسرو ۽ اجمير شريف کان مدد وٺڻي پوندي.

ڪانفرنس جي ميزبان ۽ ڪائونسل جي صدر سيد احمد شاهه چيو ته ملڪ کي ثقافتي وهڪرن ۽ لهرن سان ڪناري تي پهچائي سگهجي ٿو. ملڪ کي نئين بيان جي گهرج آهي. اهو ثقافتي بيان آهي. اها شاهه لطيف، امير خسرو، سچل، غالب، ميرتقي مير ، فيض احمد فيض، بُلهي شاهه، منير نيازي، احمد فراز جي ٻولي آهي.

آرٽس ڪائونسل جي پنجن ڏينهن جي اها ڪانفرنس ڪراچي شهر ۾ امن آڻڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي سلسلي جي ڪهاڻي آهي پر ان سان سڄي ملڪ جي اديبن ۾ جيڪا هڪ ڪرائي پيدا ٿيندي، ان جي جيتري ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي.

جمعو 22 ڊسمبر 2017ع، 3 ربيع الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے