25 سومر , جون 2018

ڇهون اياز ادبي ميلو

سنڌ جي ٻن وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻه اهم ثقافتي ميڙ ٿي رهيا آهن، جن ۾ حيدرآباد ۾ ”خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي“ پاران ڇهن ڏينهن جو ”اياز ميلو“ ۽ ڪراچي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ ٿيندڙ 10هين عالمي اردو ڪانفرنس شامل آهن.

حيدرآباد ۾ 6 ڏينهن وارو اياز ميلو خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي شروع ٿي ويو، ميلي جو افتتاح ناميارن دانشورن ۽ ساڃهه وندن  رسول بخش پليجي، نورالهدا شاهه ، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر روحي الطاف ۽ ميلي جي ميزبان ۽ ڪنوينر پروفيسر امر سنڌو ڪيو. ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي چيو ته اياز تي ڳالهائڻ هڪ وڏو امتحان آهي، اياز جي باري ۾ ڳالهائڻ معمولي ڳالهه ناهي. اياز ڪڏهن به دشمنن سان ها ۾ ها نه ملائي، هو دشمنن جي سامهون بيٺو رهيو، اياز وي سي ضررو ٿيو، پر هن ڪنهن به ظالم جي حمايت نه ڪئي، اياز ڪڏهن به پنهنجي قوم ۽ طن خلاف هڪ لفظ به نه ڳالهايو، اياز تمام ٿورن ماڻهن مان هو جن ڪڏهن به هڪ اکر ڪنهن ظالم جي حق ۾ نه لکيو، هو شاعر بي مثال هو. هن چيو ته اياز جي چونڊ شاعري اسان کي پڙهڻ گهرجي، اياز تمام وڏو ماڻهو هو، سنڌ اندر هن دور ۾ اياز جهڙو وڏو شاعر پيدا نه ٿيو آهي، ون يونٽ سميت سنڌ جي لاءِ ٿيندڙ لڙائن ۾ اياز گڏ بيٺو هو. هن چيو ته شيخ اياز عالمي تاريخ جو يگانو ڏاهو هو، اياز کي سمجهڻ لاءِ پڙهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اياز سان اختلاف ڪري سگهجن ٿا، پر اياز سنڌي قوم جو استاد آهي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ تي قبضو ڪري سنڌ کي غلام ٺاهي ڪراچي تي قبضو ڪيو ويو، قائداعظم جي توهين ڪئي وئي، سنڌ تي ٿيل حملو اڃا گهٽ نه ٿيو آهي، اهو حملو اڃا به جاري آهي. هن چيو ته اسان کي سنڌ جي اهڙن مخالف ڪندڙن جي لسٽ ٺاهڻ گهرجي. نامياري ليکڪا ۽ ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته جنهن عورت کي اسان جو معاشرو گهٽ سمجهندو آهي، اڄ انهن عورتن جي ڪاوشن سان هي اياز ميلو متو آهي. هن چيو ته عورت کي شاهه ڳائي يا اياز ڳائي تڏهن به اسان جو معاشرو ان کي تسليم نٿو ڪري. هن چيو ته اياز ماٺيڻو درياهه هو ۽ هن ۾ ڪو به غرورو نه هو، هن 33 ڪتاب شاعري جا لکيا، توهان اندازو ڪيو ته ان جي اندر ۾ ڪيتري نه آنڌ مانڌ هوندي. نامياري ليکڪه نورالهديٰ شاهه چيو ته اڄ سنڌي قوم مذهبي جنونيت ۽ مذهبي انتهاپسندي طرف وڌي رهي آهي، انهن حالتن ۾ اسان کي خانه بدوش جهڙا ڪيئي هوٽل کولڻا پوندا، اسان کي جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجو جهڙين شخصيتن جي فڪر ۽ فلسفي کي جاڳائي رکڻو پوندو. هن چيو ته شيخ اياز سنڌي قوم کي فخر جوڳي شاعري ڏني آهي، ان جي پيرن تي ئي سنڌي شاعري هلي رهي آهي، ان کان اڳ شيخ اياز جي سوچ نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻي پوندي.

حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي حلقن ان قدم کي ساراهيو ۽ چيو ته حيدرآباد جو ماضيءَ وارو ادبي ماحول واپس ايندو محسوس ٿي رهيو آهي. اياز ميلي جي اٺن ئي ڏينهن ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. خاص طور تي نوجوانن زبردست موٽ ڏني. اياز ميلو سنڌي نوجوانن لاءِ شيخ اياز جو تعارف ثابت ٿيو. الميو اهو آهي ته اسان جي مفڪرن ۽ ليکڪن کي باندي بڻايو ويو آهي. اسان جي تعليمي نصاب ۾ نه محمد ابراهيم جويو صاحب جون لکڻيون آهن نه جي.ايم.سيد جون لکڻيون آهن ۽ نه ئي وري شيخ اياز کي پڙهايو ٿو وڃي، پر ان جي باوجود به سنڌي نوجوان هاڻ پنهنجن مفڪرن ڏانهن موٽ کائي رهيو آهي، شعور روشنيءَ جيان آهي جنهن کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي.

جمعو 22 ڊسمبر 2017ع، 3 ربيع الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڪامور ا شاهيءَ جون وڏي پئماني تي ٿيل بدليون

سرڪاري ملازم لاءِ اصول ته اهو هوندو آهي ته اهو شخصيتن جي تابع ٿيڻ بدران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے