17 اربع , جنوري 2018

ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو ڪتاب ٻني ثقافت:ابو رافع

سنڌ تهذيبي طور ڪيتري قديم آهي، اهو اڄ دنيا جو هر ڏاهو ماڻهو مڃي چڪو آهي. سنڌو تهذيب جي عمر ڪٿڻ لاءِ شايد اڃا وقت جي گهرج آهي، تنهن هوندي به سنڌو تهذيب اهڃاڻوي طور هاڻ موهن جي دڙي جي تهذيب کان گهڻو اڳ جي آهي، اهو نون علمن سان ظاهر ٿي رهيو آهي. سنڌو تهذيب جو دائرو هر ايندڙ وقت ۾ ويڪرو ٿي رهيو آهي، اهڙو اشارو آرڪيالاجيءَ جا ڄاڻو ڏيئي رهيا آهن.

ويجهڙ ۾ ئي، جڏهن ڍولا ويراجي تهذيب سڃاڻپ ۾ آئي ته سنڌو تهذيب جي قدامت جو وڌيڪ هڪ چٽو مثال ظاهر ٿيو. ڍولا ويرا بابت سنڌيءَ ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو اهو مقالو جيڪو هُن سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو سنڌ ۾ پڙهيو هيو، اهو نهايت اهم مقالو هئو، جيڪو هڪ سنڌي عالم پاران پهريون ڀيرو ئي شايد پيش ڪيو ويو هئو.

ٻيءُ طرح ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي اهڙو عالم آهي، جنهن سنڌو تهذيب ۽ ثقافت سانڍ ينڌڙڪڇ جي علائقي ٻنيءَ جي لوڪ ادب تي تحقيق ڪري پنهنجي پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو لکيو ۽ ان کانپوءِ هو صاحب لاڳيتو ٻنيءَ جي تهذيب، ثقافت، ٻوليءَ، لوڪ ادب ۽ جديد ادب بابت وقت بوقت ڪجهه نه ڪجهه سنڌي ادب کي ڏيندو ئي رهيو آهي.

ويجهڙائي ڊاڪٽر صاحب هڪ ڪتاب ليکو آهي، جنهن جو نالو آهي ‘‘ٻني ثقافت’’، ظاهر آهي ته ثقافت تي ڌيان ڊاڪٽر صاحب ان ڪري ڏنو آهي، جو اها ثقافت سنڌي ثقافت جو هڪ اهڙو علاقائي حصو آهي، جيڪو اٽوٽ آهي.

سنڌي تهذيب، ثقافت پنهنجاسگھارا بنياد رکندي جن به حصن ۾ موجود آهي اتي اها سگهاري آهي، پڪ سان انهن علائقن تي پنهنجي آبهوا ۽ ٻين فطر تي عملن جو اثر ته آهي ئي پر مجموعي اها سنڌي ثقافت ئي آهي، جيڪا صدين کان هلندي اچي ۽ ان ۾ صدين جي سفر دوران جيتوڻيڪ ڪي بدلاءَ به ايندا رهيا آهن پر بنيادي طور هوءَ نهايت سگهارا بنياد رکندڙ آهي، ان ڪري ان ۾ ڪا بنيادي تبديلي نه آئي آهي.

ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو هي ڪتاب ‘‘ٻني ثقافت’’ پڙهڻ کانپوءِ ته اڃا ويساهه پڪو ٿئي ٿو ته سنڌ جي ثقافت کي وقت جا ڪيترائي طوفان آيا ۽ ويا پر مٽائي نه سگهيا، ڇو ته ان جون پاڙون پاتال ۾ آهن. ڊاڪٽر لالواڻي ان ثقافت جا ڀيرا لاڳيتو کنيا آهن ۽ هن جن ماڳن مڪات ۾ سنڌ جي ثقافت جا اهڃاڻ ڏٺا آهن، اتي ويهي رهيو آهي ۽ انهن کي ممڪن حد تائين نه صرف قلم جي نوڪ سان محفوظ ڪيو آهي پر ان کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ هن ڪئميرا جو سهارو به ورتو آهي، جنهن سندس جاکوڙ ۽ ساڳئي وقت سنڌ جي ثقافت جي سمورن اهڃاڻن کي مڪمل محفوظ ڪيو آهي.

‘‘ٻني ثقافت’’ ڪتاب ڄڻ ته ڊاڪٽر صاحب جي ٿيسز جو ئي هڪ سلسلو آهي، ڇاڪاڻ ته اها ٿيسز لوڪ ادب ۽ لوک گيتن بابت هئي ۽ هيءُ ڪتاب ٻنيءَ جي ان ثقافت بابت آهي، جيڪا اڄ تائين ٻنيءَ واري علائقي نه رڳو جيئري جاڳندي آهي پر پنهنجي سموري سونهن ۽ سوڀيا سان موجود پڻ آهي.

ٻنيءَ جو اهراءُ پهراءُ، اٿڻي ويهڻي، هلڻ چلڻ، کاڌو پيتو، رسمون رواج اڄ به جيئن جو تيئن ساڳيا آهن، جن سڀني مان سنڌيت جي ثقافت جي سڳنڌ اچي ٿي، هٿ جا هنر، زيور ۽ ٻيا زندگيءَ جي ڪاروهنوار ۾ استعمال ٿيندڙ سمورا واهڻ اڄ به هڪ اهڙي ثقافت جي شاهدي ڏين ٿا، جيڪا صرف سنڌيت جي ئي نمائندگي ڪندڙ آهي.

ٻني ڪڇ جو هڪ علائقو آهي ۽ ڪڇ سنڌ سان لڳو لڳ آهي ان ڪري تهذيبي طور ٻئي علائقا گڏيل رهيا آهن ۽ ٻنهي جي تهذيب/ثقافت ٿوري فرق سان ساڳي ئي آهي. جنهن ڊاڪٽر جو ڌيان ڇڪايو آهي ۽ سندس لڳاءُ ٻنيءَ جي علائقي سان اهڙو جڙي ويو آهي جو هن جهڙو ڪران جي تهذيب، ثقافت، لوڪ ادب ۽ موجودا ادب لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان سنڌ وارن کي ڊاڪٽر صاحب پاران هڪ اهڙي علائقي جو تهذيبي سفر پڙهڻ لاءِ ملي رهيو آهي، جنهن تائين اڄ اسان جي پهچ نه رهي آهي.

پڪ ٻني ۽ ڍولا ويرا، ٻه اهڙا موضوع آهن، جيڪي اسان جي پهچ تا ائين ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ آندا آهن، جنهن لاءِ ڪنهن به طرح سان ڊاڪٽر چيٺي لالواڻيءَ جا ٿورائتا آهيون. ‘‘ٻني ثقافت’’ ڪتاب به هڪ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي، جنهن مان اسان کي سنڌو تهذيب ۽ ثقافت جي دائري جي وڌيڪ ڄاڻ ملي ٿي. ڪتاب ۾ ڏنل ثقافت جي الڳ الڳ نمونن جون تصويرون اسان کي اهو سفر وڌيڪ آسانيءَ سان سمجهائين ٿيون.

سنڌو تهذيب جي ۽ ثقافت جي قدامت بابت هي ڪتاب هڪ اهم دستا وير آهي، جنهن ۾ ٻه سئو صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه ٽي سئو روپيا آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے