24 منگل , اپریل 2018

هڪ شخص جيڪو ڪچهريءَ جو مور هئو:اي آر سولنگي

زندگيءَ جا اڻونجاهه سال گذري ويا آهن پر مان انهن ڪي سال، ڪن اهم يادگيرين جي ڪري من ۾ محفوظ رهجي ويا آهن. جن مان هڪ سال اهو به آهي جنهن جي يادکي کڻي مان هي سٽون لکي رهيون آهيان.

شايد اهو اوڻيهه سئو اسيءَ جويا ايڪاسيءَ جو سال هئو ۽ ان کي سنڌي ساهت سال ڪري سنڌ ۾ ملهايو پئي ويو. سڄي سنڌ ۾ ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿي رهيا هئا. جنهن سلسلي ۾ نوان جتوئيءَ جي هاءِ اسڪول ۾ به هڪ ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جو بندوبست ڪيو ويو هئو. حيدرآباد کان خان محمد پنهور مرحوم آيل هئو ۽ باقي اوسي پاسي جا شاعر ۽ اديب سڏيا ويا هئا. جن ۾ هڪ نوجوان/ٻارڙي شاعر طور مان به شريڪ ٿيو هوس. مون کي گمان آهي ته اهو منهنجو موري کان ٻاهر شعر پڙهڻ جو پهريون موقعو هجي، بهرحال انهيءَ موقعي تي سائين استاد بخاريءَ ۽ سائين راشد مورائيءَ کان پوءِ جنهن شاعر، ان دور جي ٻوليءَ ۾ مشاعرو  لٽيو هئو ان شاعر/سگهڙ جو نالو حافظ محمد بخش خاصخيلي هئو،  جيڪو منهنجي اکين پهريون ڀيرو ڏٺو هئو. سچ پچ هو پنهنجي جوڙ جڪ مان هڪ ڳوٺاڻو لڳو هئو. اهڙو ڳوٺاڻو جيڪو ڳوٺ ۾ چڱو مڙس ته ٿي سگهي ٿو پر شاعر نه! اڇي قميص شلوار، ڪارو سليپر پيرن ۾، وار ڪجهه ڊگها، بت جو ڀريل ۽ اجرڪ  ڳچيءَ ۾، جيتوڻيڪ، مون کي ياد ٿو اچي ته اهي سياري جا ڏينهن بنهه نه هئا. پوءِ اڳتي هلي خبر پئي ته اجرڪ حافظ سائين اڪثر ٻارهو ئي ڪلهي تي رکندو هئو، اڳتي هلي سندس ڪنڌ ۾ اجرڪ جي جڳهه گيڙوءَ چادر والاري، ” اهي ڏينهن اهي شينهن“

اڄ حافظ سائين تي لکندي، فقط پنهنجي يادن جي ورقن کي ئي آڏو رکڻو ٿو پوي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪجهه به لکيل منهنجي آڏو نه آهي، شايد گهڻن لکڻ وارن جي آڏو نه هجي. شايد لکيت ۾ ڪجهه  حافظ سائينءَ جي گهر ۾ به ڪجهه نه هجي،  سبب اهو آهي ته حافظ سائين خود به لکڻ کان وڌيڪ اهميت پنهنجي حافظي کي ڏيندو هئو. پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي کيسي مان ڪي پاڻ ڪاغذ ڪڍي پڙهندي مون کيس ضرور ڏٺو پر اڪثر نثري لکڻيءَ طور، مون کيس پني تي ڏسي شعر پڙهندي شايد ڪڏهن نه ڏٺو هجي، ٻيءَ طرح هو پنهنجي مزاج ۾ اهڙو شاعر هئو، جيڪي شعر کي لکڻ يا پڙهڻ کان وڌيڪ اسٽيج تي ٻڌائڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن ۽ جڏهن اهي شعر اسٽيج تي پڙهندا آهن، ته هو پنهنجي شعر لکڻ واري مقصد/ڪارج کي پورو ٿيندي محسوس ڪندا آهن، سچ اهو به آهي ته سندن شعر پني تي پڙهڻ کان وڌيڪ سندن واتا ٻڌندي سٺو لڳندو هئو.

گذريل دور سنڌ کي اهڙا ڪيترائي شاعر ڏنا، جن اسان جي قومي تحريڪ کي وڏو ٻل ڏنو ۽ اسان جي قومي تحريڪ جي جلسن کي جلا بخشي. خاص طور استاد بخاري، سائين راشد مورائي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان  مجيدي، سرڪش سنڌي ۽ ٻيا ڪيترائي نالا انهيءَ ۾ سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا ۽ پڪ سان سائين حافظ محمد بخش انهيءَ سلسلي جو شاعر هئو. اها ڳالهه الڳ آهي ته مٿين شاعرن تخليق واري پاسي به ڌيان ڏنو، جڏهن ته حافظ سائين ان کي هلڪو محسوس ڪندي، ان طرف ڌيان گهٽ ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو هو لکت ۾ ڪو گهڻو شعر ڇڏي نه سگهيو. جنهن ڪري مٿس لکندي ڪنهن ڪميءَ جو، ڪجهه نه هجڻ جو احساس شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي.

حافظ سائين ڊگهو عرصو سنڌ لاءِ،  ان جي مسئلن جي حل لاءِ، انهيءَ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ سپاهيءَ جيان وڙهندو رهيو، ان لاءِ هن ڪنهن پارٽي ظابطي جي گهرج محسوس ڪا نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن سنڌ کي عظيم سمجهيو ٿي ۽ جنهن به ان جي چڱائيءَ لاءِ آواز اٿاريو ٿي، ان آواز سان حافظ جو آواز شامل رهيو ٿي، نه رڳو شامل رهيو ٿي پر. پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پڻ ايندو رهيو ٿي.

سنڌ جي حوالي سان جنهن به سياسي پارٽيءَ سڏ ڏنو، ان تي حافظ جيءُ چيو ۽ پيرين اگهاڙو اتي پهتو، اها شاهدي سنڌ جي قومي سياست جا گذريل پنجاهه سال ڏيندا جن سالن جي سفري آڳنڌ تي هن جي پيرن جا چٽيل نشان وقت ڊاهي نه سگهيو آهي.

حافظ محمد بخش خاصخيلي، بنيادي طور هڪ استاد هئو ۽ اهڙو استاد، جنهن کي سهي معنيٰ ۾ استاد ڪوٺي سگهجي، ۽ جنهن دور ۾ هو پرائمري استاد هئو، ان دور ۾ استاد هجڻ، هڪ معزز ترين شخص هجڻ جي برابر لکيو ويندو هئو. جيڪو اڄ ان جي بنهه ابتڙ سمجهيو ٿو وڃي، استاد کان سواءِ حافظ سائين هڪ رڄ چڱو مڙس هجڻ جون سڀ خوبيون به پاڻ ۾ رکندو هئو، مون کي خبر  ناهي ته هو ڪلاسيقي راڳن جو ڪيترو ڄاڻو هئو، پر اها خبر اٿم ته هو راڳ (ڪلاسيڪل/نيم ڪلاسيڪل) جو عاشق ضرور هئو، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو شاهه سائينءَ يا ڪنهن ٻئي شاعر جون سٽون جهونگاريندو هئو ته اهي، سُر ۾ هونديون هيون ، خاص طور شاهه جي شاعري ته سندس روح ۾ رچي ويل هئي، جنهن کي اڪثر جهونگاريندو رهندو هئو.

مان وري پنهنجي حافظي تي زور ڏيان ٿو ته جيئن اهي سٽون درست لکي سگهان جيڪي مون ڪيئي ڀيرا سندس واتان ٻڌيون هيون. شايد اهي سٽون هي آهن، جيڪي ڪنهن آڳاٽي شاعر جون آهن.

پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر،

منهنجو داد ڌنارن ڪو نه ڪيو.

جن کي جهونگاريندي ڪڏهن ڪڏهن  هو ڳوڙها ڳاڙي وهندو هئو. ۽ اتي موجود سڀني جون به اکيون آليون ٿي وينديون هيون.

ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به اهڙي شخص کي ڪچهريءَ جو مور ڪوٺبو آهي،  جنهن جي ڳالهائڻ مان هڪ آسيس ايندي هجي ۽ جنهن کي ٻڌڻ لاءِ ڪيترو به وقت قربان ڪري سگهجي. پڪ سان مون سائين حافظ محمد بخش کي سدائين ائين محسوس ڪيو، توڻي جو هو پاڻ به ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هئو. ۽ ڪنهن به ڪچهريءَ ۾ هن جي موجودگي، هن کي ڪچهري جو مور ثابت ڪندي هئي، اهڙا منهنجا اڻ ڳڻيا مشاهدا آهن، پر هڪ ڪچهري ته مون کان ڪڏهن نه وسرندي.

محرابپور ۾ ڪنهن فنڪشن ۾ شرڪت لاءِ آئون ڪراچيءَ آيل هوس ۽ حافظ سائين پڻ موري کان آيل هئو. اسان جي رهائش هڪ ئي هنڌ هئي، حافظ سائين سوير ئي وڃي سمهي رهيو، اتفاق سان اسان جنهن  وقت سهمڻ لاءِ آياسين اهو وقت سندس جاڳڻ جو هئو، اسان سهمڻ جي ڪئي ته هو جاڳيو، حق موجود چيائين ۽ شروع ڪيائين.

پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر!

منهنجو داد ڌنارن ڪو نه ڪيو.

اسان کي ننڊ ڪرڻ جي ڳڻتي ۽ حافظ سائينءَ کي ڪچهري ڪرڻ جو شوق، نيٺ ٿيو ائين ته اها سڄي رات فنڪشن ۾ گذري ۽ سڄو ڏينهن سائين حافظ سان ڪچهريءَ ۽ سفر ۾ گذري ويو. اهڙي شاهدي منهنجو دوست اسد سولنگي ڏيئي سگهي ٿو. جيڪو به گڏ هئو. ان ئي سفر ۾ مون هالاڻيءَ جي درٻار صاحب ڏٺي، جتي گروگرنٿ صاحب رکيل آهي.

مون 1988ع ۾ مورو ڇڏيو ته حافظ سائينءَ سان ملڻ به گهٽيو، پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ملڻ ٿيندو هئو، پر سندس جدوجهد جو ڏس پتو ڪنهن طرح پوندو رهندو يا منهنجو دوست ادريس جتوئي ملندو هئو ته ٻڌائيندو هئو. پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سکر کان لانگ مارچ شروع ڪيو ته حافظ ان سان ڪراچيءَ تائين پيرين پنڌ ڪيو، سندس پير پٿون تي پيا، پر هن وضعدار مڙس نه رڳو پاڻ ان لانگ مارچ کي ماڳ تي رسايو پر سڀني پانڌين جو سفر به پنهنجي ڪچهرين ۽ راڳن ساڻ آسان بڻايو.

ائين سندس اوطاق پڻ سنڌ جي ثقافت جو هڪ اهڃاڻ بڻيل رهي. جتي نه رڳو ڪچهريون ۽ راڳ رهاڻ  ٿيندي رهندي هئي پر قومي تحريڪ جا قافلا به اچي اتي ٿڪ ڀڃندا هئا ۽ قومي گڏجاڻيون ڪندا هئا. ڪيتريون ئي قومي ڪچهريون ۽ جلسا نوان  جتوئي ۾ ٿيا جيڪي حافظ سائين جي شرڪت سان يادگار بڻيا ۽ منهنجي يادن جي ميراث طور  مون وٽ سانڍيل آهن. ائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس ڪچهرين جون يادون وکريل آهن. ڇاڪاڻ ته لڳ ڀڳ هن سڄي سنڌ جو سفر ڪيو هئو.

هو شاعر هئو، سگهڙ هئو، استاد هئو، سيلاني هئو، شاهه جو پارکو هئو، سنڌ جي ثقافتي ڳڻن جو ڄاڻو هئو، ٻوليءَ جو ماهر هئو، ڇا هئو، اهو هڪ ويهڪ ۾ طئه ڪرڻ نهايت ڏکيو آهي. پر اهو آسانيءَ سان هر شخص چئي سگهي ٿو ته هو اهڙو شخص هئو جنهن کي ” گههِ جو گهڙو “ واري استعاري طور ياد ڪري سگهجي ٿو.

هو اهڙو ٻاجهارو شخص هئو،  جنهن جي ڀاڪر ۾ اچي من چوندو هئو ته سندس اهو ٻاجهارو ڀاڪر ائين ئي مضبوط رهي ۽ زندگيءَ جي پڄاڻي اچي وڃي، شايد اهي شخص جيڪي کانئس اڳ هيءُ جهان ڇڏي ويا آهن، سندس ڀاڪرن جي گرمائش اتي به محسوس ڪندا هجن، ۽ جيڪي جيئرا آهن، اهي اهڙي پڪ ڏياري سگهن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ هن جو مشهور نظم:

پاڻيءَ تي ئي پاڻي ٿيندو،

پنهنجو گڏ نه پاڻي ٿيندو.

۽ سندس ڀاڪرن جي ٻاجهائپ مون کان ته هن عمر ۾  ڪڏهن به نه وسرندي، اهڙو يقين منهنجو روح ۽ منهنجو اعتماد ڏين ٿا، مون کي پنهنجو پاڻ تي مڪمل اعتبار آهي ۽ جيڪي پنهنجو پاڻ تي اعتبار ڪندا آهن، اهي پنهنجي حافظي کي سدائين اعتبار جوڳو رکندا آهن،  اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه به لکڻ وقت اهي پنهنجي حافظي مان ڪهڙن واقعن ۽ حادثن کي پني تي آڻڻ چاهن ٿا ۽ ڪهڙن کي حافظي ۾ ئي رهڻ ڏين ٿا. اهو سندن نجي معاملو هوندو آهي، جنهن جو اختيار فقط کين وٽ هوندو آهي.

ائين حافظ سائينءَ کي به پنهنجي حافظي تي اعتبار رهيو ۽ اهو سندس آخري گهڙيءَ تائين قائم رهيو، جنهن ڪري هن جي زندگيءَ ۾ ڪاغذ ايتري اهميت ماڻي نه سگهيو، جيتري اڄ اسان ان کي ڏئي رهيا آهيون، جيتوڻيڪ جديد دنيا ۾ رهندڙ نئون نسل ته اڄ ڪلهه ڪاغذ توڻي قلم کان بنهه پري وڃي رهيو آهي، هن جي آڏو ڪمپيوٽر جو ڪي بورڊ ۽ موبائيل فون جي اسڪرين آهي پر سندس الميو اهو آهي ته سندس ميراث ۾ حافظو شامل نه آهي، جيڪو ئي کيس سماج سان ۽ ان جي قدرن سان جوڙي رکڻ جو سبب بڻجي ٿو، اهو ئي سبب آهي، جنهن ڪري هو شايد پنهنجي قدرن  سان جڙي نه سگهي. جن قدرن کان اسان پاڻ الڳ ٿيڻ نٿا چاهيون. ڇاڪاڻ ته اسان جا قدر ئي اسان جي سٺي يا نه سٺي هجڻ جو مثال ڏيئي سگهندا. جيڪي قدر اڄ تبديل ٿي رهيا آهن.

حافظ محمد بخش خاصخيلي جن قدرن جو پاسدار هئو اسان انهن ۾ پنهنجو ننڍپڻ گذاريو، جنهن ڪري انهن قدرن کي سانڍڻ ۽ انهن سان پيار ڪرڻ اسان لاءِ ته لازمي آهي، پر اسان جو ايندڙ نسل انهن قدرن کي سنڀالي، وقت شايد انهن کي اهڙو موقعو نه ڏئي ۽ بس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ زنده جاويد فلم اکين سامهون هئي!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

يونيورسل اسٽوڊيو، هالي ووڊ سمورو ئي هڪ پهاڙي نما سرزمين تي ڏاڍي وسيع ايراضيءَ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے