18 جمعرات , جنوری 2018

ڪينجهر ۾ لهندڙ سج سان گهاريل گهڙيون:رکيل مورائي

شخص جون اهُي گهڙيون ئي مُلهائتيون آهن، جيڪي هوُ پاڻ سان گذاري ٿو، پاڻ کان ٻاهر هوُ مختلف گُهرجن جي ڊوڙ ۾، ڪا ٻي زندگي جيئي ٿو، جيڪا سندس چاهيل نه آهي ۽ اسان جهڙن سماجن ۾ چاهيل زندگي جيئڻ، نه رڳو مشڪل پر جهڙوڪر ناممڪن آهي.

پنهنجي چاهيل زندگي جيئڻ لاءِ يا ”تياڳ“ ڪرڻ ضروري آهي يا ”ويڙهه“. جن ماڻهن ۾  ويڙهه جي قوت آهي، انُهن جي عمر ٿوري آهي، جيڪي ”تياڳ“ ڪن ٿا، اُهي سماج لاءِ ڪارائتا نه آهن، تخليقڪار جا مسئلا اڃا به ڪي ٻيا آهن،  هُو تياڳڻ جي حق ۾ نه آهي، ٻاهرين ويڙهه هُن جي حق ۾ نه آهي.

سچ پچ اسان جا هيءَ ٽي ڏينهن به هڪ ”تياڳ“ ئي آهي، گهر کان فرار، مسئلن کان فرار،  شور کان فرار، جيتوڻيڪ مٿيون سڀَ ڪُجهه جيئن جو تئين موجود آهي. شخصُ گمان ۾ آهي ته هن جو  محسوسڻ مسئلن جو حل آهي، ايئن آهي ڪو نه.

محسوسڻ تخليقڪار لاءِ عذاب آهي، محسوسات ئي هُن جي تخليق جو مُحرڪ آهي، ڪيئن به تخليقڪار لاءِ پنهنجو پاڻ سان ويجهو هجڻ بنهه ضروري آهي، هن وقت اسين ٻاهران پنهنجو پاڻ سان ويجهوآهيون، گڏ هوندي به انداران اندران هڪ ٻئي کان پري آهيون پر سڀ سڀ پل ايئن هُجن، ايئن ممڪن نه آهي.

ٻاهر جي خاموشي کڻي اندر خاموش رهي اهو به ممڪن نه آهي، اندر جا آواز کڻي ٻاهر شور مچائڻ آسان آهي ٻاهر جي خاموشي ڪي پل اندر کي شانت ڪرائي سگهي ٿي پر چاهڻ جي باوجود گهڻو وقت چِتُ شانت نٿو رهي، ڇاڪاڻ ته اسين سنساري شخص آهيون.

ڪلثوم عام عورتن جيان گهڻ ڳالهائو نه آهي، هن ۾ويچارڻ جي شڪتي وڌيڪ آهي، ان ڪري اسان ۾ چڱو وقت ماٺ رهي ٿي، ڪن وقتن تي اسين اهو قبول ڪري وٺندا آهيون ته هڪ ٻئي کي ويچارڻ جو وقت ضرور ڏيڻ کپي، پر گهر، شهر ۽ مسئلن جي پِٽَ کوههَ قبول ڪيل ٻاهرئين سڀ کي اڻ قبوليو ڪري سگهڻ جي سگهه رکي ٿي شايد !  ۽ اسان کي اهڙو موقعو  نه ملندو آهي.

سماجي ۽ معاشي جوڙجڪ جو ان ۾ اهم دخل آهي، چاهڻ جي باوجود ڪري سگهڻ جهڙو، نه ڪري سگهڻ جي اذيت بحرحال ڀوڳڻي پوي ٿي ۽ ماڻهو ڀوڳي به جيئي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيئڻ کي اوليت آهي، سبب اهو آهي ته ان جيئڻ سان هڪ کان وڌيڪ جيئڻ وارا جيوَ شريڪ آهن يا جيئڻ جو شرط بڻيل آهن ۽ هر شخص لاءِ اهو شرط هڪ ڊگهو قيد ئي آهي، جنهن کي عُمر جو نالو ڏنو ويو آهي. ان ڪري وڏي عُمر ماڻڻ جي دعا ڪڏهن ڪڏهن ڊگهي قيد جو پاراتو محسوس ٿيندي آهي.

ويچار جي حوالي کان سواءِ سڀ ٺيڪ آهي. اها اميد پرستي آهي، شخص جي اندر جو ويساهُه آهي، جيڪو شخص کي متحرڪ رکي ٿو، سنسار جي ڪنهن به چاهيل توڻي اڻ چاهيل صورتحال ۾ جيئڻ لاءِ حوصلو ڏئي ٿو.

اسين ماڻهن جي ان حصي ۾ شامل آهيون، جيڪي اڻ چاهيل کي به دل جي حضور سان ٻاهرئين دٻاءَ هيٺ کلي قبول ڪندا آهن، ٻاهرين صورت ۾ ان لاءِ ”سعادتمندي“ لفظ وڌيڪ ٺيڪ لڳندو آهي.

ڪنهن به سبب کان سواءِ مون کي فطرت جي ويجهو هئڻ وڻندو آهي، پوءِ به شهري زندگيءَ جي ضروري توڻي غير ضروري ڊوڙ مون کي مايوس نه ڪيو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن چاهبو آهي ته مايوسيءَ جو مزو وٺجي، جيڪو زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ميسر نه ٿيو آهي، هيءُ ڏينهن جيڪي ميسر آهن، انهن کي مٿئين حوالي ۾ ڀوڳي يا ماڻي  سگهجي ٿو. هونئن اڪيلائي منهنجي لاءِ عذاب هوندي آهي.

حوالا ڪيترائي آهن، ان ڳالهه چوڻ لاءِ ته عورت جي ويجهڙائي بنهه ضروري آهي ۽ منهنجي لاءِ  عورت سان ويجهڙائي جو پهريون سبب منهنجي امڙ هئي، جنهن پنهنجي پناهه ۾ رکيو، ڪلثوم ٻي عورت ۽ تعلق جي روپ ۾ منهنجي لاءِ پناهه آهي، انهن ٻن عورتن جي سنڀال هيٺ هجڻ ڪري اڄ تائين چانهه ٺاهڻ به ڪو نه  سکي سگهيس، ڪنهن به طرح اوندهه ۾ اڪيلو سمهي نه سگهڻ جو سبب به امان ۽ ڪلثوم آهن.

عورت کي ٻين به ڪيترن کاتن ۾ ورهائي سگهجي ٿو پر هن وقت اسان لاءِ فقط ٻن دوستن واري ۽ جيتري ويجهڙائي آهي. جيڪي هڪ ٻئي سان پنهنجي دل جو حال اوري سگهندا آهن، منهنجو  خيال آهي ته زال مڙسُ، دوستن جي رشتي جي پاسداري ڪري، جيئن ته زندگيءَ جا مليل سمورا سال آسانيءَ ۽ خوشگواريءَ سان گهاري سگهن ٿا، ڪيترين ئي سنساري تڪليفن سان منهن ڏئي سگهن ٿا، جيڪڏهن هنن ۾  دوستن وانگر پاڻ کي اهَنجو رکي، دوست لاءِ سهنجائي پيدا ڪرڻ جو جذبو سلامت هجي.

اڄ واپس ڪراچيءَ وڃڻو آهي، صبح ساڻ پهريون آواز جيڪو اسان جي ڪنن تائين پهتو آهي، اهو هڪ ڪچي گار  جو آهي، جيڪا گار هوڙو ڇوڙيندڙ هڪ ملاح ڪنهن پنهنجي همراهه کي سڏڻ لاءِ ڏئي رهيو آهي ۽ لڳاتار ان گار جو ورجاءُ ڪري رهيو آهي، اهڙي گار جيڪا هن ماحول ۽ ايراضيءَ  ۾ پابنديءَ هيٺ آيل هُجي ته بهتر.

ڪينجهر جي انتظاميا لاءِ اها ڳالهه اهم هجڻ گهرجي ته هن سموري ماحول ۾ رهندڙ ۽ خاص طور  ڪم ڪندڙن لاءِ ٻوليءَ جو مهذب استعمال سختيءَ سان لاڳو هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌي خاندان جڏهن هت اچي اهڙي ٻولي ٻڌندا ته  هنن جو ذائقو خراب ٿيندو ۽ پڪ سان هن ماحول ۾ هو اهڙي ٻولي ڪنهن به صورت ۾ ٻڌڻ نه چاهيندو پر هن صبح جو اسان جو چاهڻ يا نه چاهڻ اهم نه آهي، اهم ان ملاح جو مزاج آهي ۽ ان مزاج جو اظهار آهي، جيڪو هوُ ڪنهن به سوچ ويچار کانسواءِ پاڻمرادو اظهاري رهيو آهي،

جيتوڻيڪ سماجي توڻي اخلاقي پابندين کان پري ڀڄي ڏسجي ته  پاڻمرادي ڪنهن به اظهار جو پنهنجو مزو آهي ۽ پڪ سان اهڙو مزو ملاح وٺي رهيو آهي. اسان اهو سڀ ٻڌي فقط هڪ ٻئي ڏي ڏسي مرڪون ٿا، ڪنهن به راءِ کانسواءِ، ڪلثوم چوي ٿي، هتان مڇي وٺي هلون، هتي پکي به وڪامندا آهن، اهي به وٺي هلون، مون کي پکين جي وٺڻ لاءِ دل ۾ سڌ آهي پر مڇي لاءِ بنهه نه، ان هوندي به اها وٺڻ کانسواءِ ڪو چارو ڪونهي.

عديل  قريشي صاحب جو ڊرائيور جيڪو کيس سميت اسان کي ٺٽي تائين کڻي هلڻو آهي، گاڏي اچي مڇي واري دڪان تي بيهاري ٿو، جيڪو ڪينجهر کان نڪري  ٺٽي واري روڊ تي چڙهڻ واري ڪنڊ تي آهي، هُن وٽ مڇي ته آهي ، پکي نه آهن.

اسان کي ڪراچيءَ ڏانهن اچڻو آهي، پکي حيدرآباد ڏانهن ويندڙ رستي ڏي آهن، اسان جي خواهش جو احترام ڪندي، قريشي صاحب ابتي پاسي هلڻ جي حامي ڀري ٿو، شايد سندس به ڪو ڪم ان طرف نڪري آيو آهي.

هو موٽ تي ڪينجهر جي سڄي پٽيءَ جي ڄاڻ ڏئي ٿو، خاص طور گهڻو پاڻي هجڻ ۽ ان جي نيڪال لاءِ جوڙيل طريقي ڪار جي. حد نگاهه تائين ڇولين سان پنهنجي ڀرپور جوڀن جو جلوو پسائڻ واري ڪينجهر کان اسين موڪلايون ٿا نه چاهيندي به:

هائيروف گاڏيءَ جو رخ ٺٽي ڏانهن آهي، ڪينجهر پوئتي رهندي ٿي وڃي ۽ هر پل اسان کائنس پري ٿيندا ٿا وڃون، ڏينهن جو اڌ گذريو آهي، اسان جي ڳالهه ٻولهه جو موضوع ڪينجهر آهي، جنهن جون ڇاڙون چڱو پنڌ اسان سان ساڄي پاسي گڏ گڏ هلي  رهيون آهن، جتي انهن جي پڄاڻي ٿئي ٿي، اتان پهاڙي زمين آهي ۽ ننڍيون ننڍيون پهاڙي ٽڪريون آهن، جيڪي شايد ڪراچيءَ تائين ساڻ ساڻ هلڻيون آهن.

دل ۾ خواهش رکندي به ڪلثوم شاهجهان مسجد ڏسي نه سگهي، جيتوڻيڪ لاڙ ميلي تي ويندي اسان شاهجهان مسجد وارو رستو ئي ورتو هُئو ۽ ٻاهران زيارت به ڪئي هئي، هيءَ مسجد اهڙي آهي، جنهن کي هڪ ڀيرو ضرور ڏسڻ گهرجي، پر وقت ماڻهو ءَ کي ڊوڙائي ڊوڙائي  ٿڪائي وجهي ٿو ۽ ماڻهو ٿڪ ڀڄڻ لاءِ ڪيترين کي خواهشن جي قرباني دل سان قبول ڪري ڇڏي ٿو.

اڄ به ايئن ئي ٿيو، گاڏي جو ڊرائيور ۽ عديل قريشي صاحب پنهنجي ڳالهين ۾ گم آهن ۽ اسين خاموشيءَ ۾ گم آهيون، گاڏي ڊوڙي رهي آهي، منهنجي پاسي لڳل مائيل اسٽون ٺٽو ٽي ڪلو ميٽر ٻڌائي رهيو آهي، يعني ڪينجهر اسان کان اوڻيهه ڪلو ميٽر پري ٿي وئي آهي، الا ئي ڪهڙي احساس هيٺ اکين ۾ ڪينجهر لهي آئي آهي، منظر ڌنڌ لا ئجڻ لڳا آهن، شايد ڊگهي  خاموشيءَ جي اثر هيٺ ايئن ٿي رهيو آهي. مان جهٽڪي سان اکيون ڇنڀيان ٿو ۽ ڪجهه ڳوڙها منهنجي جهول ۾ اچي ڪريا آهن، روڊ تي گاڏين جي ڊگهي اچُ وڃُ جاري آهي، ٺٽي شهر ۾ ماڻهن جي رش آهي ۽ منهنجي ڪيفيت اهڙي آهي، جهڙي شايد ڪنهن وقت اياز جي رهي هوندي، جنهن ڪيفيت هيٺ هن لکيو هُئو:.

ميلي ۾ تون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو،

اک ۾ ڳوڙها هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو.

گاڏي زور سان بيٺي آهي، هتان کان اسان کي وين ۾ چڙهي ڪراچيءَ اچڻو آهي، اسٽاپ تي وين موجود آهي، جيڪا شاهه عقيق کان ڪراچي هلندڙ آهي، عديل قريشي صاحب ڊرائيور سان ڳالهائي اڳين سيٽ وٺي ٿو، اسان ٻن کي اڳين سيٽ لاءِ ٽن ماڻهن جو ڀاڙو ڏيڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ٽي ماڻهو آڏو واري سيٽ تي ويهاريندا آهن، سودو مهانگو نه آهي، ٻيو وسيلو به نه آهي، هت اچي پنهنجي تعلق توڻي پهچ جون حدون ختم ٿين ٿيون.

۽ هاڻ ڪراچي تائين لا تعلقيءَ جو سفر آهي، هڪ وين ۾ جيڪي عام روڊن تي هلنديون آهن ۽ ماڻهن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائينديون آهن، هن وين کي سڀني مسافرن کي ڪراچيءَ تائين پهچائڻو آهي، ان پهچڻ لاءِ مسافرن کي ڪيتري تڪليف ڀوڳڻي پوي ٿي، انهيءَ سان وين وارن جو ڪو  به واسطو نه آهي، هنن لاءِ ممڪن حد تائين وڌيڪ ڏهاڙي ٺاهڻ اهم آهي، ان کانسواءِ هنن لاءِ دنيا جهان جو ڪو به قدر، ڪا به اخلاقيات، ڪو به مهذبپڻو معنيٰ نٿو رکي، هنن کي اهو ٻڌايو ۽ ايئن وهنوار ڪرڻ سيکاريو ويو آهي، اهو انهن جو جوڙيل ڪلچر آهي، جنهن جا هو پابنديءَ سان سڀ اصول استعمال ڪندا آهن،

جڏهن گاڏي هلڻ لاءِ انهيءَ تي ڌڪ هڻندا آهن ته ڪن وڄندا آهن، هنن جي ٻولي اهڙي ئي رنگين هوندي آهي، جهڙو سندن وات پان/ گٽڪو کائڻ سبب رنگين هوندو آهي. ٽريفڪ جا ڪي به قانون هنن سان لاڳو نه هوندا آهن، جنهن سبب هنن گاڏين جا حادثا اخبارن جي رونق هوندا آهن، ڪراچيءَ تائين اسان جو ساههُ مُٺ ۾ ئي هئو، قائدآباد جڏهن لٿاسين ته سُک جو ساهه کينوسين ۽ اتان ٽئڪسيءَ ۾ پنهنجي گهر تائين سک جو سفر ڪري پهتاسين، رات جا لڳ ڀڳ اٺ وڄي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے