16 اڱارو , جنوري 2018

ليکڪ سان مُکا ميلو شاعري ساهه کڻندي آهي:واسديو موهي

اڄ پنهنجي ماضيءَ تي نظر وجهان ٿو ته نِڪر پاتل هڪ ڇوڪري جي ياد اچي ٿي . وڏا سنڌ مان سڌو پهرين  جوڌپور ۾ اچي ٿانئيڪا ٿيا هئا . وڏا معنى بابا ۽ منهنجا چار چاچا . سردارپورا جي شايد چوٿين يا پنجين روڊ تي جڳهه هئي ، اُگريءَ واري جڳهه . دالان ۾ ننڍڙو ڀينڊين جو وڻ هوندو هو . تازين ڀينڊين جو سواد ته انوکو هوندو هو پر جڳهه ۾ الائي ڪيترا وڇون هوندا هئا . جيڪا شيءِ کڻبي هئي ته وڇون ويٺل ملندو هو . وڏا وڇن کي پادر هڻندا هئا ، ڪڏهن پادر ڪم ڪري وٺندو هو ، ڪڏهن وڇونءَ جي قسمت ڪم ڪري وٺندي هئي، بچي ويندو هو . پر ڏنگ لڳندا رهندا هئا ــ هر ڀاتيءَ کي . مان اڪثر وڇن جو سولو شڪار ٿي ويندو هوس . ڀاڀي ــ ماءُ يا ڪا چاچي ، يا گهر ۾ حاضر ڪو وڏو ڏنگ مٿان ڪجهه لڳائي ڇڏيندو هو . ڏنگ سهڻ هر ڀاتيءَ لاءِ روز جو رُوٽِين هو . پر جڏهن وڇن جو ننڊ ۾ ڏنگڻ وڌي ويو ته اُگريءَ واري جڳهه، جيڪا سچ ۾ اُگري ۽ نُگري ٻئي هئي، سا ڇڏي سردار پورا جي ٽئين روڊ تي اچي ويٺاسين . اُتي منهنجي گهر کان پرڀرو ڪنهن هندي اِسڪول ۾ اسان چار ڄڻا ــ  ٻه سؤٽ ، ٻه سؤٽيون ــ  داخل ٿياسين . سمجهه ۾ ڪجهه ڪونه ايندو هو ، گهر ۾ سڀ سنڌي ڳالهائيندا هئاسين ، هندي ڌاري ٻولي لڳندي هئي . اڪثر ماستر اسان چئن مان ڪنهنکي نه ڪنهنکي اِسڪول کانپوءِ ڪنهن ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو ، اِها شايد اسانکي ڪجهه به نه سمجهڻ جي سزا هوندي هئي .  بهرحال اسڪول وڃِي پنهنجي وائڙپ ظاهر ڪرڻ بجاءِ اسان چارئي اسڪول ويندا ئي ڪونه هئاسين . جوڌپور ۾ اُن وقت عام جام نظر ايندڙ تمام وڏي منهن وارا صرف اڍائي فوٽ اونها پر پڪي فرش وارا کوهه هوندا هئا . اسين اِسڪول جو ٽائيم پورو ٿئي تيستائين اهڙي هڪ کوهه ۾ لڪي وهندا هئاسين . کنڊ ڀڳڙا ڦڪيندا رهندا هئاسين . هڪ ڏينهن نيٺ بابا پڪڙي ئي ورتو .

اُنهن ڏينهن ۾ ڌنڌي جي لحاظ کان  بابا احمدآباد اچي وسڻ جو فيصلو ڪيو ، الائي ڇا سوچي بابا مونکي به پاڻ سان هِتي وٺي آيو . اِها شايد 1950 جي آسپاس جي ڳالهه آهي . ريوڙي بزار ۾ ئي ، سائيڪلين جي دوڪان تي ئي رهندا هئاسين ، الڳ ڪو گهر ڪونه هو . چار دوڪان ٻيا به ورتل هئي جنکي مسافر خاني طور ڪم آڻبو هو . اِسٽيشن ويجهي هئڻ جي ڪري ڪيترا مسافر اُتي اچي رهندا هئا . گذران پيو هلندو هو .  پانچڪوئا ۾ اُن وقت اِنگلش ٽاڪيز هئي ، جنهنجي ڀرسان ڪو گجراتي اِسڪول هو ، بابا اُن ۾ داخل ڪيو . مون لاءِ وري مصيبت ٿي پيئي . هندي وري به ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي هئي ، پر گجراتي ته گريڪ لئـٽن لڳندي هئي . مشڪل سان ڪي مهينا اُتي گذاريا ،ڪي لفظ به سکيس جن ۾ ڪي هئا   ’ڪيم ڇو ‘ ،  ’ٻيسو ‘ ، ’هاٿ آگڙ ڪرو ‘ . اِهو ’هاٿ آگڙ ڪرو‘ ماستر روُل هڻڻ لاءِ چوندو هو .

سال اڌ ۾ ئي جوڌپور مان سڄي فئملي احمدآباد اچي ويئي ، چاچا چاچيون ، سؤٽ ، ٻه ڀائر هيرو ، پرشوتم، هڪ ڀيڻ ، سڀ . ڪُٻير نگر جي بنگلا ايريا جِي هرجِيون چال ۾ رهياسين ، جتي پوسٽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ارجن تنواڻي به رهندو هو ، جيڪو اڃا ارجن حاسد ڪونه ٿيو هو .  منهنجي ’ڀنڊاري‘ ڪهاڻي اُن چال ۾ ٿيل هڪ واقعي تي ٻَڌل آهي . ڪٻيرنگر ۾ ريلوي ڦاٽڪ وٽ هڪ سنڌي اِسڪول هلندو هو، اُتي بابي داخل ڪرايو . پهريون دفعو لڳو ، مان پڙهائي ڪري رهيو آهيان . سڀ ڪجهه سمجهه ۾ ايندو هو ، ماستر جي هر ڳالهه دماغ ۾ وهندي هئي . اُن کان اڳ هندي ۽ گجراتيءَ ۾  ٽُڪرن ۾ ٿيل  پڙهائيءَ وارا سال بيڪار ويا . تنهن کانپوءِ ، 1954 ڌاري ، سڄو ڪٽنب ، پنهنجي جڳهه ٺهرائي ٺڪر ٻاپانگر ۾ رهياسين . جڳهه جي ڪمپائونڊ ڀت ۾ هڪ پپر جو ننڍو وڻ وڌڻ لڳو هو . مونکي عجب لڳندو هو ته ڀت ۾ وڻ ڪئن پيدا ٿي ويو هو . وڻ وڌندو رهيو ، ڀت ۾ چيرُ وڏو ٿيندو رهيو .

ريوڙي بزار ۾ دوڪان قائم هو ، پر مسافر خاني وارا  چار دوڪان ڌيري ڌيري گم ٿي ويا ، مسافر ن جيان آيا، ۽ هليا ويا . ٺڪر نگر ۾ سنڌي اِسڪول چوٿين درجي تائين هوندو هو . سنڌي اِسڪول ، گجراتي اِسڪول وارن ڪمرن جي ٻاهران ٿلهي تي هلندو هو . ٻار ٿو را هئاسين . مان شايد انڌن ۾ ڪاڻو هئس ، پهريون نمبر ايندو هوس . پر چوٿون درجو پاس ڪرڻ تي وري ساڳي حالت ٿي ويئي . پنجون درجو سنڌي هو ئي ڪونه . گجراتي پنجين درجي ۾ داخلا ته ملي ، پر سِچوئشن وري ’هاٿ آگڙ ڪرو‘ واري ٿي ويئي ، سمجهه ۾ گهٽ ئي ايندو هو . فيل ٿيڻ تي پڙهائي بند ٿي ويئي ، ريوڙي بزار دوڪان تي سائيڪليون سنڀالڻ لڳس . پاڻ تي خوش ٿيندو هوس ته سڄي سائيڪل کولي ، وري فِٽ ڪري سگهان ٿو .

اُن وقت پانچڪوئا ۾ ڪا سنڌي لئبرري هلندي هئي . مان اڪثر اُتان ڪهاڻين جا ڪتاب توڙ ي ناول وٺي تڪڙا پڙهي واپس ڪندو هوس ، ۽ ٻيا وٺندو هوس . گهڻو ڪري ، ڪتاب واپس ڪرڻ ويندو هوس ته لئبرري بند ملندي هئي ، مان نراش ٿي ويندو هوس . لئبرري واري دوڪان جي ٻاهران ويهي رهندو هوس.  ڪافي ، ڪافي وقت کانپوءِ لئبرري سنڀاليندڙ ڪاڪو ايندو هو ،مونکي ڏسندو هو ته خفي ٿي چوندو هو ، ڇوڪرا ، توکي لئبرري جي ٽائيم جي خبر ڪانهي جو روز اچي پنهنجو ٽائيم خراب ٿو ڪرين . مونکي ٽائيم جي خبر ڪانه پوندي هئي ، مون وٽ واچ نه هوندي هئي ، نه دوڪان تي ڪو گهڙيال . بابي جي ڪرائي به خالي هوندي هئي . مان من ۾ سوچيندو هوس ته لئبرري واري ڪاڪي کي چوان ته  ٽائيم خراب ڪرڻ نه ، ٽائيم سڦلو ڪرڻ ايندو آهيان ، پر چوندو ڪونه هوس ، شرم کان . مان تمام ٿورو ڳالهائيندو هوس . هڪ ڪارڻ اِهو به هوندو هو ته منهنجو آواز ڏاڍو سنهو هو ، بلڪل ڇوڪرين جهڙو . ڳالهائيندو هوس ته مٽ مائٽ ، دوست کلندا هئا ، توکي ته ڇوڪري ٿيڻ کپندو هو . بابي کي انگريزيءَ لاءِ ڪجهه وڌيڪ ئي مانُ هو ، سنڌي ڪتاب پڙهندو ڏسندو هو ته  چوندو هو ، انگريزي سِکُ ، خوب ڪمائيندين . انگريزي ۾ نالا وغيره لکڻ بابي ئي سيکاريا .

ريوڙي بزار ۾ ئي انگريزي سيکاريندڙ ڪرئش ڪورس وارو ٻن ٽن ننڍڙن ڪلاسن وارو اِسڪول ته نه چئجي پر ڪلاسز هلندا هئا . بابي اُتي وهاري ڇڏيو . گامبٽو ڪلاسز جي نالي وارو اُهو ننڍڙو انگريزي سيکاريندڙ سينٽر ليکراج گامبٽو نالي هڪ نيڪ شخص هلائيندو هو . اُتي لڳ ڀڳ منهنجي عمر جو هڪ ٻيو نينگر حڪومت به انگريزي سکندو هو . دوستي ٿي ويئي . گڏ پڙهندا هئاسين . ڪلاسن دوران ڏهين منٽين جي رسيس ملندي هئي . ٽڪو کيسي ۾ هوندو هو . بک به هوندي هئي . ريوڙي بزار جي چونڪ تي، وچولي عمر واري ڪنهن شخص جو چاپ ڇولن جو ننڍڙو دوڪان هو ، هن وٽ ڏاڍي ڀيڙ لڳندي هئي . هنجو هٿ تمام تڪڙو هلندو هو . هو چاپ کڻي دوني ۾ وجهندو هو ، چاپ چِٿيندو هو ،  تڪڙ  ۾ ڪيوي ڇولن جي ٿالهه ۾ وجهندو هو ، بيحد ئي تڪڙ ۾ چاپ مٿان ڪيوي اونڌي ڪندو هو ، پوءِ ننڍن  ننڍن چمچن سان هو چينيءَ جي وڏن پيالن مان الڳ الڳ قسمن جون چٽڻيون ڇولن مٿان ڇٽيندو هو ۽ گراهڪ کي ڏيندو هو ، پئسا وٺندو هو . اِهو سڄو ڪم هو تمام ڦُـڙتيءَ سان ، مِڪئـنيڪلي ، هڪ مقرر سلسلي سان ڪندو هو . ڀيڙ جي ڪري حڪومت ۽ مان چاپ کائڻ بنا ئي ، رسيس جو وقت پوري ٿيڻ تي ڪلاس ۾  موٽي ويندا هئاسين . بک پريشان ڪندي هئي . پر پوءِ اسان هڪ طريقو ڳولهي لڌو . دوڪاندار جئن  چاپ مٿان ڇولا وجهي چٽڻين جي پيالن وارو چمچو کڻندو هو ته اسان ٻئي هڪ ئي سُر ۾ اُتاوليءَ سان چوندا هئاسين ”چٽڻي نه ، چٽڻي نه“ ، هو منجهي پوندو هو ، هنجو سلسلو ٽُـٽي پوندو هو ، هنجي اسپيڊ گهٽجي ويندي هئي ، پر وري سلسلو پڪڙي هو چٽڻيون وجهي اسان کان اڳ آيل گراهڪ کي ڏيئي وري پنهنجو سلسلو شروع ڪندو هو . پر جئن هو چٽڻين جي پيالن طرف هٿ وڌائيندو هو اسان وري  ”چٽڻي نه ، چٽڻي نه“  جو سُر آلاپيندا هئاسين ، هو مُـنجهندو هو ۽ غصي ۾ اسانکي دونو پڪڙائي ڇڏيندو هو . ٻن ٽن ڏينهن ۾ ئي ۾ هو اسانجي حرفت سمجهي ويو ، ۽ مُرڪي ڏنائين .  اسانجو ناشتو سولو ٿي ويندو هو .

اهڙو ئي هڪ سولو ڏاڪو چڙهڻ جو موقعو مليو تعليم جي حوالي ۾ .گامبٽو ڪلاسز ۾ پڙهندي ئي، حڪومت ۽ مون وارڌا وارن جا هندي امتحان پِرويش ، پريچيه به پاس ڪري ورتا هئا .  جئن مون چيو، گامبٽو ڪلاسز هلائيندڙ ليکراجمل هڪ نيڪ اِنسان هو. هنکي محسوس ٿيو ته حڪومت ۽ مان اُتي ڪلاسز ۾ ، سِسٽميٽڪ اِسڪولي پڙهائيءَ بنا جيون ۾ خاص ڪجهه ڪري نه سگهنداسين . هن جي دورانديشي ، جو پنهنجي ڪمائيءَ جو خيال نه ڪندي هن صاحب ، آدرش هاءِ اسڪول جي اُن وقت جي پرنسيپال هرگنداس ڌنواڻيءَ کي عرض ڪري اسانکي نائين درجي ۾ داخلا ڏيڻ لاءِ چيو . ڌنواڻي صاحب اينٽري ٽيسٽ جو شرط رکيو ، اسان ۾ وشواس رکي ليکراجمل شرط منظور ڪيو،   ڌنواڻي صاحب کي چئي هن  ٽيوشن جو به بندوبست  ڪرائي ورتو . مينگهراج جارواڻيءَ جهڙا قابل ماستر اسانکي ٽيوشن ڏيندا هئا . اڄ به مان هنن جي بيحد عزت ڪندو آهيان ، هنن اسانکي پاڙهي اهڙو پڪو ڪيو جو اسان ٻنهي نائين درجي جي اينٽري ٽيسٽ پاس ڪري ورتي . اسان خوش هئاسين ، مس مس ڪنهن ڍنگ جي  اسڪول جو در ڏسنداسين . نائين درجي جي ڪلاس ۾ ساڳي بينچ تي وهندا هئاسين . ڪجهه ٻيا دوست به ٿيا . ڪجهه هفتن کانپوءِ تعليم ڊپارٽمينٽ اعتراض اُٿاريو ۽ اسانکي نائين درجي ۾ داخلا ڏيڻ کان اِنڪار ڪيو . ڌنواڻي صاحب خوب حيلا هلايا ، اسانجا ٽيسٽ پيپر چڪاسڻ لاءِ ڏنا ، پر کـڙتيل ڪونه نڪتو ، آخر وچون رستو ڪڍيو ويو ، اسانجي عمر ۽ ريگيولر اِسڪول ۾  اڳ ڪيل پڙهائيءَ جي آڌار تي ، حڪومت کي اٺين درجي ۾ ۽ مونکي ستين درجي ۾ داخلا جي آفر ڪئي ويئي . ڏک ٿيو ، هڪ ڏاڪڻ تي ڪنهن اوچائيءَ تي پهچي ، وري ڏاڪا لهڻ پيڙيندڙ ته لڳو ، پر ٻيو ڪو رستو ڪونه هو ، مئٽرڪ تائين پهچڻ جا سال ڊبل ٿي ويا . ستين درجي ۾ ، هٻڪي ، شرمائيندي ، ڪلاس جي پٺين بينچ تي وڃي ويٺس . اُتي ئي ، پاسي واري بينچ تي جانڪي ويٺي هئي ، هن مون ڏانهن ڏٺو ، مان وڌيڪ شرمائجي ويس . جڏهن نائين درجي ۾ هوس، ته رسيس ۾ جانڪي پنهنجي نائين درجي واري ساهيڙي سجنيءَ سان گڏ هوندي هئي، مونکي ڏسي ٻئي کِلنديون هيون، شايد منهنجي ڍِلي ڍالي نِڪر ۽ بلڪل سادي خميس تي، مان سُسي ويندو هوس. ۽ هاڻي رسيس ۾ ئي ، نائين درجي وارا  نوان ٿيل دوست گڏجندا هئا ، ڪي همدردي ڏيکاريندا هئا، ڪي مذاق به اُڏائي وٺندا هئا ، اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هو  . اِها 1958 جي آسپاس جي ڳالهه آهي .

پڙهائي وڻندي هئي . پهريون نمبر پڪو ٿي ويو هو . درجا سر ٿيندا ويا . سڀ ٽيچر پيار ڪندا هئا، خاص ڪري مينگهراج جارواڻي ، ڪشنچند ڀاٽيا ، وڻجاڻي سر ۽ ٻيا ، ڌنواڻي صاحب به خوب چاهيندا هئا . مانيٽري تي ڄڻ هڪ هَٽي ٿي ويئي هئي . جيڪڏهن ڪنهن پيريئڊ ۾ ڪو ٽيچر نه ايندو هو ته مان وشيه پاڙهڻ شروع ڪري ڇڏيندو هوس ، هڪ آتم وشواس هو ، جنهن تحت هر ڪم ڪندو هوس . پيريئڊ پورو ٿئي اُن کان اڳ سبق جي آڌار تي هوم ورڪ به ضرور ڏيندو هوس . ڪمال جي ڳالهه اِها هئي ته  گڏ پڙهندڙ شاگردن جو پريم ايترو هوندو هو جو ڪن ٿورن کي ڇڏي  ڏنل هوم ورڪ ڪري به ايندا هئا ۽ وشيه جي ٽيچر کي ڏيکاريندا هئا . ٽيچر مرڪي ڏيندو هو .

اُنهن ڏينهن ۾ گُروجي ڀَـنوَرسنگهه  پَـنوار به ڊرائينگ سيکاريندا هئا . مان ڊرائينگ ۾ جڏو هوندو هوس ، اڄ تائين آهيان ، هڪ ليڪ  به سڌي ڏوري ڪونه سگهندو آهيان ، پر هنن سان ويجهائپ ڏاڍي هوندي هئي. پيار ، سنيهه جو ناتو اُن وقت ئي جُڙي ويو هو . مان بيحد ئي پُراڻي سائيڪل تي اِسڪول ايندو هوس . مَڊگارڊَ ڏاڍو آواز ڪندا هئا . پيچَ ٽائيٽ ئي ڪونه ٿيندا هئا . منهنجو سائيڪل رپيئرنگ جو ڏانوُ به ڪم ڪونه ايندو هو . پنوار صاحب ورجائيندا هئا : واسُو ڪئسي سائيڪل پر آتي هو ، اِتـني خراب سائيڪل تو دُوڌ والون ڪِي ڀي نهين هوتي ، ڪيا آواز ڪرتي هيءِ  . مان کلي چوندو هوس : گُروجي اڇا هيءِ نه ، بئنڊ باجون ڪي ساٿ اِسڪول آتا هون . پاڻ تي ڪيل ڪنهن ٽِيڪا کي مذاق ۾ کڻڻ جي عادت اڄ به آهي .

هڪ ڏينهن جانڪيءَ کي ٺڪر نگر گهر جي بلڪل سامهون واري گهر جي در تي ڏٺم ، عجب لڳو . ارجن حاسد جي سالِـي گهر جي بلڪل سامهون رهندي هئي . جانڪي اُتي آئي هئي . مونکي خبر ڪانه هئي ، هوءَ ارجن حاسد جي ڀاڻيجي آهي ، مونکي اِها به خبر ڪانه هئي ته حاسد ڪهڙي بڙ جو نالو آهي . هوءَ بنا هٻڪ گهر هلي آئي . مونکي هڪ حساب ۾ ڊفيڪلٽي آهي ، سيکار . ڄڻ مان ٽيچر هجان . شڪر آهي ، هڪ ڏينهن اڳ ئي اُهو حساب مان ڪافي مغز پچيءَ کانپوءِ سالوَ ڪري چُڪو هوس ، اري ، هيترو سولو حساب نٿو اچيئي ! هوءَ کِکي وِکي ٿي ويئي ، ڪالر مٿي ٿي ويو .

جانڪي اڪثر ٺڪر نگر اچڻ لڳي . من جا ڌاڳا اُلجهندا ويا ، شاعريءَ جا ٻج ڇٽجي ويا . ڪلاس ۾ هڪ ٻيو دوست به محبت جو ماريل هو ، سريش جگر ، سو به شاعري ڪرڻ لڳو . مون سان ٺڪر نگر کان گڏ ايندڙ اوڌوَ به ’شڪي‘ تخلص سان شاعري ڪرڻ لڳو . منهنجن اسڪولي دوستن ۾ اڄ به ڪيترا ويجها دوست آهن ، پر گهڻي ۾ گهڻو اوڌوَ سان ئي ملڻ ٿيندو آهي . منهنجو گامبٽو ڪلاسز وارو دوست حڪومت به ’جاني‘ تخلص سان شاعري ڪرڻ لڳو . شايد اهڙا ٻيا به شاگرد هئا جيڪي ”بهار ، انتظار ، بيقرار ، پيار“ قافين واري شاعري ڪرڻ لڳا . اِسڪول ۾ ڄڻ شاعرن جو فصل لٿو هو . اِن قسم جي شاعريءَ تي وڌ ۾ وڌ ناراض وائيس پرنسيپال هرجسراءِ ٿيندو هو . ڦِـٽڪاريندو به هو .

ان وچ ۾ حاسد جن سردارنگر وڃي وسيا . حاسد وٽ شاعريءَ جا ور وڪڙ سکڻ لاءِ وڃڻ لڳس . حاسد ڪنڌ هيٺ ڪري فاعلاتن مفاعلن جي ڀڃ ڊاهه پيو ڪندو هو ، منهنجيون اکيون جانڪيءَ ۾ کُـتل هونديون هيون. ڪڏهن موقعو ملندو هو ته ، هنومان مندر به هليا ويندا هئاسين ، مندر جي پاسي ۾ ئي سابرمتي ندي آهي ، سابرمتيءَ جي لهرن ۾ به پير پُسائيندا هئاسين . اهڙي هڪ موقعي تي تيز اکين واري ڪنهن هوشيار ماڻهوءَ ڏسي ورتو . اُن وقت گيان رشي نالي ڪو مشهور شخص هو ، جو سنت هئڻ سان گڏ جرنلسٽ به هو ، سماج جي اخلاق جو بيحد اونو رکندڙ . جوش ۾ اچي ويو . اخبار ۾ وجهي ڇڏيائين . هلچل مچي ويئي . سڄي اسڪول ۾ واسُو ـ جانڪيءَ جا نالا وڄڻ لڳا . ڪيترا اڻ سُڃاتل شخص خاص اچي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ، اڇا هي آهي واسُو ، اوهو هو هيِءَ آهي جانڪي ! ڌنواڻي صاحب پريشان ٿي ويا . واسُو ، هي سڀ ڇا آهي . سائين ڪجهه ڪونهي ، صرف سابرمتيءَ ۾ پير وڌا آهن . ٻُڏڻ جو ارادو اٿئي ، نه سائين تري پوندس . مونکي پنهنجن جوابن تي عجب لڳو هو . ڌنواڻي صاحب برجستو ماڻهو هو ، گيان رشيءَ کي آفيس ۾ گهرائي سمجهايائينس ، پوءِ ڪِن تَڪيل توريل لفظن ۾ هدايت به ڪيائينس : بڪواس بند ڪر .

منهنجي شاعري جاري رهي . هڪ عجيب اتفاق ٿيو . اُن وقت ، 1962 ۾ ’غزل‘ عنوان سان غزلن جو هڪ مجموعو ظاهر ٿيو . اُن ۾ 15 شاعر شامل ڪيل هئا . ارجن حاسد اُنهن مان هڪ هو . اِنجي ردعمل ۽ وروڌ ۾ ٽيڪچند مست ۽ مِرچو مِسڪين هڪ ٻيو غزلن جو مجموعو ’بوندون ٿيون ملهار‘ 1962 ۾ ئي  شايع ڪرايو ، اِهو ڏيکارڻ لاءِ ته نه صرف هو به غزلگو شاعر آهن بلڪ سنڌيءَ ۾ وڏو انداز غزلگو شاعرن جو موجود آهي، جنکي ’غزل‘ مجموعي ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي . شاعرن جو انداز وڏو ڏيکارڻ لاءِ هنن مون جهڙن ڪچن شاعرن کي به شامل ڪري ڇڏيو ، جنهنجو هڪ به غزل ڪنهن مخزن ۾ ڪونه ڇپيو هو . ڄڻ زوريءَ شاعريءَ جي ميدان ۾ ڌِڪجي ويس . جانڪيءَ سان ملڻ جو بهانو گنڀير ٿي ويو . ساهت سنگت ۾ وڃڻ، جيڪا جيوت ترنگ جي ڪنهن ڪلاس جي ٻاهران ، ٿلهي تي ٿيندي هئي ، نيمائـتو ڪم ٿي پيو . هيرو شيوڪاڻي ، نندلعل ، ڀڳوان نردوش ، جو اُن وقت ڀيمن گمراهه هو ، ڪشنچند رنجايل ، ڪيرت مهرچنداڻي ، هنسراج پنجابي ۽ پريم پرڪاش سان ٻيا به ڪيترا ئي دوست ايندا رهندا هئا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے