16 سومر , جولاءِ 2018

نوٽ بُڪ جا ورق: جاڏي پير تاڏي خير-36 :آدرش

روس آڪٽوبر انقلاب 1917ع ۾  دنيا جو سپر پاور بڻجي ويو ته آمريڪي سپر پاور لاءِ مٿي جو سور پيدا ٿيو. هُنن ان نئين مٿي جي سُور کي ختم ڪرڻ جهڙين گورين جهڙن پنهنجن جاسوسي ادارن سي آءِ اي  ۽ ايف بي آءِ جي رفتار تيز ڪري ڇڏي. انهن کي گهوڙن وانگر ڊُڪائڻ شروع ڪيو. وري انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ روسي سرڪار جاسوسي ادارو ڪي جي بي ٺاهي ورتو. اداري کي سڄي دنيا ۾ ڪي جي بي سڏيو ويو. اهي روسي لفظ آهي. ان جي معنيٰ خبر پاڻ کي ڪونه آهي. ڄام ساقي صاحب به ڪو نه ٻڌائي سگهندو جو هن کي هاڻِ رڳو سورت فاتحه ۽ آيتُ الڪرسي جي معنيٰ ياد آهي. ذهين ماڻهو نرنجن کان به وسري وئي هوندي، جو هن کي هاڻِ رڳو وتائي فقير جون ڳالهيون اچن ٿيون. هن حيدرآباد ۾ وتائي فقير جو گهر ٺاهيو آهي، ان ۾ وتائي فقير بدران نرنجن پاڻ رهي ٿو. ان جي معنيٰ لاءِ مون کي هڪ ئي اڄ به مارڪس ۽ لينن جي خدمت ڪندڙ ڪيس هلائيندي ڪورٽ جا ٽين کڙڪائي ڇڏيندو آهي.

***

ان اداري ۾ مڪاري ۽ عيارَ سربراه هيا. لومڙيءَ ۽ گدڙ جهڙا هوشيا رهيا. روس جو هاڻوڪي صدر، چمڪندڙ بلب جهڙي ٺوڙھ رکندڙ، پيوٽن جرمنيءَ ۾ وڻج واپار ڪندو هو. جيڪو بهانو هو. هو اُتي ڪي.جي.بي جو ايجنٽ مقرر ٿيل هو.

***

ٻنهي سپر پاورس جي وچ ۾ لڳندڙ لڙائي ”وڙهن سانَ، لتاڙجڻ ٻوُڙا“ واري ڪارِ ٿي وئي. هڪ ٻئي کي هيٺاهون ڪرڻ لاءِ، هنن جي جنگ ۾ ڪُتر دنيا جو عوام ٿيندو ويو.

***

ٻئي ملڪ خفتي بڻجي ويا. ڪڪڙن واري ويڙھ شروع ٿي وئي. آمريڪين ڊالر هٿن ۾ کنيا، روسي پنهنجي ڪرنسي روبل کڻي ميدان ۾ لٿا. آمريڪين دنيا جي اڪثر مذهبي جماعتن جي مٿي تي هٿ گهمائي وات ۾ سڻڀو گرهه ڏئي، دين جي ٿنڀي کي مضبوط رکڻ تي زور وڌو.

روسين سنئون سڌو اهڙن همراهن کي هٿ ڪيو، جن کي روڪڙا روبل ڏئي ” مذهب آفيم آهي“ جهڙن قولن سان ڀريل ڳاڙها پستڪ ڏنا ته وڃي انهن جماعتن جي اثر کي گهٽايو.

***

سجاد ظهير لنڊن ۾ اُس ۽ تيز مينهن ۾ مٿي اگهاڙو گهمي رهيو هو. ڪي جي بي وارن سندس اگهاڙي مٿي کي ”ڪامريڊ“  جي ٽوپي رکي، هن مٿان ڇانوَ ڪري ڇڏي.

هو هندستان آيو ته اهو مشن کڻي آيو. سهڻي ڀاڱا نه ٿي هئي. ”بني“ ڀائيءَ ڪم شروع ڪيو. ادب جي آڙ ۾ هن ڄارُ وڇائي، اديبن ۽شاعرن جي ادبي تنظيم ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ ٺاهي. سبط حسن، علي سردار جعفري، عبدالله ملڪ، ڪرشن چندر، منشي پريم چند، ظهير ڪاشميري، احمد نديم قاسمي، ملڪ راڄ آنند، ڪيفي اعظمي ۽ پنهنجي زال رضيه کي ساڻ کڻي، انقلاب جي شاهراهه تي هلي پيا.

***

ظ.انصاري، انور معظم. خديجه عظيم ۽ تقي حيدر جهڙن ذهين جوانن کي گڏ ڪري، روس روانو ڪيائين. هنن کي روسي ٻولي سيکاري وئي. ڀڙ ٿي ويا ته هن کان مارڪس، اينگلس ۽ لينن جا ڪتاب، روسي عظيم ليکڪن ليو ٽالسٽاءِ، اليگزينڊرپُشڪن، گوگول، دوستووسڪي، چيخوف، ترگنيف ۽ چنگيز آئتماتوف وغيره جا ناول اردوءَ ۾ ترجمو ڪرائي، روس ۾ دارالاشاعت ترقي، پبلشنگ ادارا ماسڪو ۾ ٺاهي، عالي شان نموني ڇپرائي، پڪي پختي جلد ۾ ٻڌي، في سبيل الله ورهائڻ شروع ڪيائون.

مفت ۾ ملندڙ مال ڪير ڇڏي؟ شيءَ پرائي، دل بي رحم، ماڻهن ڪتاب ورتا. هنن جي مغز ۾ ويهن ئي نه، هنن دڪان وارن کي تور ۾ وڪڻڻ شروع ڪيا. عظيم ڪتابن جا ورق، لوڻ، مرچ، ڌاڻن، دال، وڏف ۽ ڦوٽن ۾ ويڙهجڻ لڳا. مالڪن اک پٽي. هنن پوءِ ڪتابن جي قيمت رکي جيڪا گهٽ هئي.

***

اسان جو اسلامي ملڪ ٺهيو. روس جي سائي جهنڊي ڏسڻ سان، ڪميونسٽ پارٽي پاران لبيڪ چيو ويو. سبط حسن، عبدالله ملڪ، ڊاڪٽر اعزاز نذير، جمال نقوي، امام علي نازش وغيره هيڏي اچي ويا. سجاد ظهير عرف بني ڀائي ڪونه آيو، جو هو دين اسلام کان ڪوهين دور هو.

***

سنڌ ۾ سرخ انقلاب به آڻڻ جو ڇٽ ٿر جي تڌي ٿانهري جوان مٿان جُهليو. ارڏو هو. پڪو پختو هو. قافلو وٺي نڪري پيو. ناوليٽ ”کاهوڙي کجن“ لکيائين. جيل ڏٺائين. لانگ بوٽن جي لتاڙ ۾ آيو. آڻ نه مڃيائين.

رب راضي ٿيس ته هٿ گوڏي جيڏي تبسيح، سٿڻ جا پاچا ڀيڏيءَ تي ڪري، تبليغ تي نڪري، آخرت جا ڀئو ڏئي ڊيڄاري، انقلاب بدران جنت جي رستن جي ڳولا ۾ نڪري پيو.

لاڙڪاڻي ۾ ٻج سوڀوگيانچنداڻيءَ ڇٽيو. شانتي نڪتين مان ڪندن ٿي نڪتو. ڊرائنگ روم جو سٺو سياستدان هو. ڳالهين جو ڳهير هو. بنا رسُ چسُ جي ٻه ٽي ڪتاب لکيائين.

هن کي گوربا چوف جي گلاسنوسٽ سُهڻا گل ڏنا. گهر جي لائبريريءَ ۾ ويهي، پنهنجن هندو ڀائرن جي رنجش ۽ ڪدورت دور ڪرڻ لاءِ، مذهبي ڪتاب ”گيتا“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين.

ڀڳوان ان عبادت جو اجر ڏنو. هن کي اڪيڊمي آف ليٽرس جو ڏهن لکن  رپين وارو ”ڪمال فن ايوارڊ“ ڊڪيٽيٽر جنرل پرويز مشرف عطا ڪيو. انقلاب زنده آباد.

***

سوڀي صاحب کي اهو ايوارڊ، ڪوئيٽا جي سرُخي ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ جي پرزور سفارش تي مليو.

”ڪمال فن ايوارڊ“ ليکڪن کي لکڻين جي مڃتا طور ملندو آهي. سوڀي صاحب جون لکڻيون ڏسڻ کان اڳ ان وقت جي چيئرمين اردو شاعر افتخار عارف هڪ سفارش کي ڏٺو. ٻيو هن ويچار ڪيو ته مشرف ڪيڏو نه روشن خيال سڏبو ته ان هٿان هڪ هندوءَ کي ايوارڊ پيو ملي. هن کي ته سندس ضلعي جي پنهنجي ٻين وزيراعظمن ليکي ۾ ئي نه آندو هو.

***

سنڌ ۾ انصاف جي نظر ڪجي ته ان ايوارڊ جا حقدار ٻه ليکڪ امر جليل ۽ الطاف شيخ آهن، جن اڌ صديءَ کان نور نچوئي، سنڌي ادب جي ڪٻٽ کي پنهنجن ڪتابن سان نه رڳو ڀريو آهي، پر پڙهندڙ به پيدا ڪيا آهن. هتي لوهه ڪُٽين لوهار، ڪهڙو قدر سون جو“ واري ڪار لڳي پئي آهي.

هن سال 2017ع ۾ اهو ايوارڊ امرجليل صاحب کي ملي رهيو آهي. اهو ايوارڊ کيس اڄڪلهه هڪ سنڌي چيئرمين هجڻ ڪري ڏنو ويو آهي. ڪسوٽي موجب ته کيس ايوارڊ  اهم ۽ جاندار ليکڪ طور ملڻ گهرجي ها ۽ ڪڏهوڪو ملڻ گهرجي ها.

زاهده حنا کي اسان جا سنڌي مٿي تي ويهاريندا آهن. سنڌي اخبار وارا پنهنجن کي ڪجهه نه ڏين، هن کي ڪالم جو چڱو ڀلو معاوضو ڏيندا آهن. هن سدوري مائيءَ ميٽنگ ۾ امر جليل صاحب لاءِ اعتراض واريو ۽ پاڻ سان گڏ عورتازاد جو جهنڊو جهولائيندڙ، کيس نوازيندڙ، اردو شاعره ڪشور ناهيد جي حق ۾ ووٽ ڏئي، کيس ڪمال فن ايوارڊ ڏياريو.

 

***

سنڌ جو هڪ سهڻو جوان شاعر ماهوار رسالو تڏهن ڪڍندو آهي. جڏهن اشتهار گڏ ٿينس، ڀلي مهينا  ڇونه لڳي وڃن.

رسالي ۾ مواد به ڇڙو پنهنجي سڄي آڪهه جو. پهريائين بابا سائين جي شاعري، ان ڀرسان امڙ جو فوٽو، پنهنجا اٺ غزل ته زال سڳوريءَ جا پورا ڏھ. سُهري جو مضمون الڳ ته متان سندس ڌيءَ نه رُسي وڃي. ماسات ڪارنر، چاچي جي ٻارن سان گڏ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽڻ وارو فوٽو، رُٺل مامي کي پرچڻ تي مبارڪون. ڪجهه پنا بچيا ته ڳوٺ وارن جو ڪهاڻيون ۽ مضمون. ڪا اڃا پني ٽُڪري بچي پئي، ته اُتي پنهنجي ڳوٺ ويجهو ٻئي ڳوٺ ۾رهندڙ ماڇي شاعر يار جو نظم فوٽو سوڌو، هٿ ريکائن کان خالي.

***

چڱو شاعر، جاکوڙي ۽ انقلابي انور پيرزادو صاحب پنهنجو مٽ پاڻ هو پڙهيو ڪيو ۽ سٺو انسان هو.

هي دلبر پاڪستان ايئر فورس ۾ هو. حساس ادارو هو. جوانيءَ جي جوش ۾، انقلاب جي ڳاڙهاڻ ۾ رڱجي ويو. ”بُکين بنگالين“ بابت نازڪ خط، پنهنجي دل گهرئي هندو دوست ڏانهن لکيائين. خطُ جنگي قيديءَ وانگر پڪڙجي پيو. همراهه کنڀجي ويو. ڪاٺ ۾ پيو. نازڪ مسئلو. ڦاهيءَ جي سزا آيس.

مولانا مودوديءَ وانگر پيرَ ڀلا هيس. سرخن جي ڳاڙهي سرخيءَ بدران پير پاڳارو صاحب ۽ محمود هارون صاحب ڪم آيس. جن جان آجي ڪرايس.

سنڌي ادبي سنگت کي سهڪو ٿي پيو. ان جو ساهه سڌارڻ لاءِ انور صاحب اڳڀرو ٿيو. مرڪزي اليڪشن ۾ بيٺو.  خيرپور ۾ چونڊ خير سان ٿي. هي يار سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي بيٺو. تاج جويو جي قومپرستي اڳيان اهڙو مڙس هارائي ويو.

***

ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش لک لهي. وڏو جذبو رکندڙ هو. جاکوڙي هو. روپوشيءَ ۾ رهندي اڻواقف ماڻهن اڳيان پاڻ کي لطف پيرزادو سڏائيندو هو. سچو ماڻهو هو، سڄو ملڪ لتاڙيندو هو. انقلاب جي خوابن جي پيٽي ڀري کڻي گهمند هو. صبح جو شڪارپور، منجهند جو خانپور، شام جو خيرپور ته رات جو لائلپور هوندو هو.

روس ٽُٽو هي به ڀَڄي ڀُري پيو. ڊاڪٽر قادر مگسي ڏانهن ويو. مزو نه آيس. پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ويو. قدر نه ٿيس. ٽٽل دل سان، هنڌ بسترو کڻي ڀارت لڏي ويو. هو بمبئيءَ ۾ ٽرام جي دروازي جي گرل ۾ هٿ وجهي بيٺو آهي. اکيون اُڀ ۾ اٽڪيل اٿس. انهن ۾ هاڻي ڪوبه خواب ڪونه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے