17 اربع , جنوري 2018

’گولڊن ٽيمپل‘ ٽيويهه سال گذرندي به تجلي ڏيئي رهيو هئو!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

ماميا ڪينساڪوُ، ننوميا آياڪو، ستو يوُتا ۽ مان ڪيوٽو ۾ اتان جو مشهور مندر ‘Kinkunj I Temple’ ڏسڻ وياسين، جاپاني ٻوليءَ ۾ ’ڪنڪائوُ‘ معنيٰ ‘Golden Pavilion’.  ڪيترا ان کي ڪيوٽو جو ’سونو مندر‘ پڻ چوندا آهن، ته ڪي وري ‘Rokuon-Ji-Temple’ پڻ سڏيندا آهن. يونيسڪو طرفان 1994ع کان ان سائيٽ کي ’ورلڊ هيريٽيج‘ جو درجو مليل آهي.

’گولڊن پويلين‘ 1185ع کان 1332ع دوران ڪاڪا ڪيورا دور ۾ اُتان جي شهنشائيت جي حصي طور ٺهرايو ويو هئو. 1397ع ۾ ’آشيڪاگا يوشي متسوُ، هڪ رٽائرڊ شوگن ان کي پنهنجي قبضي ۾ وٺندي. هڪ عاليشان ۽ انتهائي پاڪ عمارت جو درجو ڏنو. تڏهن ان کي ‘Kitayama Palace’ ڪري سڏيو ويندو هئو. يوشي متسوُ جي وفات کان پوءِ ان کي ‘Zen Temple’ ۾ تبديل ڪيو ويو. جنهن جو برپا ڪندڙ هڪ بکشوُ ‘Muszo Suseki’ هئو؛ پر وقت گذرندي ان جو شان گهٽجندو رهيو. پوءِ وري ‘Edo’ شهنشائيت (1867-1615ع﴾  دوران ان عمارت جو سون سان جُڙيل چبوترو ۽ مندر ٻاهران وشال باغيچو ٻيهر رونق افروز بڻايو. اهو ’گولڊ پويلين‘ 1950ع دوران ڪنهن سبب باه جو  ٻَکُ  بڻيو هئو؛ تڏهن ٻيهر ان کي هوبهو ساڳيو روپ ڏيڻ لاءِ صحيح مرامت ڪرائيندي سڄا سارا پنج سال لڳي ويا ۽ 1955ع ۾ هي موجوده مندر ٺهي راس ٿيو.

اسين ٽڪيٽ وٺي ’گولڊن ٽيمپل‘ ڪامپليڪس ۾ اندر داخل ٿياسين. هڪ وڏو جهنگل هئو؛ اڳيان هلڻ سان ساڄي پاسي مڙياسين ته اها خوبصورت عمارت اسان جي اکين سامهون هئي. جاپاني آرڪيٽيچر سان ملبوس ٽي ماڙا؛ هڪٻئي مٿان چبوترا ٻاهر نڪتل ٻئين ۽ ٽئين ماڙي جي چبوترن کي سچي سون جي تهه ۽ جاپاني ‘Lacquer’ سان ڍڪيو ويو هئو. مندر جي اوڀر ۾ هڪ هٿرادو ٺاهيل تلاءُ هئو؛ جنهن ۾ ان سوني مندر جو عڪس بيحد ئي خوبصورت لڳي رهيو هئو. هينئر ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت ناهي؛ باقي سمورا سياح صرف ٻاهران ئي ان جي فوٽوگرافي ڪري سگهن ٿا.

تازو 1987ع دوران جڏهن ‘Lacquer’ ڪوٽنگ جي خوبصورتي جهڪي ٿيڻ لڳي ته ان جي مٿان ٻيهر سون جو هڪ وڌيڪ ٿلهو تهه چاڙهيو ويو هئو. هاڻي ته ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن فنڪار سوناري بيحد پيار وچان ان کي ٺاهي راس ڪيو هجي! پوءِ به آءٌ هڪ ڳالهه ڪونه پئي سمجهي سگهيس ته اسان جي سونارن جا زيور ڪجهه ئي ڏينهن ۾ جهڪا پوڻ لڳندا آهن؛ ته اُهو مندر ڪيئن سڄا سارا ٽيويهه سال گذرندي به ائين چمڪ ڌمڪ سان تجلي ڏئي رهيو هئو!

ننوميا واپس موٽڻ مهل هڪ بس اسٽاپ تي لڳايل ٽائيم ٽيبل ڏسي ورتو ته بس نمبر 50- ذريعي ’ڪيوٽو‘ ريلوي اسٽيشن وڃي. جلد ئي بس به اچي ويئي ته اسين به چڙهي پياسين. هنن جي لوڪل بس به  ايڏي ته خوبصورت هئي جو دل خوش پئي ٿي. يوروپين ملڪن جيان اُتي به صرف هڪ ڊرائيور ئي بس هلائيندو رهندو آهي. انهن وٽ ڪنڊڪٽر ٿئي ئي ڪونه!  هر مسافر پٺيان کان چڙهندو ۽ لهڻ مهل اڳئين دروازي کان پيسا وجهي هيٺ لهي پوندو!

اسين به ’ڪيوٽو‘ ريلوي اسٽيشن (جاپان ريلوي) تي اچي لٿاسين، ’ڪيوٽو ٽاور‘ اُتي ڀرسان ئي ڪنهن ڪراس روڊ تي هئو؛ پر اسان کي ته صرف فوٽو ئي ڪڍڻو هئو؛ جيڪو اتان اسٽيشن تان به ڪڍي پئي سگهياسين. ماميا پنهنجي ڪيمره ئي مون کي ڏيئي ڇڏي، ته اسين ڀل پنهنجي پسند سان ڪجهه فوٽو ڪڍون تيسين هوُ هڪ هنڌ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ويهي ئي رهيو.

ننوميا، ستو ۽ مان ’ڪيوٽو‘ اسٽيشن ٻاهران ڪجهه فوٽوگرافس ڪڍي موٽياسين ته پوءِ ننوميا آياڪو به  اسان کان موڪلايو. ان مهل شام جا 5:00 بجه ٿي رهيا هئا. اسان ٽنهي آياڪو کي دعائون ڏيندي کانئس موڪلايو ۽ لابيءَ ۾ اچي مشين مان اوساڪا لاءِ ٽڪيٽون ڪڍي ورتيون. پوءِ ايسڪيليٽر تي چڙهي پنهنجي مخصوص پليٽ فارم تي اچي بيٺاسين.

ٿوري دير ۾ هڪ ايڪسپريس ٽرين آئي ته اسين به چڙهي پياسين. اندر ويهڻ لاءِ صرف هڪ سيٽ خالي هئي. ماميا صاحب ۽ ستو ٻنهي پاڻ ئي مونکي ويهڻ لاءِ چيو. مون به ويهي ڪري هلندڙ ٽرين مان جاپان جا خوبصورت نظارا پئي ڏسڻ چاهيا. اُها ٽرين ’هانڪيو ريلوي‘ کان به ڪجهه وڌيڪ تيز ڊوڙي رهي هئي.

’ڪيوٽو‘ کانپوءِ ‘ Nishi Akashi’ وٽان اڳيان وڌياسين ته کليل ميدان ۽ پهاڙي سلسلو نظر اچڻ لڳو. ڪٿي ڪٿي ڪجهه ڇڊا گهر ۽ ڪجهه انڊسٽريز به نظر پئي آيون.5:28 بجي ‘Takatsuki’ پهتاسين ته اسٽيشن جي اوڀر طرف ‘Konica Minota’ فوٽو گرافڪ ڪمپنيءَ جي فيڪٽري ۽ ان جي  ٿورو ئي اڳيان وري اولهه طرف دور کان ‘Panasonic’ جي فيڪٽري هئي.

5:38 بجه ٿيا هئا؛ جو اسين ‘Shin Osaka’ پهتاسين. جاپاني ٻوليءَ ۾ ‘Shin’ معنيٰ ’نئون‘! دهلي ۽ ممبئيءَ جيان اتي اوساڪا ۾ به ’نيو اوساڪا‘ هئو؛ جيڪا پوري ايراضي انتهائي الٽرا-ماڊرن لڳي پيئي هئي. بعد ۾ صرف ڇهه منٽ ٻيا سفر ڪيوسين ته ’جاپان ريلوي‘ جي اوساڪا اسٽيشن تي پهتاسين.

ائين اسين ڪيوٽو جو سفر پورو ڪري ڀرسان ئي ’هانڪيو ريلوي‘ جي ’اُميدا‘ اسٽيشن تان لوڪل ٽرين پڪڙي پنهنجي پنهنجي گهر آياسين. ستو ته اوساڪا اسٽيشن تي ئي موڪلايو هئو. آءٌ ’اِشي باشي‘ تي ٽويوناڪا ڪيمپس لاءِ لهي پيس ۽ ماميا پنهنجي گهر لاءِ اڃا به اڳيان نڪري ويو!

6-سيپٽمبر 2010ع تائين اسان جا ڪلاس ‘Natural Science Building’  ۾ هليا هئا؛ پر اڱارو 7 کان 10 سيپٽمبر تائين چار ڏينهن اُهي ڪلاس پوءِ  ڀرسان ئي ‘Lecture Building-B’ ۾ هلڻا هئا. ان لاءِ آءٌ به وقت کان پندرهن منٽ اڳ پوڻي ڏهين بجي ئي ان نئين عمارت جي ٽئين ماڙي تي روم نمبر 304 ’لينگئيج ليباريٽري‘ ۾ پهتس؛ ته ماميا صاحب پهچي ئي چڪو هئو ۽ ڪمپيوٽر تي ويٺي ڪم ڪيائين!

40’X60’ فوٽن جو هيءُ شاهي هال جتي لينگئيج ليباريٽري ٺاهيل هئي؛ ان ۾ شاگردن لاءِ چار الڳ الڳ قطارن ۾ جملي 75 ايل.سي.ڊي. ٻه مانيٽرس ڪمپيوٽر لڳايل هئا. هر هڪ شاگرد کي هڪ الڳ ڪمپيوٽر ۽ مانيٽر ته مليل هئا، جن مان هڪ تي پروفيسر جو ليڪچر پئي ٻڌي سگهيو ته ٻئين مانيٽر تي وري هوُ پروفيسر کي اڪيلي سر ڪجهه به ڏيکاري پئي سگهيو. جڏهن ته   پروفيسر لاءِ هڪ وڏي شاهي ٽيبل لڳايل هئي. جنهنجي ڀر ۾ کاٻي طرف الڳ پوڊيم پڻ هئو. پوڊيم تي مائيڪ ۽ ان جي هيٺان پروفيسر طرف ڪانچ سان ڪٻٽ ٺاهيل هئو؛ جنهن ۾  آڊيو-وزيوئل مشينون لڳايل هيون. پروفيسر کي ڪمپيوٽر ۽  ٽي الڳ الڳ مانيٽر هئا. هڪ مانيٽر تي پروفيسر پنهنجي پروجيڪشن پئي ڏسي سگهيو؛ ٻئين ۾ ايندڙ پروگرام هوُ اڳواٽ ئي سيٽ پئي ڪري سگهيو  ۽ ٽئين، مانيٽر جي هوُ ڪنهن به اڪيلي شاگرد سان مخاطب پئي ٿي سگهيو. پروفسر کي به گڏيل مائيڪ ۽ هيڊ فون ڏنل هئو ۽ انجي ويهڻ لاءِ هڪ آرامده روالونگ چيئر پڻ مهيا ڪرايل هئي. پروفيسر جي پٺيءَ کان ڀت تي هڪ 6’x30’ جو هڪ وشال وائيٽ بورڊ لڳايل هئو. ڪجهه مارڪر پين رکيل هيون. ان سان گڏوگڏ پروجيڪشن اسڪرين به لڳايل هئو جيڪو صرف رموٽ ڪنٽرول سان ضرورت مهل هيٺ لاهيندي  استعمال پئي ڪري سگهيو.

‘Ricoh’ ڪمپنيءَ جا ٻه وڏا شاهي پرنٽر؛ هڪ پروفيسر جي استعمال لاءِ ان جي ڀت طرف ته ٻيون شاگردن واري طرف ڀت سان لڳايل هئو. سائونڊ سسٽم لاءِ وائيٽ بورڊ جي پاسي ۾ ٻنهي طرفن کان ’سوني‘ ڪمپني جا ٻه وڏا اسپيڪر لڳايل هئا ته ڇت جي وچ تي پڻ ٻه ننڍا اسپيڪر به هئا؛ جيئن اسٽيروفونڪ  سائونڊ مهيا ڪرائي سگهجي. ڪلاس جي چئن ئي طرفن کان ڪلوز سرڪٽ ‘C.C.T.V.’ جون ڪئمرائون لڳايل هيون ته جيئن پروفيسر پوري ڪلاس تي نظر رکي سگهي. هيٺ فرش مڪمل ڪارپيٽيڊ هئو، جيئن آواز نه ٿئي ته مٿي ڇت تي ٻه-ٻه ٽيوبن واريون 34 لائيٽس؛ جملي 68 ٽيوب لائيٽس لڳايل هيون؛ جن جي ٻرڻ سان ڄڻ ڏينهن جي روشني پئي محسوس ٿي. ايئرڪنڊيشنڊ سسٽم لاءِ اهو ٻڌائڻ ڪافي آهي ته اهي تمام عمارتون سينٽرل ايئرڪنڊيشنڊ هيون. ڪلاس ۾ گهڙندي ئي دروازي ڀرسان ڀت تي لڳايل ريگيوليٽر سان گهرج آهر ٽيمپريچر سيٽ ڪري سگهجي ٿو.

9-سيپٽمبر 2010ع تي ماميا صاحب جو دوست مساٽو ڪوباياشي صبح کان ئي اسان جي ڪلاس ۾ آيل هئو. هوُ سنسڪرت ۾ ايم.اي. ڪرڻ کانپوءِ پينسلوانيه يونيورسٽي (آمريڪا) مان ’علم لسانيات‘ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري آيو هئو ۽ هينئر ٽوڪيو يونيورسٽيءَ ۾ ’لنگئسٽڪس‘ شعبي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو هئو. ڪوباياشي؛ مون سان بيحد تعظيم سان مليو. اسان ٻنهي جي پاڻ ۾ بيحد رغبت ٿي ويئي. مون کيس مبارڪباد ڏني، جو هوُ ننڍي عمر ۾ ئي ڊاڪٽوريٽ ڪندي ايڏي وڏي عهدي تي پهتو هئو، سو به اهڙي يونيورسٽيءَ ۾ جيڪا معيار جي لحاظ کان پوري دنيا ۾ ڏهون نمبر ۽ جاپان ۾ نمبر ون يونيورسٽي ڪري ڳڻي ويندي آهي. هوُ 2002ع دوران بينگلور ۾ منعقد ڪيل ’ورلڊ سنسڪرت سميلن’ ۾ پڻ بهرو وٺي چڪو هئو ۽ بعد ۾ بمبئيءَ به ڪجهه ڏينهن لاءِ آيو هئو.

ڪلاس شروع ٿيو ته ماميا، ڪوباياشيءَ کي به اُهي سنڌيءَ وارا ڪتاب ڏنا ۽ اُهو به ٻين شاگردن سان گڏ ان ڏينهن وارو پڙهايل سمورو مواد سکڻ لڳو. جاپانين جي لحاظ کان هن کي انگريزي به سٺي پئي آئي؛ جو هو آمريڪا ۾ رهي چڪو هئو. دلبر ماڻهو پئي لڳو. مون کي ان جي صحبت ۾ ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هئو. تقريبن منو ڏينهن ويهڻ کان پوءِ 2:30 بجي واري ٽي- بريڪ ۾ هن اسان سڀني کان موڪلايو؛ جو اتي ’اوساڪا يونيورسٽي‘ جي هندي ڊپارٽمينٽ ۾ ئي هن جي زال پڻ پروفيسر هئي ۽ کيس ان سان ڪٿي وڃڻو هئو.

اڄ ڪلاس جو ماحول به بيحد خوشگوار لڳو پيو هئو. ان ڏينهن مون شاگردن کي طالب الموليٰ جو ڪلام ٻڌايو!

ويهه، نه وڃ او منهنجا مٺا،

اڃا توسان دل جون ڳالهيون ڪرڻيون اٿم.

ان سان گڏوگڏ مون حضرت شاه ڀٽائيءَ جو ڪلام به ٻڌايو.

جي ايندي چون ’آءٌ‘ ۽ ويندي چون ’ويهه‘

مون انهن بيتن جي جڏهن سمجهاڻي ٻڌائي ته هڪ اظطرابي ماحول پيدا ٿي ويو. هڪ عجيب ‘Liveliness’  پئي لڳي، جنهن ۾ سڀ هڪٻئي سان روحاني طور جڙيل هئاسين!

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے