20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪهت ڪبير صاحب ساهه پساهه ۾……!!:نوراحمد جنجهي

ڪبيرڀڳتيءَ ۾ کير کنڊ وارو ذائقو آهي. محبت جي مٺاس ۽ انسانيت جي الفت سان هو پنهنجي سنيهي کي سُچيت نموني پيش ڪري ٿو ته هيءَ ڪائنات هڪ اهڙو ڪُل آهي جنهن ۾ سمورا جز الڳ الڳ نظراچن ٿا پر اهي گڏجي هڪ ٿيڻا آهن. ماڻهوءَ کي پنهنجي سمجهه سُرت کي زمانن سان گڏي هلائڻو آهي. زمانن کي سمجهڻو آهي. زمانن کي سمجهائڻو آهي. عشق ڪائنات جو بنياد آهي. محبت ماڻهن ۾ جيڪو ڀائيچارو پيدا ڪري ٿي نفرت جي ان جي کُڙيءَ کيهه به پهچي نٿي سگهي. ڪبير مطابق ڪائنات هڪ اهڙو ماڳ آهي جنهن جي هرشئي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي. ڪائنات جي وشالتا ابديت جو هندورو آهي. ڪائنات ۾ ابديت  جي اکنڊ مُرلي سدائين وڄي رهي آهي جنهن مان پريم جي ڇم ڇم ڇمڪار سدائين نڪري ، هر سڻڻ سگهه کي ڪنهن نه ڪنهن نموني متاثر ڪري رهي آهي. عشق انسان جو امام آهي جيڪو ماڻهوءَ  جي رهنمائي ڪري ، ڪنهن پار پُڄائي ٿو. عشق کي ڪبير ”پريم “ ڪوٺي ٿو. پريم جو پُر پيالو ئي انساني زندگيءَ کي متحرڪ ڪري ٿو. ماڻهو عشق جي رهنمائي يعني پريم جي پيرويءَ ۾ اڳڀرو ٿئي ٿو ۽ پريم جي حد کان اڳتي  نڪري ست لوڪ يعني  سچ جي عالم ۾ داخل ٿئي ٿو. حقيقت جي اها حيران ڪندڙ وادي سئو سڳنڌن جهڙي  سُڳنڌ سان ڀرپور آهي جنهن جو ڪو پرو پانڌ نه آهي. اهو راڳ ڪروڙين سجن جيان روشن آهي. سچ جو سُر نرالو آهي. سدائين وڄي رهيو آهي. ڪبير چوي ٿو؛

مُرلي بجت اکهنڊ سدا سي، تهان پريم جهنکارا هي،

پريم حد تجي جب بهائي، ست لوک کي حد پن آئي،

اُڻهت سگندهه مها ادهکائي، جا کو وار نه پارا هي،

کوٽ بهان راگ کو رويا ، بين ست دهن بجي انوپا،

مُرلي من موهڻو ساز آهي جنهن جي وڄت واسينگن کي موهي ڇڏيندي آهي. چيو ويندو آهي ته نانگ  مُرليءَ کي چرندڙ ڪاٺي سمجهي جهومي ٿو پر ايئن ناهي  هر ڪاٺيءَ تي نانگ جهومي نٿو. مُرليءَ جو آواز نانگ کي موهت ڪري ٿو. اسان جو دوست صلاح درس (مرحوم) هڪ د فعو پنهنجي گهر ستو هو سندس ڇاتيءَ تي ٽيپ رڪارڊر وڳو پئي جنهن ۾ اقبال جوڳيءَ جي مُرليءَ جي ريل چڙهيل هئي. صلاح کي ننڊ اچي ويئي. ٿوري دير ۾ هڪڙو ڪارو نانگ ڪٿان نڪتو ۽ صلاح مرحوم جي ڇاتيءَ تي ٽيپ رڪارڊ سامهون ويهي ، ڦڻ ڪڍي مرليءَ تي مست ٿي جهومڻ لڳو. جڏهن مرلي بند ٿي ته لهي وڃڻ لڳو ته صلاح مرحوم سنڀاليو پر نانگ  پنهنجي ڌُن ۾ جهومندو هليو ويو . ايئن مرلي  روح کي رانئي ٿي. ڪبير کي ڪائنات ۾  چئني طرفن سچ جي مُرليءَ جي سدا ڪنن ۾ ٻُرندي محسوس ٿئي ٿي. هو ڪائنات کي ”اکنڊ“  سمجهي ٿو. پيار جي وڄت ۽ ڇم ڇم به محبت جي مُرلي آهي. پريم جي پُرپيالن پيئڻ کانپوءِ صداقت  جي سنسار ۾  وڃڻ ٿئي ٿو جنهن کي ڪبير ”ست لوڪ“ سڏي ٿو. سچ جي سنسار مان سدا سرهي سُڳنڌ نڪرندي رهي ٿي. ان جي واس سان هر شئي  خوشبودار ٿي پوي ٿي. ان سڳنڌ جو ڪبير مطابق ڪو دنگ درو ناهي. ان  راڳ جون ڪروڙين روپن واريون صورتون آهن. صداقت جي اها دلبر ڌُن نرالي آهي. محبت جي مُرلي ڪبير کي محبوب سان ملڻ لاءِ موهي ٿي.هڪ طرف محبت جي مُرلي وڄي ٿي ته ٻئي طرف جوڀن جواني آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ ورهه ويراڳ ٿئي ٿو. اها ويراڳي ”گيان“ جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي جتان پرينءَ جي پار جو پتو پوي ٿو. پار پتي واري چٺيءَ ۾ اگم سنيهو لکيل هوندو آهي. اهو اگم سنيهو ”مرڻ“ جي  ڀئو مان ڪڍي ٿو ڇڏي. اهي ماڻهو موت کي پنهنجي اڳ ۾ ڪري ڪاهي هلندا آهن . ڪبير جڏهن اهو اگم سنيهو سمجهي ٿو ته چئي ڏي ٿو ته هاڻي ”ابناسي“  يعني فنا نه ٿيندڙ ” ورُ“ ملي ويو آهي. ڪبير اظهاري ٿو؛

سکهيو هم هون بهئي بلماسي،

آيو جوڀن بره ستايو، اب مين گيان گلي اُڻهلاتي،

گيان گلي مين کهبر مل گئي،  همين ملي پيا کي پاتي،

وا پاتي مين اگم سنديسا، اب هم مرني کو نه ڊراتي،

کهين کبير سنو بهائي پياري، بر پائي ابناسي.

محبوب جي وڇوڙي جو درد جگر جيرا جلائي ٿو. اها ڪيفيت سُک چين ڦٽائي ڇڏي ٿي. ڏينهن جو چين ناهي. رات جو ننڊ ناهي. ڪنهن سان اهو سور سلجي. اهڙو ڪو همدرد ۽ همراز به ناهي. آڌي هجي يا اسور محبوب کانسواءِ ننڊ ناهي. رات وهامي وڃي ٿي پر پرين ناهي سو پرينءَ لاءِ ترسي ترسي سمهي پوان ٿي. ڪبير ويجهو انهي بيچينيءَ جو حل سائين جو ملڻ آهي. سائين جي ملڻ لاءِ ڪائنات جي هر وٿُ سنسار ۾ سرگردان آهي؛

سائين بن درد کريجي هوءِ،

دن نهين چين  رات نهين ننديا، کاهي کهون دکهه هوءِ،

آدهي رتيان پچهلي پهروا، سائين بنا ترس رهي سوءِ،

کهت کبير سنو بهائي پياري، سائين ملي سکهه هوءِ،

درد ۽ ويراڳ جي ڪيفيت ، ڪبير ڀڳت کي اُداس ڪري ٿي پر هُو ان اداسيءَ کي پنهنجي تصور جي تازگيءَ لاءِ استعمال ڪري ٿو.سنسار ۾ وڄندڙ صداقت جي مُرليءَ  جي سُر مان  آنند ماڻي ٿو. باهه کانسواءِ ئي کيس روشني نظر اچي ٿي. پاڙ کانسواءِ ڪنول سدائين تازو توانو نظرايندو آهي. رنگبرنگي  گُل ڦُل کڙي ۽ ٽڙي رهيا آهن. چڪور سدائين چنڊ تي پهچڻ لاءِ سرگردان رهندو آهي. ٻاٻيهو (چاتڪ) سانوڻ جي بوند لاءِ ريهون ڪندو رهندو آهي. اهڙي طرح ڪبير چوي ٿو ته سندس جيون پرينءَ جي پريم ۾   سنتن سان سگهارو ساٿ ٿي ويو آهي. فطرت جي مختلف  ڪيفيتن کي بيان ڪري ڪبير ان سرگردانيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو جنهن جو مظهر ڪنهن سبب کانسواءِ آهي. مالڪ جي قدرت سان جڏهن  جوت کانسواءِ بتي ٻرندي نظراچي  ٿي ، پاڙ کانسواءِ ڪنول پاڻيءَ تي ترندو رهي ٿو. رنگبرنگي گل رنگ بدلائين پيا. چڪور هميشه چنڊ تي پهچڻ جي آس ۾ ان ڏانهن ان ڳالهه ڄاڻڻ باوجود ته هو چنڊ کي پهچي نه سگهندو،  اُڏري رهيو آهي. ٻاٻيهو سانوڻ جي پلرجي بوندن لاءِ پنهنجي پياس کي سانڍي ، سانڀي ۽ سنڀالي هلي ٿو. اهڙي طرح  الک جو عشق سندس انگ انگ ۾ وسي ٿو جنهن ڪري  سنتن سان سندس سنگ سگهارو ٿي پيو آهي. ڪبير فرمائي ٿو؛

کون مُرلي شبد سن آنند بهيو،

جوت بري بن باتي،

بنا مول کي کمل پرگهٽ بهيو،

پهلوا پهلنت بهانت بهانتي،

جيسي چکور چندرما چتوي،

جيسي چاترک سوانتي،

تيسي سنت سرت کي هوکي

هوگئي جنم سنگهاتي

وجود جي ويراڳ جون ڳالهيون ڪرڻ چنڊ چڪور، ڪنول، پپيهي جا مثال ڏيڻ سان ڪبير انسان کي ڪائنات ۾ پنهنجي وجود جي حيثيت سمجهائي ٿو. وجود جي وحدت جي ماهيت مذڪوري ٿو. هو چوي ٿو ته  ”انهد“ جو واڄو وڄي رهيو آهي پرماڻهو ان کي ٻُڌن نٿا . اهڙي الک ڌُن کان بيخبر ماڻهو شاه ڪريم جي ٻول مطابق ”ٺلها ڊانڍا سکڻا“ آهن ۽ سندن جيئن جاڙ جيئڻ آهي. اهو سُريلو ڳاڄ وجود جي مُرليءَ ۾ وڄي رهيو آهي. انهي نغمي کي ٻاهر اچي ٻُڌڻ جو ڪوئي فائدو ناهي. پريم جو رس چکڻ کانسواءِ ڏيکاءَ وارو عمل اڪارٿ آهي. قاضي ٿي ڪتاب ڳولي رهيو آهي ٻين کي نصيحت  ڪري رهيو آهي پر هو جيڪڏهن ان حال جو حال محرم ناهي ته پوءِ ڪهڙو فائدو؟ جوڳي ۽ ڏگامبر ڪپڙن جا رنگ بدلائي ٿو پر هن رنگ کان واقف ناهي. مندر جهروڪن مان جهاتيون پائڻ، باغ جي گلن جو سير ڪري مالڪ ڳولڻ اجايو آهي. ڪبير چوي ٿو ته مالڪ ته ساه پساه ۾ آهي هر رون رون ءَ ۾ آهي. هو چوي ٿو؛

سنتا نهين دُهن کي کهبر انهد کا باجا باجتا،

رس مند مندر باجتا، باهر سُني تو کيا هوا،

اک پريم رس چاکها نهين، عملي هوا تو کيا هوا،

کاجي کتابين کهوجتا، کرتا نصيحت اور کو،

محرم نهين اس حال سي، کاجي هوا تو کيا هوا،

جوگي ڊگمبر سيوڙا، کپڙا رنگي رنگ لال سي،

واقف نهين اس رنگ سي کپڙا رنگي سي کيا هوا،

مندر جهروکا رائوڻي، گل چمن مين رهتي سدا،

کهتي کبيرا هين صحيح، هردم مين صاحب رم رها.

ڪبير پنهنجي شاعريءَ وسيلي ابديت جي سُريلي نغمي جي ڳالهه ڳائي ٿو. پريم رس جي سُريلي مُرليءَ جو ذڪر ڪري ٿو پر هرماڻهوءَ کي اها مُرلي ٻُڌڻ ۾ نٿي اچي. ماڻهو وجود جي آواز کي ورنائين نٿا ٻاهريان آواز کين ڇڪين ٿا اوڏانهن ڇڪجي وڃن ٿا. قاضي ٿي ڪتابي نصيحتون ڪن ٿا پر پاڻ کي حال محرم نٿا بنائين. فطرت ۾ نيارا مثال آهن جن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاتار ۾ پاڙون رکندڙ ڪنول  جو پاڻيءَ تي ترڻ، پپيهي جو پلر پاڻيءَ لاءَ اُڃ سانڍي جيئڻ ، جوت کانسواءِ بتيءَ جو ٻرڻ، چڪور جو چنڊ پويان لاحاصل جدوجهد ڪرڻ،  اهڙا مثال آهن جيڪي انسانن کي  قادر جي قدرت جي امڪان جي وسعت جو ڏس ڏين ٿا.انسان کي پنهنجي ساڃهه ۽ شعور جو دائرو وڌائڻ گهرجي جيئن اهي  امڪان جي انهي وسعت جي سڳي جو ڇيڙو پڪڙي سگهن. ڪبير جو پيغام  انتهائي ڏاهپ وارو ۽ انسان دوست سنيهو آهي جيڪو انسان کي پنهنجا ارتقائي مدارج طئي ڪرڻ  ۾ سونهون بنجي ٿو. ڪبير ڀڳت پنهنجي واڻين ۾ سلوڻا ۽ سادا پر معنادار لفظ ڪم آڻي ٿو جيئن ؛ اکنڊ (وسيع، سڄو سارو، کنڊ جو ضد ، کنڊ جي معنى ٽڪرو آهي) تجڻ (تياڳڻ)، ست لوڪ (سچ جي دنيا)،  سُڳنڌ (خوشبو)، ڪوڙ(ڪروڙ)،  بين (بين ، بانسري، پاوي جو مونث)  جوڀن (جواني) گيان (شعور ) اگم (جنهن جي خبر نه هجي، ڳجهو) سنديس (سنيهو) ابناسي (جيڪو ناس نه ٿئي)،  ڪمل (ڪنول) چاترڪ (پپيهو، تاڙو، ٻاٻيهو)، انهد (ابد)،  جوڳي (جوڳ پچائيندڙ) ڊگامبر(ٻوڌين جو فرقو) رائوٽي (تنبو، پکو) وغيره جهڙا ٻول ڪتب آڻيندي، پنهنجي ڳالهه انتهائي اثرائتي نموني سمجهائيندو اڳتي وڌنڌ و رهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے