26 جمعرات , اپریل 2018

ٿر ۽ انڊس ڊيلٽا جو لائيو اسٽاڪ سسٽم:مشتاق باگاڻي

ٿر ۽ انڊس ڊيلٽا جي لائيو اسٽاڪ سسٽم جي حياتياتي درجي بنديءَ ۾ اٺ کي پهرئين نمبر تي آڻي، گذريل مضمون ۾ ان جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو هو. هن درجي بنديءَ ۾ لائيو اسٽاڪ سسٽم جي ٻئي نسل ڳئون جي ذڪر سان اڄوڪي مضمون جي شروعات ڪيون ٿا.

هي آسٽريليا، آفريڪا، ايشيا توڙي يورپ جي ملڪن ۾ پالجندڙ اهم جانور آهي. موهن جي دڙي جنهن کي دنيا جي آڳاٽين تهذيبن جي سرواڻ ۽ سنڌو تهذيب جي سرواڻ شهر جي حيثيت حاصل آهي، مان لڀجندڙ ڍڳي واري مُهر، دنيا جي ايڪيهن وڏين تهذيبن جي پراڻن کنڊرن جي کوٽائيءَ مان لڀجندڙ سمورين شين کان اتم سمجهي وئي. هن جنس جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن ئي نسل ڪروڙن سالن کان انسان کي زندهه رکيو. هن غريب جانور کي مختلف طريقن سان استعمال ۾ آندو ويو. هن کي باربرداري، زمين کيڙڻ، نارن ۽ گهاڻن ۾ وهائڻ، گاڏين ۾ رٿ طور استعمال ڪرڻ ۽ گاڏيءَ ۾ جوٽي وهائڻ سميت گهڻن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن کي ماري وڍي ٽڪي هن جو گوشت به کاڌو ويو. هن جي چمڙي مان لباس ۽ ٻيون شيون ٺاهي ڪتب آنديون ويون. آخر ۾ هن جي هڏن کي پينهين ان مان به ڪي ڪيميڪل ٺاهيا ويا. هي قربانيءَ لاءِ به ڪٺو ويو، ڪن ملڪن ۾ هن جي پوڄا ڪئي وئي. هن جو هر طرح خيال رکيو ويو، هي انسان ذات لاءِ نهايت ئي ڪارائتو جانور رهيو. دنيا جي وڏن مذهبي ڪتابن ۾ هن جو ذڪر آيو.

ٿر ۾ هي اهم ۽ قيمتي جانور طور ڄاتو وڃي ٿو. رنگ ۽ نسل ۾ پارڪر جون ڪَڪِڙيون ڍڳيون مشهور آهن ۽ ڀوريون ڳئون به ڀلوڙ آهن. وسڪاري جي مند ۾ کير وڌائي وينديون آهن. ڏهڻ مهل ڦر ڇوڙي کير لاهڻ تي نينجيڻو کڻي، ونگ / ڍنگ وجهي، کير جي ڏهائي ڪن، ڪي ڍڳيون مِڙَڻ جون سوليون آهن ته ڪي کٽر. ڍڳين مان کير ڏهي ڪجهه ڦر جي لاءِ به کير بچائيندا آهن.

ڏوجهاري ڏهي، چنؤريءَ ڀريو کير،

ٻاري باهه بجير، ٽانڊي سيڪيا هٿڙا (م ب)

جي ڪنهن جو ڦَر مري ويندو آهي ته ان کي هيج ڪري ڏهڻ تي هيرائيندا آهن. ڏڪار جي حالتن ۾ گوار ۽ ٻاجهر کارائي اڀري يا ڏٻري ٿيڻ کان بچائين. آبادي ناهي ته مال گور پيو چرندو آهي، ڏهر، ڀٽون، پوٺا ۽ مڙها مال سان ڀريا پيا هوندا آهن. برسات جي مند ۾ مال ترائين مان ئي پاڻي پي ايندو آهي. ڏڪار جي حالتن ۾ کوهن ۽ ويئرين تان پاڻي پيارين. مال موٽي گهر اچي يا واريءَ جي ڀٽن ڀر وٿاڻن تي پهچي ته دونهين ضرور ڪن ته جيئن مڇر يا ڪُت کان مال محفوظ رهي.

کارا کٻڙ ڏيهه ۾، ٻيا واريءَ منجهه وٿاڻ

(شاهه)

صبوح جو ڏهائي ڪري مال پهرائين، ڌنار گڏ هجي نه هجي، مال پاڻهين واپس وٿاڻين وري ايندو. ننڍا گابا يا لُوارا مال سان گڏ پهرائين ان صورت ۾ انهن کي ٻوٿاڙي ڏيئي يا ڇڪا چارهي ڇڏين. جڏهن وڏا ٻاکڙ ٿين ته انهن کي ڇينڀڙا يا بولا ٻڌي ڇڏين. مال بيمار ٿئي ته ٻهراڙيءَ جو هٿراڌو علاج ڪن. مثال طور آڦرجي پوڻ جي صورت ۾ اڪ جي آلي ڪاٺي وات ۾ ڏيئي ان کي سڱن سان ٻڌي ڇڏين ته جيئن اوڳاڇي ۽ اڪ جو کير پيٽ ۾ وڃي ته ڍور ڇُڙي پوي. کُر پچي پون ته چانڀي جو تيل مکين، پير مڙي پون ته اوئن ۽ ڪپڙ گرم ڪري ٻڌن. پيت ۾ ڦر مري وڃي ته ڳڙ ۽ ڄاڻ گڏي پيارين، سمهڙو ٿئي ته ٽارن جو دونهون ڪن ۽ منهن تي ڄانڀي جو تيل مکين وغيره. وهڙن کي چاڙهيا ڪري يعني خصي ڪري ڇڏين، جيڪي هرن ۾ وهڻ لاءِ استعمال ڪن. ٿر ۾ ڪٿي چمڙو رڱائي ان مان جيتون، ساندارا، ڪوس، پخالون، وغيره ٺهرائين. کير جي ولوڙي مان ججهو گيهه گڏ ڪري وڪرو ڪن. سڃاڻپ لاءِ لک يا داغ ڏين، فروهڙا يا ڍڳا وڪڻن. مادي مال جي کپائڻ تي د ل ڪانه چوندي اٿن، البت مجبوري جي صورت ۾ ان کي به کپائي پنهنجي پورت ڪن.

ساڳي طرح لاڙ جا ۽ ڪي کاري جا ڊيلٽائي لوڪ به ججهي تعداد ۾ ڳائو مال ڌارين، سال 2006ع جي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ٺٽي جي هڪ رپورٽ مطابق ٺٽي ضلعي ۾ ڳائن جو تعداد 405575 هو. رنگ نسل ۾ ڳاڙهيون، مليري، گهگهي دار ڳئون مشهور آهن. کير جون ڀليون ٿين، لاڙ ۾ هرڪڙمَ قبيلي وٽ مال ڌارڻ جو رواج آهي پر خاص طور ٻروچن، پنهورن، جاکرن ۽ شورن جو ڳائو مال مشهور آهي، جوکين، خاصخيلين، سومرن، سرڪين، خشڪن، ڪماڻن، ٻروسرن، ٻيليچن، ڪانڌڙن، ڪيڙانن، زنئورن، زنگيجن، ٻهراڙيءَ جي ميمڻن، منگسين، بروهين ۽ ڀنڀرن وٽ به مال ڌارڻ جو رواج آهي.

ڪچي ۾ ڪَکُ گهڻو ٿئي، مال جو چرو آل جال ڀاڳين جا ڀاڻ ڀريا پيا هوندا آهن. پنهورن، شورن، جاکرن ۽ ٻروچن وڃي ٻيلا وسايا. هاڻوڪي دور ۾ ٻيلا وڍجي ويا. مال جي حوءِ وڃي ٿي سوڙهي ٿيندي. هٿ تي مال مهانگو پئجيو وڃي. وس ٿئي ته مال ڪاهي، سانگ ڪري وڃي جبل وسائين، ڏوٿين جو گذر ڏُٿ تي، رڳو ولوڙا ۽ وايون هونديون آهن. لاڙ واري ڪچي ۾ ٻوڙي چاهڪ ڇڊي پاڊي ڏسبي البت ڪٻهه، ساوڙي، ڀتر، ميڻا، ڳنڍير، ڊڀ، ڇٻر ۽ ٻيو گاهه جام ٿئي.

ڍاڍي علائقن ۾ مال ڏير تي پيو ٿوٿا کائيندو، جبل پار وسڪاري ۾ قسمين قسمين گاهه موري ايندا آهن. ڳم، ڳنڍير، للر، لنب، مليرو، سواڙي ۽ ٻين انيڪ گاهن جي سائي چادر وڇائجي ويندي آهي، ڏهائي ڪري مال پهرائين، پاڻي ترائن تي پيارين، شام جو وٿاڻين ورن ته وريتڙيون ونگ وجهي، ڏهائي ڪري، کير جا ڀاڳيا ڀري رکن. ٿوري سبائڻ وجهي کير ڄمائي رکن، صبوح جو ولوڙا ڪري مکڻ ڀرين هٿڙا، ڌؤنرو، جهڻ، لسي خوب کائين، ڪُت مڇر کان دونهيون ڪن. اهڙي طرح مال هنن جي جياپي جو وڏو ذريعو آهي. ڳاڙهين مليري ڳئن تي مون ڪي بيت سرجيا هئا، هتي بي مهل نه ٿيندا، قلمبند ڪرڻ جي اجازت ٿو گهران.

ڳاڙهيون ڳئون ملير جون، ڀريل سندن اوهه،

تڳن تنهنجي توهه، مارو سڀ ملير جا،

 

ڳاڙهيون ڳئون ملير جون، ٿلها سندن ٿڻ،

ميڙي کوڙ مکڻ، سَرهيون ٿيون سنگهاريون،

 

ڳاڙهيون ڳئون ملير جون، ڀلا سندن پار،

ارا، نمرا، پاڻ ۾، کليو ڪن کينڪار،

ڌورڙ تي ڌنار، ڪٺي ٿيا ڪانجهيءَ لئه،

 

ڳاڙهيون ڳئون ملير جون، گابا جنين گور،

ڍري مٿان ڍور، پاڻيءَ پيئڻ آئيون.

 

ڳاڙهيون ڳئون ملير جون، سهڻا سندن ڦر،

وڏي وير ميڙائتيون، جام جنين ۾ جر،

گهمي آئيون گهر، مڙڻ لئه مهلائتيون،

 

ڳاڙهيون ڳئون ملير جون، سهڻا سندن کُر،

مڙڻ ڪاڻ مهلائتيون، لڏنديون اچن لُر،

چؤنريون ڪري پُر، ڏوها ڏهي اٿيا،

 

ڳاڙهيون ڳئون ملير جون، ڏوها ٿا ڏهن،

ٺولها ٺڪرن جا ڀريو، پَسون پِس پين،

ور ورڪيو وين، گايون گابارن جون،

گايون گابارن جون، وڏي وس چرن،

ڦريو ساڻ ڦرن، وريون وٿاڻن ڏي.

وبر مينهون: ٿر ۽ کاري پار ماهيو مال گهٽ نظر ايندو، شاهوڪارن وٽ البت مينهون ڌاريل هونديون آهن. مينهن جي ٽينهن ڏکي آهي، ٻيو ته هي وڏ قوتيو جانور آهي. عمرڪوٽ ۽ ٻين شهري علائقن ۾ ڪجهه ماهيو مال ڏسڻ ۾ ايندو، پر ان جو گذر هٿ تي هوندو. مينهن پاڻيءَ جو جانور آهي، ان کي ڪچو وڌيڪ ڀانءِ پوي ٿو. انڊس ڊيلٽا جو احاطو ڪندي پاڻ گهاري کان ليٿ، ميرپور ساڪرو، ور، پير پٺو، ڪٽ صدناڻي ۽ ڳاڙهڪي ٻيلي کان درياهه مٽي ڪونج ٻيلي کان شاهٻندر، جاتي ويندي بدينڻ تائين جي ليڪ ڪڍي اچون ته انڊس ڊيلٽا جي ان پٽيءَ تي ماهيو مال نظر ايندو. 2006ع جي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ٺٽي جي هڪ شايع ٿيل رپورٽ مطابق ٺٽي ضلعي ۾ مينهن جو تعداد 392560 هو. سنڌي اتهاس ۾ ڀٽائي صاحب هن جانور جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي ۽ دعا ڪئي اٿس.

مينهون هن ميهار جون، الا سڀ جين،

ڪاريون، ڪڪيون، ڪُنڍيون، وارا ڪيو وين،

جوءِ جا جاندارن جي، ٻيلا ٻهه بهه ڪن،

اچي ريل رهن، مون سانڀارا سپرين.

(شاهه)

مينهن جو کير ۽ ان مان ٺهندڙ شيون ڌنئورو، مهي، مکڻ، گيهه ۽ لسي کائڻ جي ڪم اچن ٿيون، هن جو گوشت کاڌو وڃي ٿو ۽ کل رڱي ان مان چمڙي جو سامان ٺاهيو وڃي ٿو، هي نهايت ئي قيمتي پالتو جانور آهي. ڊيلٽا سميت سڄي سنڌ ۾ بديڻائي نسل جون مينهون گهڻي کير ڏيڻ ۽ سونهن جي ڪري مشهور آهن. مينهن جا ڪيترائي قسم آهن. رنگ جو ڪاريون، گجريون، ڀوريون، بور ۽ سڱن ۾ ڏٻيون، ڀلون، ڪُنڍيون، وغيره. مينهن ڍُڪي ٿيڻ کانپوءِ ڏهن مهينن کانپوءِ ويامندي آهي. نر کي پاڏوءِ ماديءَ کي پاڏي سڏيندا آهن، مينهن کي به چڙا، سانڀرون، ڊگريون ۽ کرڪيون وغيره پارائيندا آهن. مال ڀاڻن تي ايندو ته دونهيون ڪندا آهن، ٻيلن ۾ به ڀاڳين جا ڀاڻ ڏسڻ ۾ ايندا.

چوڌاري چڙا، ٻُرن ٻيلاين جا،

سُتي سنڀارن جو، پيم ڪن پڙاءُ.

(شاهه)

ساري سنڌ توڙي سڄي دنيا ۾ مينهن ڪمائتو ۽ قميتي جانور سمجهيو ويندو آهي. وبر ٻڪريون: ٿري توڙي ڊيلٽائين لوڪن لاءِ ٻاڪرو مال ڌارڻ ۽ چارڻ نفعي بخش ۽ سولو آهي. ٿر ۾ لپري، گيڊ، ٻسي، ٻٽڪي، چيڙي ۽ چسڪي وغيره نالن سان سڏجن. رنگن ۾ ٻولهائي، ٽڪري، جهري، ڪٻري، چائوري ۽ پٽوري رنگن واريون ٻڪريون ٿين.

لاڙ واري پاسي، ڪاموريون، ٽپريون، ٻولاهئيون، بڊيون، گوراڙون، ڪُريون ۽ ڪنر ٿين. ڪامورين جا ڪن ڊگها ٿين ٿا، بدن تي اجرڪ وانگر ڳارها ناسي ٽڪڙا ٿين، سڱ سهڻا گرمٽ وانگر ور وڪڙ وارا ٿين، هي اعليٰ نسل جون ٻڪريون آهن، هن نسل کي قوت وڏو گهرجي، ٻٻر ۽ ان جا پلڙا، ڪامهن، کيرل ۽ ڀتر جهڙو طاقتور گاهه هوندو ته وڌيڪ سڀريون ۽ سهڻيون لڳنديون، هن نسل واريون ٻڪريون شاهوڪار يا شوقين ماڻهو ڌاريندا آهن. هي نسل هاڻ Decline ڪندو ختم ٿيندو پيو وڃي، يعني Under threat آهي. هن نسل کي بچائڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪي اپاءُ به ورتا ويا آهن. ڪاموري گوٽ فارم قائم ڪيا ويا آهن.

دادوءَ کان ڇهه ست ميل ڏکڻ طرف موجود ڪاموري گوٽ فارم ويهارو سال کن اڳ ڏسڻ جو موقعو مليو. ڌڻ ته ڪافي وڏو هو پر افسوس جو ان ۾ هڪ به اعليٰ نسل جي ڪاموري ٻڪري نظر ڪانه آهي. رنگدار ٻڪريون هيون پر جهڙيون ڀٽين، سيدن، سمن ۽ جوڻن وٽ ڪاموريون ٻڪريون آهن، اهڙي هڪڙي به ڪانه هئي، هاڻ ته بدين ٻڪرين جو رواج اچي پيو آهي، هنن جي مُنڍي ۽ پير رنگين ٿين، باقي سڄو بدن ڀورو ۽ اڇو ٿئي ۽ ڪن ڊگها ٿين، هي ٻئي نسل قداور آهن، ٽپريون قد جون هلڪيون ٿين، سڱ سهڻا وريل ٿيندا اٿن. بدن تي ڳاڙهي ناسي رنگ جون ٽڪڙيون ٿين، هي هلڻ مهل نهايت ئي خوبصورت لڳنديون آهن. هي نسل سيکاٽ، مٽياريون، هالا، خيبر، ٽنڊو آدم ۽ سعيدآباد پاسي گهڻو ڌاريو ويندو آهي، ڪن ٻڪرين کي ڳچيءَ ۾ لٿڪا ٿيندا آهن، هي نسل ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ ٿيندو آهي، ڏاڙهيءَ سان جابلو ٻڪريون به مشهرو آهن. کير جون ڀليون ۽ سخت جان ٿينديون آهن، ڊيلٽا پاسي ٻڪريون قد جون پوريون پينون، ڪن ننڍا، ڳچون ڊگهيون ائيون ۽ گوراڙون سڏجن، ٻڪري هر قسم جو گاهه کائيندي آهي، سڀني شاعرن ٻاڪري مال کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو آهي، مير عبدالحسن سانگي پڙهو؛

ڪيا سنڌ ۾ آهن ساوڻ سڪار، سڄو ملڪ آهي ٿيو مينگهه ۽ ملار،

پنهواريون ٿيون چارين پٽن تي پهون، ڇيڪارين ڇيلا تڻن ڪيو تنوار،

ڇٻر ۾ ڇڙيل کائي ڇيلن جي ڇانگ، ڪلورو،مريڙو، لُلر ۽ ليار..

(سانگي)

هن مال جي قرباني گهڻي ڪئي ويندي آهي، ٺٽي ضلعي ۾ ٻڪرين جو تعداد 285830 هو.

بولڊ رڍون؛ ٿر ۾ ريڍو مال گهڻو ڏٺو ويو، ڪنهن جاءِ تي ٻه چار پهرو ٻڪرين سان گڏ چرندي ڏٺا ويا.چيو ويو ته ريٻارين وٽ ريڍو مال آهي، رڍ جي اُن قيمتي آهي، جنهن مان گرم لباس ڇاڙهيون ۽ کٿيون اڄيون وڃن ٿيون، ٻولاهين ۽ ڪا.رين رڍن جي ان جو مان گهڻو آهي. لطيف سرڪار جن فرمائين ٿا؛

ڀرم ڀاروڙي رهي، جنهن ۾ اڇي اُن،

ته پڻ ويٺي ونڌيان، توڙي پونس تُن..

(شاهه)

ٿر کان علاوا لاڙ ۽ کاريي جي پاسي رڍن جا ولر ڏسڻ ۾ ايندا، رڍ  جو گوشت کاڌو وڃي ٿو ۽ چمڙي مان لباس ۽ ٻيون شيون ٺاهيو وڃن ٿيون. هن جانور جي قرباني به ڪئي ويندي آهي، هن جي قسمن ۾ ڪريون، ڪنر، ليڙيون، اورڀون شامل آهن. عام طور ٻه ٻه ڦر ڏينديون آهن، ڀٽائيءَ جون واکاڻيل آهن

اُن ايلاچنئون اڳري، بخمل بافتن،

لٿو سيءُ لطيف چئي، ٻڌو ڦڻ ڦرن،

اوءِ ٿا ڪورين ڪوئنري، سرتيون مٿان سسن..(شاهه)

ڪوهستان توڙي ڊيلٽائي لوڪن وٽ رڍون اهم چوپائي مال جي حيثيت رکن ٿيون، هڪ رپورٽ مطابق ٺٽي ضلعي ۾ رڍن جو تعداد 209440 هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ زنده جاويد فلم اکين سامهون هئي!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

يونيورسل اسٽوڊيو، هالي ووڊ سمورو ئي هڪ پهاڙي نما سرزمين تي ڏاڍي وسيع ايراضيءَ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے