25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

علاج بدران پرهيز تي رقمون سيڙائڻ جي گُهرج

سنڌ سرڪار آڏو تعليم، صحت، روزگار ۽ ترقي جا اهم مسئلا سامهون آهن. سرشتو ورهين کان اونڌو هجڻ ڪري سڌو ئي نه ٿو ٿئي. ٿورڙيون لاڀائتيون ڪوششون ٿين ٿيون ته وري اوليتون بدلجي وڃن ٿيون. وري ڳالهه ٻڙيءَ کان شروع ٿئي ٿي. انهن بهترين اوليتن آڏو ظاهري طور سياست سامهون اچي ٿي جنهن ڪري هر قسم جي حڪمران ڌر عوام کي سهنج ڏيڻ بدران اهنج ڏئي ٿي ۽ جيڪي چڱايون سامهون نروار ٿيڻ کپن اهي به انهن خرابين جي وزن هيٺان دٻجي وڃن ٿيون. سرڪار ان وزن کي هٽائڻ لاءِ وري نيون ڪوششون ڪري ٿي ته مٿان وري ٻيون اوليتون سامهون اچن ٿيون، جنهن ڪري اسان کي اميد ڀرئي آئيندي جي بدران اونداهه جو سمونڊ نوان طوفان ڀري آڻي ٿو.

تعليم جي سلسلي جو حال اهو آهي ته سنڌ سرڪار جي لاءِ مستند تنظيم ”الف اعلان“ جي سروي موجب ملڪ جي ستن علائقن ۽ صوبن ۾ سنڌ ڇهين نمبر تي آهي. ڪشمير ۽ پنجاب سان مقابلو ته ڇڏيو، سنڌ جي تعليمي صورتحال جنگ ۽ شورش جي ور چڙهيل بلوچستان کان به بدتر ۽ پوئتي آهي. اسان لاءِ باقي خوشخبري اها بچي آهي ته سنڌ جو تعليمي نظام رڳو ”فاٽا“ کان بهتر آهي. جتي سرحدي لڙائي، ڊرون حملا، لوڪل ۽ عالمي دلچسپيون گڏوگڏ سفر ڪن ٿيون.

ڪالهه، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سرڪار انهن سمورن استادن مٿان چڙهت ڪري انهن جي احتجاج کي ختم ڪرڻ لاءِ اهي ساڳيا طريقا ڪتب آندا آهن، جيڪي گذريل هفتي آبادگارن سان لاڳو ڪيا ويا هئا. انهن جو پهريون ۽ آخري ڏوهه پنهنجي جائز مطالبن لاءِ انتظاميا جي ”ڳاڙهي ليڪ“ يا ريڊ زون پار ڪرڻ هيو. تشدد جي ان طريقي کان پوءِ تعليم کاتي انهن اين ٽي ايس پاس استادن جي ڪانٽريڪٽ ۾ بنا دير ڇهن مهينن جي واڌ ڪئي آهي، پر عقل وري به اهو سوال ڪري ٿو ته استادن کي ناراض ڪرڻ کانسواءِ ڇا اهو آرڊر نه پئي ٿي سگهيو؟ ڇا لٺين جي ڪڙڪاٽ وسيلي ئي عوام کي سهنجايون ڏيڻ آخري آپشن بچيو آهي؟

ٻئي پاسي، سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ ۾ طبي سهولتن جي اڻهوند ۽ غير فراهمي واري معاملي تي سنڌسرڪار  کي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالتي ٻڌڻيءَ ۾ سنڌ سرڪار پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي. عدالت ان داخل ڪرايل رپورٽ تي ڪجهه اعتراض واريندي صوبائي حڪومت جي رپورٽ واپس ڪري ڇڏي. عدالت سرڪاري وڪيل کي حڪم ڏنو ته تفصيلي رپورٽ ٺاهي اچو، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو  ته ڪيتريون سهولتون ڏيو پيا ۽ اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جون ڪيتريون جايون خالي آهن، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. نامياري وڪيل شهاب اوستي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جي غيرمعيار سهولتن ۽ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي پنهنجي موقف ۾ چيو ته سڄي سنڌ ۾سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ آهي .جنهن ڪري ماڻهو جي مرڻ جي شرح ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پاڪستان جي مختلف علائقن ۽ صوبن ۾ صحت جي باري ۾ اها عالمي ترڪيب اختيار ڪئي وئي آهي ته ”علاج کان پرهيز بهتر آهي“. سڄي دنيا سميت پاڪستان جا سمورا ماهر ان ڳالهه تي سهمت آهن ته پرهيز وسيلي ڪل خرچ 10 سيڪڙو ۽ علاج تي خرچ 90 سيڪڙو اچي ٿو.

سنڌ سرڪار جيڪڏهن صاف پاڻي پهچائڻ واري رٿا تي پابندي سان عمل ڪرائيندي ته ان جو هڪ دفعو اربين رپيا خرچ ايندو پر خراب پاڻيءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين تي علاج لاءِ ڏهه ڀيرا وڌيڪ رقمون خرچ ڪرڻيون پونديون. سنڌ جيڪڏهن ملاوٽ ۽ ڪتب آندل سين ۽ سرنجن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 10 سيڪڙو خرچ ڪندي ته هيپيٽائيٽس جي سمورن قسمن مان نه رڳو سنڌ جي عوام جي جان ڇٽي پوندي. ٿورڙي خيال ڪرڻ سان جي سنڌ هيپيٽائيٽس مان جان ڇڏائي وڃي ته ڪٽنبن تي ايندڙ قيامتون پڻ رڪجي سگهنديون. مثالطور؛ سنڌ سرڪار ۽ ان جي پوليس سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ڪيل قانون موجب گٽڪي، مئن پڙي، زهريلين سوپارين جي ٺهڻ، آڻڻ، نيئڻ، سپلاءِ ڪرڻ ۽ وڪري تي سختي سان ضابطور آڻيندي ته رڳو ڪراچي ۽ سامونڊي ضلعن ٺٽي بدين جا هزارين انسان وات جي ڪئنسر کان بچي سگهندا. انهن بيمارين تي ايندڙ خرچ جيڪو هڪ پاسي عوام کي ڪنگال بڻائي ٿو ته ٻئي پاسي سنڌ سرڪار تي عوام جي پرگهور نه لهڻ جو الزام ۽ ان سان گڏ ان سموري وهنوار ۾ اربين رپين جون دوائون ۽ انهن تي ڪرپشن جو الڳ کاتو ٺهي ٿو. بيمارين ۽ انهن جي علاج سان عوام جو وڏو حصو وڌيڪ غريب ٿئي ٿو ۽ بدامني ۽ ڏوهاري بڻجڻ جون ڪيفيتون لازمي ڪم ٿي پون ٿيون.

اهڙي طرح جي سنڌ سرڪار هٿيارن جي وهنوار تي ڪنٽرول ڪري پنهنجي ايجنسي نيٽ ورڪ کي بهتر ڪرڻ تي خرچ ڪندي ته نه رڳو دهشتگردي ڪنٽرول ۾ ايندي پر نئين قسم جي دهشتگردي به پنهنجا پر ساهي نه سگهندي. پوليس جي بهترين هجڻ سان امن بهترين ٿي سگهي ٿو ته ان پوليس تي خرچ ڪرڻ ۽ سيڙپ ڪرڻ انهن رقمن کان گهڻو گهٽ آهن جيڪي بدامنيءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ خرچ ڪيون وڃن ٿيون.

اسان سنڌ سرڪار کي گذارش ڪنداسين ته مهرباني ڪري تعليمي پاليسي جي باري ۾ جيڪي به فيصلا ڪيل آهن، انهن بابت عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. عوام تي لاٺي چارج ڪرڻ علاج ناهي، ان کان پرهيز ڪندي پنهنجي سياست کي بچائڻ گهرجي. سنڌ ۾ علاج کان اڳ عوام لاءِ پرهيزي طريقا اختيار ڪيا وڃن ۽ اربين رپيا علاج تي سيڙائڻ بدران اهي رقمون پرهيز ۽ احتياط تي ڪتب آنديون وڃن.

خميس 21  ڊسمبر 2017ع، 2  ربيع الثاني  1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي

پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ عوام جون تمام گهڻيون اميدون ان سان سلهاڙجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے