21 ہفتہ , اپریل 2018

سعودي عرب تي ايراني ميزائل سان حملا ٿيا: آمريڪا جي دعويٰ

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير جو چوڻ آهي ته يمن مان سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ڏانهن فائر ڪيل ميزائل تي ايران جو نشان آهي جڏهن ته تهران حڪومت الزامن جي ترديد ڪئي آهي. نيويارڪ ۾ سلامتي ڪونسل کي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي مستقل سفير نڪي هيلي جو چوڻ آهي ته حوثين طرفان سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ڏانهن فائر ڪيل ميزائل تي ايران جي ڏنل هٿيارن جو نشان هو جيڪو گذريل حملن ۾ به استعمال ٿيو، ايران جي اهڙن قدمن سان دنيا ۾ وسيع علائقائي تڪرار جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان تي لازم آهي ته تهران جي حڪومت جي ڏوهن کي بي نقاب ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ايران کي اسان جو پيغام مليو، جيڪڏهن اسان ائين نه ڪنداسين ته ايران دنيا جي وسيع پيماني تي علائقي تڪرار ۾ گهليو ويندو. ٻئي پاسي يمن ۾ عرب اتحادي فوجن جي ترجمان ڪرنل ترڪي المالڪي چيو آهي ته ايراني طرفان ڏنل بيلسٽڪ ميزائلن جي حلمن سان خطي کي سنگين خطرا لاڳو ٿيندا ان ڪري انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”ٽش اش يوور پائلٽ شپيڪنگ“ نشي ۾ ڌُت برطانوي پائلٽ گرفتار

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي ايئرلائن برٽش ايئرويز ۾ نشي ۾ ڌُت پائلٽ کي عملي جي شڪايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے