25 سومر , جون 2018

عوام کي چڱي ريت خبر آهي ته ڪير ڳالهيون ۽ ڪير خدمت ڪري رهيو آهي: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته عوام ڌرڻا يا نعرا نٿو چاهي پر مسئلن جو عملي حل چاهي ٿو، عوام کي چڱي ريت خبر آهي ته ڪير ڳالهيون ۽ ڪير خدمت ڪري رهيو آهي، اسان ناڪاري سياست جي بنا ڪنهن پرواهه جي ترقي جي سفر کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته سندن حڪومت ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته سندن حڪومت ناڪاري سياست جي بنا ڪنهن پرواهه جي ترقي جي سفر کي اڳتي وڌائي رهي آهي. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته اسان لاءِ عوام جي خدمت کان وڌيڪ ٻي ڪا به ترجيح نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته ڪير ڳالهيون ڪري پيو ۽ ڪير عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي. شهبازشريف چيو ته عوام ڌرڻا يا نعرا نه پر پنهنجي مسئلن جو عملي حل چاهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asked for Zulfiqar Bakhari NAB in Rawalpindi, on June 27

ذلفي بخاري  نيب راولپنڊي ۾ پيش، 27 جون تي ٻيهر طلب

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ويجهي دوست ذلفي بخاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے