16 سومر , جولاءِ 2018

بلوچستان جي علائقي حب ۾ مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر، 2 مسافر فوت ، 18 زخمي

حب(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي حب ۾ مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 18 مسافر زخمي ٿي پيا آهن. حب ۾ وندر ويجهو گوادر کان ڪراچي ايندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 18 مسافر زخمي ٿي پيا. اطلاع تي رضاڪارن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. ريسڪيو ذريعن موجب، حادثي کانپوءِ ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، جڏهن ته فوتين ۾ هڪ ٻارڙي به شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جاويد هاشمي کي نواز شريف سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ جاويد هاشمي کي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے