19 اربع , سيپٽمبر 2018

مالا ڪنڊ ايجنسي ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، ماءُ ۽ پٽ فوت، 4 ڄڻا زخمي

مالاڪنڊ(ويب ڊيسڪ) مالاڪنڊ ايجنسي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ماءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمين کي اسپتال اماڻيو ويو. تفصيل موجب گهر جي ڇت ڪرڻ وارو واقعو مالاڪنڊ ايجنسي جي علائقي سخا ڪوٽ ۾ پيش آيو جتي ملبي هيٺان دٻجي ماءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا جڏهن ته پيءُ سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ ملبي هيٺان فوت ٿيلن ۽ زخمين کي ڪڍيو،  لاش ۽ زخمين کي اسپتال اماڻيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري اسپتالن ۾ کدڙن فقيرن جو الڳ وارڊ، پنجاب جي صحت واري کاتي کان تجويزون طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ الڳ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے