18 جمعرات , جنوری 2018

وقت سر چونڊون ٿيڻ جا آثار

ٻن مڪمل ابتڙ رُخن کان سينيٽ جي ايوان ۾ ٿيل ٻن اهم اجلاسن جي ڪري پاڪستان ۾ جمهوري سرڪار جي مُدي پوري ٿيڻ ۽ چونڊون وقت سر ٿيڻ جا يقيني امڪان پيدا ٿي پيا آهن. پاڪستاني فوج جي سربراهه، ملڪي ايجنسين جي سربراهن ۽ سينيٽرن جي گڏيل حاضريءَ سان اهي اجلاس نتيجي تي پهتا. پاڪستان آرمي جيڪا تاريخي طور سولين کان پري رهندي آهي تنهن تاريخ ۾ پهريون سينيٽ ايوان ۾ ملڪ جي بچاءَ سميت عالمي مامرن کان نه رڳو آگاهه ڪيو پر ان سلسلي ۾ سموريون ڳالهيون پيش ڪيون.

ڪالهه سينيٽ جي ايوان 24 آئيني ترميم جو بل 2017ع منظور ڪري ڇڏيو آهي. ان بل جي ڪري ملڪ ۾ آدمشماري جي آيل جزوري ڳڻپ جي بنياد تي نيون تڪبنديون ڪري سگهبيون. قومي اسيمبلي اهو بل گذريل مهيني اڳواٽ ئي پاس ڪري ڇڏيو هو پر، پاڪستان پيپلزپارٽي جي خدشن سبب اهو بل سينيٽ ۾ لٽڪيل هيو. ان بل جي حمايت ۾ 84 ووٽ ۽ مخالفت ۾ هڪ ووٽ سامهون آيو.

ان ترميمي بل جي ڪري پنجاب جي آدمشماري جيڪا 52 سيڪڙو بيٺي آهي تنهن جو گهٽ ٿيندڙ سيٽون خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان صوبن جي حوالي ٿينديون جڏهن ته سنڌ جي سيٽن ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ٿيندي.

وزير اعظم شاهد خاقان عباسي گذريل ڏينهن مخالف ڌر اڳواڻن سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ تڪ بندين بابت بل تي ڊيڊ لاڪ ختم ڪري ان کي اڄ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي منظور ڪيو ويو.  اهو بل قومي اسيمبلي مان منظوري بعد گذريل مهيني 17 نومبر تي سينيٽ جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻو هو پر پاڪستنا پيپلز پارٽي جي خدشن جي ڪري پيش نه ٿي سگهيو هو جنهن ڪري 104 سينيٽرن جي ايوان ۾ رڳو 58 ميمبر موجود هيا ۽ قورم جي پوري نه هجڻ سبب اهو بل پاس نه ٿي سگهيو هو. اهو بل 20 نومبر ۽ 22 نومبر تي ٻيهر پيش ڪيو ويو، پر قورم جي سبب اهو وري به بحث هيٺ نه اچي سگهيو.

ان کان اڳ، سينيٽ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين رضارباني جي صدارت ۾ ٿيو ،جنهن ۾ آرمي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا قومي سلامتي جي باري ۾ لڳاتار چارڪلاڪ بريفنگ ڏني.

اهو اجلاس ان حوالي سان به اهميت تي ٻڌل هو ته پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ فوج جي سربراهه ۽ ڊي جي ملٽري آپريشنز سينٽ کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، ڊي جي ايم او جنرل ساحر شمشاد مرزا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ۽ ڊي جي ايم آءِ به موجود هئا. ذريعن موجب پاڪ فوج جي سربراهه سينيٽرن کي علائقائي ۽ قومي سلامتي جي صورتحال خاص ڪري سعودي اسلامي فوجي اتحاد ۾ پاڪستان جي شموليت تي اعتماد ۾ ورتو. بريفنگ کان پوءِ سوالن ۽ جوابن جو سيشن به ٿيو جنهن ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي سوالن جا جواب عسڪري اختيارين ڏنا. ڪميٽي جو اجلاس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان جي ڪري گهرايو ويو هو جنهن دوران اڳتي لاءِ حڪمت عملي به ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ گم ٿيل ماڻهن، فيض آباد ڌرڻي ۽ طالبان ۽ داعش بابت به سوال پڇيا ويا.

اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشن ميجرجنرل ساحر شمشاد خطي جي حڪمت عملي، صورتحال، قومي سلامتي ۽ چئلينج ۽ دهشتگردي مخالف لڙائي جي باري ۾ تازي ڄاڻ ڏني. خطي ۾ ملٽري آپريشن جي تازي ۽ ايندڙ نقشي تي سينيٽرن لاڳاپيل سوال پڻ پڇيا جن تي سيرحاصل بحث ڪيو ويو.

آرمي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا ان بريفنگ کان پوءِ ملڪ جي اندروني صورتحال، فيض آباد ڌرڻي ۾ آرمي موقف، آپريشن ردالفساد، فوجي عدالتن، ڪراچي رينجرز آپريشن تي تفصيلي ڳالهايو.

آرمي سربراهه پاران فيض آباد ڌرڻي ۾ فوج جي ڪنهن به مداخلت جي ثابتي تي ذاتي سزا کائڻ جهڙي ڳالهه ڪرڻ پڻ هڪ نئين بحث جي دعوت ٿي سگهي ٿو. پر سندس پاران ان اظهار جي ڪري جمهوري ڪئمپ ۾ اطمينان پڻ پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. هن فيض آباد ڌرڻي جي خاتمي کان پوءِ رينجرز جي ڊي جي پاران سرگرمي ڪرڻ کي خراب سنئوڻ ڪوٺيو.   ان کان اڳيان آرمي سربراهه جو اهو چوڻ ته رٽائرڊ فوجي آفيسرن پاران ٽي ويئن تي تبصرا ۽ تجزيا ڪرڻ سان آرمي جو ڪوبه ڪم نه وڃي. هن ملڪ جي پرڏيهي ۽ بچاءَ جي مامرن باري ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ڪندي چيو آهي ته ادارا پاليسيون ٺاهيندا ته فوج عمل ڪري سگهندي. ذريعن موجب آرمي چيف جي نظر ۾ ملڪ اندر صدارتي نظام وڌيڪ ورهاست ڪندو.

ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ بريفنگ مئي 2009ع ۾ تڏهن ڏني ويئي هئي، جڏهن سوات ۾ بنيادپرستن جي پاران فوج ۽ عوام جو وڏو نقصان ڪري پاڪستان مخالف صورتحال پيدا ڪئي ويئي هئي. ان کان پوءِ ٻين بريفنگ مئي 2011ع ۾ اساما بن لادن جي قتل آپريشن بابت ڏني ويئي هئي.

ٿورڙو غور ڪجي ته ڪنهن به ملڪ جي آرمي پاران چونڊيل ايوانن ۾ بريفنگ عام ڳالهه هجي ٿي پر پاڪستان ۾ جيئن ته اهي گهڻي ڀاڱي ٻه ڌريون سڏجن ٿيون ان ڪري سندن پيج ۽ ويڄ ٻيا ٻيا نظر ايندا آهن. آرمي پاران ملڪ جي اهم ترين سياسي ۽ سماجي موڙن تي اهي بريفنگ ڏنيون ويون آهن پر انهن ۾ وٿي هجڻ سبب ڪيئي ڳالهيون ٻنهي ڌرين کي وٿيرڪو ڪنديون رهيون آهن.

اربع 20 ڊسمبر 2017ع، پهرين ربيع الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے